1.ڪرنٿين 3

3
ڪليسيا خدا جو گھر
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن روحاني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن دنياوي ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو 2#عبر 5‏:12‏-13 سو مون اوهان کي ڄڻ کير پيئاريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڃا انهيءَ لائق نہ هئا، نڪي هاڻي ئي انهيءَ لائق آهيو. 3جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا. 4#1.ڪر 1‏:12 جڏهن اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان،“ تہ پوءِ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ اوهين دنياوي ماڻهن وانگر آهيو.
5ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ خدمتگار آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي ايمان آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آهي. 6#رس 18‏:4‏-11‏،24‏-28 مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا. 7سو پوکيندڙ ۽ پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ نہ آهن، پر وڌائڻ وارو يعني خدا ئي سڀ ڪجھہ آهي. 8پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو. 9مطلب تہ اسين خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، جڏهن تہ اوهين خدا جي پوک آهيو.
اوهين خدا جي عمارت پڻ آهيو. 10سو خدا جو فضل جيڪو هن مون کي بخشيو آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري. 11ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ خدا جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد عيسيٰ مسيح آهي. 12سو هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ بنياد تي سون، چانديءَ، هيرن جواهرن، يا وري ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن ڪانن جي اڏاوت ڪندو، 13تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي. 14جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو. 15پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان کڻڻو پوندو، جڏهن تہ هو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.
16 # 1.ڪر 6‏:19، 2.ڪر 6‏:16 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي خدا جي هيڪل آهيو ۽ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو؟ 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو.
18ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو دنيا جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس بي‌وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي. 19#ايو 5‏:13 ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بي‌وقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”خدا ڏاهن کي
سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“
20 # زب 94‏:11 هيئن بہ لکيل آهي تہ
خداوند ڄاڻي ٿو تہ
ڏاهن جا خيال اجايا آهن.“
21تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي، 22پوءِ ڀلي اهو پولس هجي توڙي اپلوس يا پطرس، يا وري دنيا، يا زندگي، يا موت هجي، يا وري حال يا مستقبل هجي. اِهي سڀيئي اوهان جا آهن. 23جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح خدا جو آهي.

اکنون انتخاب شده:

1.ڪرنٿين 3: SB

های‌لایت

کپی

مقایسه

به اشتراک گذاشتن

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید