پيدائش 13
13
ابرام ۽ لوط جي جدائي
1پوءِ ابرام پنهنجي زال ۽ پنهنجي مال ملڪيت سميت مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي ڏانهن روانو ٿيو ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو. 2ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو. 3هو ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي کان هلندو بيتايل ڏانهن وڌي آيو ۽ بيتايل ۽ عئي ٻنهي شهرن جي وچ تي انهيءَ هنڌ اچي پهتو جتي پهريائين تنبو کوڙيو هئائين. 4انهيءَ جاءِ تي اڳي هن قربانگاهہ بہ ٺاهي هئي. اتي هن خداوند جي عبادت ڪئي.
5 لوط کي بہ رڍون، ٻڪريون، چوپايو مال ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ نوڪرن چاڪرن لاءِ تنبو هئا. 6انهيءَ علائقي ۾ چاري لاءِ ايتري زمين ڪانہ هئي جو هو ٻئي گڏ رهي سگھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن مال گھڻو هو. 7سو ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ اڪثر ڪري جھيڙو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ وقت هن علائقي ۾ ڪنعاني ۽ فرزي پڻ رهندا هئا.
8پوءِ ابرام لوط کي چيو تہ ”اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي ڌنارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نہ گھرجي. 9سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“ 10#پيد 2:10 تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي #13:10 باغ عدن جي باغ ڏانهن اشارو آهي (ڏسو پيدائش 2:6،10).باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي. 11تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان چونڊيو ۽ اوڀر طرف هليو ويو. اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کان ڌار ٿيا. 12ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو ۽ سدوم جي ويجھو پنهنجو تنبو کوڙيائين. 13سدوم شهر جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ بدڪار ۽ وڏا گنهگار هئا.
ابرام جو حبرون ڏانهن وڃڻ
14 لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ ”جتي تون بيٺو آهين اتان چئني طرفن ڏانهن نهار. 15#رس 7:5جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو. 16آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو. 17هاڻي اُٿ ۽ سڄي زمين گھمي ڏس، ڇوجو آءٌ اها سموري تو کي ڏيندس.“ 18سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہبلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي.
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.