1
متي 36:12-37
Sindhi Bible FB
SB
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بيڏوهي قرار ڏياريندا.“
مقایسه
متي 12:36-37 را جستجو کنید
2
متي 34:12
سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.
متي 12:34 را جستجو کنید
3
متي 35:12
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.
متي 12:35 را جستجو کنید
4
متي 31:12
تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ گناهہ يا ڪفر جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهو هرگز نہ بخشيو ويندو.
متي 12:31 را جستجو کنید
5
متي 33:12
عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي.
متي 12:33 را جستجو کنید