يوحنا 2

2
قانا ۾ شادي
1ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل هئي. 2عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا. 3دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“ 4تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“ 5تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“
6اتي يهودين جي پاڪائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. 7عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”هي مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.“ سو هنن اهي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. 8پوءِ هن کين چيو تہ ”هاڻي انهن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو هو اهو کڻي ويا. 9منتظم اعليٰ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي خبر هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر منتظم اعليٰ کي خبر ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو 10۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“
11هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو. 12#مت 4‏:13 تنهن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.
هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ
(متي 21‏:12‏-13، مرقس 11‏:15‏-17، لوقا 19‏:45‏-46)
13 # خر 12‏:1‏-27 يهودين جي #2‏:13 عيد فصح يهودي قوم وارا هي عيد ملهائڻ لاءِ يروشلم شهر ڏانهن ويندا هئا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”عيد فصح.“ عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو. 14اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو قربانيءَ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن. 15اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. 16ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ 17#زب 69‏:9 تڏهن سندس شاگردن کي پاڪ ڪلام جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي خدا! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“ 19#مت 26‏:61، 27‏:40، مر 14‏:58، 15‏:29 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“ 20تنهن تي انهن اڳواڻن چيس تہ ”هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ سال لڳا آهن. تون وري اها ٽن ڏينهن ۾ ٺاهيندين؟“ 21پر عيسيٰ جنهن هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي تنهن مان مراد سندس پنهنجو بدن هو. 22تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پاڪ ڪلام جي لکت ۽ عيسيٰ جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.
عيسيٰ مسيح دلين کي ڄاڻي ٿو
23عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو. 24پر عيسيٰ انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. 25هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي.

Tällä hetkellä valittuna:

يوحنا 2: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään

Video يوحنا 2