1
مرقس 24:11
Sindhi Bible FB
SB
تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين دعا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.
مقایسه
مرقس 11:24 را جستجو کنید
2
مرقس 23:11
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.
مرقس 11:23 را جستجو کنید
3
مرقس 25:11-26
جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“
مرقس 11:25-26 را جستجو کنید
4
مرقس 22:11
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”خدا تي پورو ايمان رکو.
مرقس 11:22 را جستجو کنید
5
مرقس 17:11
پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
مرقس 11:17 را جستجو کنید
6
مرقس 9:11
جيڪي ماڻهو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي!
مرقس 11:9 را جستجو کنید
7
مرقس 10:11
سڀاڳي آهي اسان جي ابي دائود جي گھراڻي جي ايندڙ بادشاهي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“
مرقس 11:10 را جستجو کنید