لوقا 22
22
1هاڻي فطيري عيد، جنهن کي فسح ٿا چون، سا ويجهي آئي. 2۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري وجهون، ڇو جو اُهي خلق کان ڊنا ٿي.
3۽ يهوداهہ جنهن کي اسڪريوتي ڪري سڏيندا هئا، ۽ جو ٻارهن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ شيطان اچي گهڙيو. 4۽ هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ صوبيدارن سان صلاح ڪئي، تہ ڪهڙيءَ طرح هو کيس سندن حوالي ڪري. 5تنهن تي هنن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس پيسن ڏيڻ جو واعدو ڪيائون. 6۽ هن قبول ڪيو، ۽ وجهہ پئي ڳوليائين تہ جڏهن ماڻهو نہ هجن، تڏهن هن کي سندن حوالي ڪريان.
7پوءِ فطيري عيد جو ڏينهن آيو، جنهن ڏينهن فسح جي قرباني چاڙهڻ ضرور هو. 8تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو، تہ وڃي فسح تيار ڪن تہ کائين. 9هنن چيس تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟ 10۽ اُنهن کي چيائين تہ ڏسو، شهر ۾ گهڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو، جو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، پوءِ جنهن گهر ۾ هو گهڙي وڃي، تنهن ۾ اوهين بہ پٺيانئس وڃجو، 11۽ گهر جي مالڪ کي چئجو تہ اُستاد چوي ٿو تہ مهمان خانو ڪٿي آهي، تہ آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟ 12۽ هو اوهان کي ماڙيءَ تي هڪ وڏي ڪوٺي سينگاريل ڏيکاريندو؛ اُتي تياري ڪجو. 13پوءِ هو روانا ٿيا، ۽ جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ هنن فسح تيار ڪيو.
14۽ جڏهن اُها گهڙي آئي، تڏهن هو رسولن سان گڏجي ويٺو. 15۽ هنن کي چيائين، تہ منهنجي ڏاڍي دل آهي تہ آئون ڏکن سهڻ کان اڳي اوهان سان گڏجي هيءُ فسح کان. 16ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين اُهو خدا جي بادشاهت ۾ پورو نہ ٿئي، تيسين آئون اُهو وري ڪين کائيندس. 17۽ هن پيالو کڻي شڪر ڪري چيو، تہ وٺي پاڻ ۾ ورهايو؛ 18ڇو جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين ڪ خدا جي بادشاهت نہ اچي، تيسين آئون ڊاک جي رس مان اڄ کانپوءِ ڪين پيئندس. 19پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو. 20۽ ساڳيءَ ريت کائڻ کانپوءِ پيالو کڻي چيائين تہ هيءُ پيالو منهنجي رت ۾ اُهو نئون عهد آهي، جو اوهان لاءِ وهائجي ٿو. 21پر ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو، تنهن جو هٿ مون سان گڏ ميز تي آهي. 22پر جيئن ابن آدم لاءِ ٺهرايل آهي، تيئن هو سچ پچ وڃي ٿو، پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان هو جهلجي ٿو وڃي! 23۽ اهي پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ اسان مان اهو ڪير آهي جو ههڙو ڪم ڪندو؟
24۽ منجهن اهو بہ تڪرار ٿيو تہ اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو. 25هن چين تہ غير قومن جا بادشاهہ مٿن حڪم ٿا هلائين، ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ڀلائي ڪندڙ سڏبا آهن. 26پر اوهين انهن وانگر نہ ٿجو، مگر جيڪو اوهان ۾ وڏو هجي، سو پاڻ کي ننڍو ڪري، ۽ جيڪو سردار هجي سو انهيءَ وانگر ٿئي جو خدمت ٿو ڪري. 27ڇالاءِ جو وڏو ڪير آهي، جيڪو کائڻ ٿو ويهي، يا جيڪو خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو ڪينهي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آئون اوهان منجهہ انهيءَ وانگر آهيان جو خدمت ٿو ڪري. 28پر اوهين اُهي آهيو جي منهنجين آزمائشن ۾ مون سان گڏ رهندا آيا آهيو. 29۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهت مقرر ڪئي آهي، تيئن آئون بہ اوهان لاءِ بادشاهت مقرر ٿو ڪريان، 30تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.
31اي شمعون، شمعون، ڏس شيطان اوهان کي گهُري ورتو تہ اوهان کي ڪڻڪ وانگر ڳاهي: 32پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج. 33تنهن تي هن چيس، تہ اي خداوند، آئون توسان قيدخاني ۾، بلڪ موت تائين هلڻ لاءِ تيار آهيان. 34پر هن چيو تہ اي پطرس، آئون توکي چوان ٿو تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين تہ آئون هن کي سڃاڻان ئي ڪين.
35۽ هن چين تہ جڏهن مون اوهان کي بنا ڳوٿريءَ ۽ بنا جهوليءَ، يا بنا جُتيءَ موڪليو، تڏهن ڪنهن شيءِ جي اوهان کي گهٽتائي ٿي ڇا؟ هنن چيو تہ نہ. 36تڏهن چيائين، تہ ڀلا هاڻي جنهن کي ڳوٿري هجي سو اُها کڻي، ۽ پڻ جهولي بہ. ۽ جنهن کي ترار نہ هجي، سو پنهنجو چوغو وڪڻي بہ اُها ڳنهي. 37ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو. 38۽ هنن چيو تہ اي خداوند، اِجهو هتي ٻہ تراريون آهن. هن چيو تہ اهي بس آهن.
39پوءِ هو ٻاهر نڪري آيو، ۽ پنهنجي دستور موجب زيتون واري ٽڪر تي ويو، ۽ شاگرد بہ پٺيانئس ويا. 40۽ جڏهن هو اُنهي هنڌ آيو، تڏهن چيائين تہ دعا گهُرو متان آزمائش ۾ پئو. 41پوءِ کانئن پهڻ جي اُڇل جيترو پنڌ جدا ٿي، گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو تہ 42اي بابا، جي تنهنجي مرضي هجي تہ هيءُ پيالو مون کان ٽاري ڇڏ، تنهن هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي. 43۽ اُتي آسمان مان هڪڙي ملائڪ کيس ڏيکاري ڏني، ۽ اُهو ڏڍ ڏيڻ لڳس. 44۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو. 45۽ جڏهن دعا تان اُٿيو، تڏهن شاگردن وٽ آيو، ۽ ڏٺائين تہ ڏک جي ڪري سمهيا پيا آهن، 46۽ چيائين، تہ سمهيا ڇو پيا آهيو؟ اُٿي دعا گهُرو، متان آزمائش ۾ پئو.
47اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، هڪڙي ٽولي اچي سهڙي ۽ اُنهن ٻارهن منجهان اُهو، جنهن کي يهوداهہ ڪري سڏيندا هئا، سو سندن اڳيان پئي آيو. ۽ هو ويجهو آيو تہ يسوع کي چُمي؛ 48پر يسوع چيس تہ اي يهوداهہ، تون ابن آدم کي چُمي ڏيئي ٿو جهلائين ڇا؟ 49پوءِ جڏهن سندس ساٿين ڏٺو تہ هاڻي ڇا ٿيندو، تڏهن چيائون تہ اي خداوند، اسين ترار هلايون؟ 50۽ اُنهن مان هڪڙي سردار ڪاهن جي نوڪر کي ڌڪ هڻي سندس ساڄو ڪَن وڍي وڌو. 51پر يسوع جواب ڏيئي چيو تہ بس ٺهيو! پوءِ هن جي ڪَن کي هٿ لائي ڇُٽائي ڇڏيائينس. 52تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟ 53جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.
54پوءِ هو جهلي وٺي ويس، ۽ سردار ڪاهن جي گهر وٺي آيس. پر پطرس پريان پريان پٺيان پئي آيو؛ 55۽ جڏهن اُهي اڱڻ جي وچ ۾ باهہ ٻاري گڏ ويٺا هئا، تڏهن پطرس بہ سندن وچ ۾ اچي ويٺو. 56۽ هڪڙي نوڪرياڻيءَ باهہ جي سوجهري تي ويٺو ڏٺس، ۽ چتائي نهاري چيائين تہ هيءُ ماڻهو بہ هن سان هو. 57پر هن الي چيو، تہ اي مائي، آئون تہ سڃاڻانس بہ ڪين. 58۽ ٿوري دير کانپوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس، تنهن چيو تہ تون بہ تہ انهن مان آهين. پر پطرس چيو تہ ادا، آئون نہ آهيان. 59وري ڪلاڪ کن کانپوءِ ڪنهن ٻئي يقين سان چيو، تہ سچ پچ هي شخص بہ هن سان هو، ڪيئن جو هو گليلي آهي. 60پطرس چيو تہ ادا، آئون تہ سمجهان ئي نٿو تہ تون ڇا ٿو چوين. ۽ اُنهي دم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61۽ خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو، تنهن تي پطرس کي خداوند جي ڳالهہ ياد آئي، جو چيو هئائينس تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي ٽي ڀيرا تون منهنجو انڪار ڪندين. 62۽ هو ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي زار زار رنائين.
63پوءِ جن ماڻهن يسوع کي پڪڙيو هو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ماريائونس پئي. 64۽ سندس اکيون ٻَڌي پئي پڇيائونس، تہ نبوت ڪري ٻڌاءِ تہ ڪنهن توکي ڌڪ هنيو؟ 65۽ گاريون ڏيئي ڪيترا سخن ڳالهايائونس.
66۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ 67جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي ٻُڌاءِ. پر هن چين تہ جي ٻُڌائيندوسانوَ تہ اوهين مڃيندا ئي ڪين؛ 68۽ جي پڇندوسانوَ تہ جواب ئي ڪونہ ڏيندا. 69پر هن کانپوءِ ابن آدم خدا جي قدرت جي ساڄي پاسي ويهندو. 70پوءِ اُهي سڀيئي چوڻ لڳا تہ تڏهن تون خدا جو پٽ آهين ڇا؟ هن چين تہ اوهان پاڻ ويٺا چئو تہ آئون آهيان. 71تنهن تي هو چوڻ لڳا تہ اسان کي وڌيڪ شاهديءَ جي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڇالاءِ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻُڌو آهي.
Chwazi Kounye ya:
لوقا 22: SB62
Pati Souliye
Pataje
Kopye
Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: