لوقا 8

8
عيسيٰ مسيح سان گڏ هلندڙ خدمتگار عورتون
1تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو عيسيٰ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن شاگرد بہ ساڻس گڏ هئا. 2#مت 27‏:55‏-56، مر 15‏:40‏-41، لو 23‏:49 ڪي عورتون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا، 3يوعانا، جيڪا بادشاهہ هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي زال هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.
ٻج ڇٽڻ جو مثال
(متي 13‏:1‏-9، مرقس 4‏:1‏-9)
4جڏهن شهر شهر جا ماڻهو عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا تہ هڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ هڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ 5”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا. 6ڪي داڻا وري ٽڪريلي زمين تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇو تہ انهن کي ريج ڪونہ پهتو هو. 7ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جيڪي انهن سان گڏ اُڀريا تن انهن کي اُسرڻ نہ ڏنو. 8ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون.“ اهي ڳالهيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
مثالن ۾ تعليم ڏيڻ جو مقصد
(متي 13‏:10‏-17، مرقس 4‏:10‏-12)
9عيسيٰ کان سندس شاگردن پڇيو تہ ”هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟“ 10#يس 6‏:9‏-10 تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“
ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
(متي 13‏:18‏-23، مرقس 4‏:13‏-20)
11”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي خدا جي بادشاهيءَ جو پيغام. 12جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، پوءِ ابليس اچي انهيءَ پيغام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي ايمان آڻي بچي وڃن. 13ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن. 14جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو. 15پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“
ڏيئي جو مثال
(مرقس 4‏:21‏-25)
16 # مت 5‏:15، لو 11‏:33 ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي. 17#مت 10‏:26، لو 12‏:2 مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي.
18 # مت 25‏:29، لو 19‏:26 تنهنڪري منهنجي چيل ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو، ڇو تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جنهن کي هو پنهنجو سمجھي ٿو.“
عيسيٰ مسيح جي ماءُ ۽ ڀائر ڪير؟
(متي 12‏:46‏-50، مرقس 3‏:31‏-35)
19هڪڙي دفعي عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگھيا. 20تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماءُ ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“ 21عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر اهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪن ٿا.“
طوفان کي بند ڪرڻ
(متي 8‏:23‏-27، مرقس 4‏:35‏-41)
22هڪڙي ڏينهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا. 23جيئن هو هليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. تڏهن ڍنڍ تي ڏاڍو طوفان اچي لٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي جنهن ڪري انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويئي. 24تڏهن انهن عيسيٰ کي جاڳائيندي چيو تہ ”استاد! اي استاد! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي. 25تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو ايمان ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي شاگرد ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“
ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8‏:28‏-34، مرقس 5‏:1‏-20)
26پوءِ اهي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پهتا جيڪو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي. 27جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو. 28هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“ 29هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو. 30عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو تہ ”لشڪر،“ ڇاڪاڻ تہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو هو.
31انهن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي پاتال ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“ 32ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن عيسيٰ کي وري منٿ ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو هن کين موڪل ڏني. 33تنهن تي اهي ڀوت انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اهو ڌڻ لاهيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.
34اهو حال ڏسي ڌنار وٺي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اهو سڄو واقعو ٻڌايائون. 35تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو. 36جن ماڻهن اهو رنگ ڏٺو هو، تن کين ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو. 37گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو. 38تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر عيسيٰ کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ 39”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“ سو انهيءَ ماڻهوءَ موٽي وڃي سڄي شهر ۾ مشهور ڪيو تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“
يائرس جي ڌيءَ کي جيارڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ
(متي 9‏:18‏-26، مرقس 5‏:21‏-43)
40جڏهن عيسيٰ موٽي آيو تڏهن ماڻهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇو تہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي. 41ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“ 42هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي.
پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا. 43انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس. 44اها عورت عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو. 45تڏهن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”استاد! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“ 46پر عيسيٰ چيو تہ ”مون کي پڪ آهي تہ ڪنهن ڄاڻي‌واڻي مون کي هٿ لاتو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون مان قدرت نڪتي آهي.“ 47جڏهن عورت ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي. 48تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“
49اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادت‌خاني جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“ 50پر عيسيٰ هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک تہ هوءَ بچي پوندي.“ 51‏-53پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو. 54پوءِ عيسيٰ ڇوڪريءَ جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اُٿ.“ 55‏-56تڏهن هن ۾ وري ساهہ اچي پيو ۽ هوءَ هڪدم جيئري ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي. عيسيٰ حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“

Tällä hetkellä valittuna:

لوقا 8: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään