لوقا 14

14
سوڄ واري بيمار کي شفا ڏيڻ
1هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو. 2ان گھڙيءَ سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڄيل هيون. 3عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 4پر اهي ماٺ رهيا. تڏهن عيسيٰ ان ماڻهوءَ کي هٿ لائي چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو. 5#مت 12‏:11 پوءِ هنن کي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينهن کوهہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوهين کيس جلدي ٻاهر ڪڍندءُ يا نہ؟“ 6پر اهي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.
نِوڙت ۽ مهمان‌نوازي
7پوءِ جڏهن عيسيٰ هي ڏٺو تہ مهمان مٿاهيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏهن انهن کي هڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ 8#چوڻ 25‏:6‏-7 ”جڏهن ڪو اوهان کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاهينءَ جاءِ تي نہ ويهو، ٿي سگھي ٿو تہ هن اوهان کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني هجي. 9پوءِ جنهن اوهان ٻنهي کي شاديءَ جي دعوت ڏني هجي، اهو اوهان وٽ اچي چوي تہ ’اوهين هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏيو،‘ تہ اوهان کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي ويهڻو پوندو. 10پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا. 11#مت 23‏:12، لو 18‏:14 ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
12پوءِ جنهن ماڻهوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏهن بہ دعوت کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. 13پر جڏهن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن ٽُنڊن ۽ انڌن کي سڏ ڏج، 14تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ضرور ملندو.“
وڏي دعوت جو مثال
(متي 22‏:1‏-10)
15تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو خدا جي بادشاهيءَ ۾ کائيندو پيئندو.“ 16عيسيٰ هن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شخص هڪ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي سڏ ڏنائين. 17جڏهن ماني تيار ٿي ويئي تڏهن نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي چئُہ تہ اچن، جو هاڻي هر شيءِ تيار آهي. 18پر اهي سڀ هڪٻئي پٺيان بهانا ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آهي ۽ مون کي اها ضرور ڏسڻي آهي. سو مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ 19ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آهن ۽ انهن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ 20ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘ 21نوڪر موٽي اچي اهي سڀيئي ڳالهيون پنهنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شهر جي چونڪن ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘ 22نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘ 23تنهن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منهنجو گھر ڀرجي وڃي، 24ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي چوان ٿو تہ جن کي پهريائين سڏ ڏنو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي ماني ڪين چکندو.‘“
شاگرد بڻجڻ لاءِ شرط
(متي 10‏:37‏-38)
25هڪڙي دفعي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي هليو. هن ڦري ماڻهن کي چيو تہ 26#مت 10‏:37 ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو. 27#مت 10‏:38، 16‏:24، مر 8‏:34، لو 9‏:23 جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي سو منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.
28فرض ڪريو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو منارو ٺهرائڻ چاهي ٿو تہ اهو پهريائين ويهي ان جي خرچ جو اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ وٽس ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پئسو آهي يا نہ؟ 29متان ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙهہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي، تڏهن ڏسندڙ مٿس ٺٺوليون ڪن ۽ چون تہ 30’هن ماڻهوءَ اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘
31يا اهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن بادشاهہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پهريائين ويهي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منهنجو هي ڏهن هزارن جو لشڪر، انهن ويهہ هزار چڙهائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘ 32ٻيءَ صورت ۾ ڪاهہ ڪندڙ اڃا پري ئي هوندو تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس.
33سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“
بي‌سوادو لوڻ
(متي 5‏:13، مرقس 9‏:50)
34”لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان لوڻياٺو ڪجي؟ 35پوءِ بي‌سوادو لوڻ کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ نہ زمين جي ڪم ايندو آهي، نہ ئي ڀاڻ ۾ ملائبو آهي.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“

Tällä hetkellä valittuna:

لوقا 14: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään