1
رومين 2:12
Sindhi Bible FB
SB
پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
مقایسه
رومين 12:2 را جستجو کنید
2
رومين 1:12
تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.
رومين 12:1 را جستجو کنید
3
رومين 12:12
اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو.
رومين 12:12 را جستجو کنید
4
رومين 21:12
بڇڙائيءَ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.
رومين 12:21 را جستجو کنید
5
رومين 10:12
هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.
رومين 12:10 را جستجو کنید
6
رومين 9:12
پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.
رومين 12:9 را جستجو کنید
7
رومين 18:12
جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو.
رومين 12:18 را جستجو کنید
8
رومين 19:12
اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“
رومين 12:19 را جستجو کنید
9
رومين 11:12
محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.
رومين 12:11 را جستجو کنید
10
رومين 3:12
آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي.
رومين 12:3 را جستجو کنید
11
رومين 17:12
جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.
رومين 12:17 را جستجو کنید
12
رومين 16:12
پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.
رومين 12:16 را جستجو کنید
13
رومين 20:12
اهو بہ لکيل آهي تہ ”جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل آهي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آهي تہ کيس پيئار، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون هن کي شرمسار ڪندين.“
رومين 12:20 را جستجو کنید
14
رومين 14:12-15
جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. هائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو. خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.
رومين 12:14-15 را جستجو کنید
15
رومين 13:12
مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.
رومين 12:13 را جستجو کنید
16
رومين 4:12-5
جهڙيءَ طرح جسم ۾ گھڻا ئي عضوا آهن ۽ هر هڪ عضوي جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.
رومين 12:4-5 را جستجو کنید