متي 8

8
ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 1‏:40‏-45، لوقا 5‏:12‏-16)
1جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو. 2ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ 3تنهن تي يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. 4#لاو 14‏:1‏-32 پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“
فوجي صوبيدار جي نوڪر کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(لوقا 7‏:1‏-10)
5جڏهن يسوع ڪفرناحوم شهر ۾ داخل ٿيو تہ رومي فوج جو هڪ صوبيدار وٽس آيو ۽ منٿ ڪندي چيائينس تہ 6”سوامي! منهنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آهي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.“ 7تنهن تي يسوع چيس تہ ”آءٌ تنهنجي گھر هلي هن کي چڱو ڀلو ڪندس.“ 8پر فوجي صوبيدار وينتي ڪيس تہ ”اي سوامي! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. 9ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“ 10يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو. 11#لو 13‏:29 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب سان گڏ آڪاش جي راڄ ۾ رسوئي کائڻ ويهندا. 12#مت 22‏:13، 25‏:30، لو 13‏:28 پر جيڪي #8‏:12 انهيءَ راڄ جا وارث يعني بني اسرائيل وارا. انهيءَ راڄ جا وارث آهن تن کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“ 13پوءِ يسوع فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون وشواس ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.
گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 1‏:29‏-34، لوقا 4‏:38‏-41)
14يسوع جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي. 15يسوع سندس هٿ کي پڪڙيو تہ سندس بخار لهي ويو. تڏهن هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ سندس سيوا ڪرڻ لڳي.
16جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو يسوع وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين. 17#يس 53‏:4 هن اهي ڪم ڪري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي چيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“
يسوع مسيح جو پوئلڳ ٿيڻ لاءِ شرط
(لوقا 9‏:57‏-62)
18يسوع جڏهن ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ کيس ويڙهي ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هن ڀر هلون.“ 19ان وقت هڪ نيم شاستريءَ يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“ 20يسوع کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“
21هڪڙو ٻيو ماڻهو، جيڪو سندس چيلو هو، تنهن چيس تہ ”اي گرو! مون کي تيستائين آگيا ڏيو، جيستائين آءٌ پنهنجي پتا کي دفنائي اچان.“ 22تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“
طوفان کي بند ڪرڻ
(مرقس 4‏:35‏-41، لوقا 8‏:22‏-25)
23جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو تہ سندس چيلا بہ ساڻس گڏ هليا. 24اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اهڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي. ان وقت يسوع گَهري ننڊ ۾ هو. 25تڏهن چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“ 26تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. 27اهي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ سندس حڪم مڃين ٿا.“
ڀوتن ورتل ٻن ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 5‏:1‏-20، لوقا 8‏:26‏-39)
28پوءِ يسوع گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو. 29يسوع کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ايشور جا پٽ! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“ 30ويجھو ئي سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو، 31سو ڀوتن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي آگيا ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“ 32تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏهن اهي انهن مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ لاهيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. 33ڌڻ چارڻ وارا اهو ڏسي شهر ڏانهن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون. 34تنهن تي سڄو شهر يسوع سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪندي چوڻ لڳس تہ ”سوامي! مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“

Tällä hetkellä valittuna:

متي 8: HSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään