يوحنا 7

7
عيسيٰ مسيح ۽ سندس ڀائر
1ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا. 2#لاو 23‏:34، شر 16‏:13 پوءِ جڏهن يهودين جي تنبن واري عيد ويجھي آئي، 3تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين. 4ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دنيا تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“ 5سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس ايمان نہ هو. 6تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي. 7دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن. 8اوهين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ هن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“ 9اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو.
عيسيٰ مسيح جو تنبن واري عيد تي وڃڻ
10ان کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي. 11جڏهن تہ يهودي اڳواڻ عيد تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آهي؟“ 12ماڻهن ۾ عيسيٰ بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ڪري رهيو آهي.“ 13پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.
14جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ عيسيٰ هيڪل ۾ اچي تعليم ڏيڻ لڳو. 15تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“ 16عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪا تعليم آءٌ ڏيئي رهيو آهيان سا منهنجي نہ، بلڪ انهيءَ جي آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي. 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان. 18جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي عزت ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي عزت ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي. 19ڇا موسيٰ اوهان کي شريعت نہ ڏني هئي؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ 20تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“ 21#يو 5‏:1‏-18 عيسيٰ چين تہ ”مون سبت جي ڏينهن تي هڪڙو ڪم ڪيو هو تہ اوهين سڀ انهيءَ تي حيران ٿي ويا هئا. 22#پيد 17‏:10، لاو 12‏:3 ڏسو، موسيٰ اوهان کي طهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو طهر ڪرائيندا آهيو. 23#يو 5‏:9 هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي طهر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟ 24ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“
ڇا عيسيٰ سچ پچ مسيح آهي؟
25انهيءَ مهل يروشلم جا ڪي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي اهو ماڻهو تہ نہ آهي جنهن کي اڳواڻ مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟ 26ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟ 27پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي خبر آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“
28تڏهن عيسيٰ هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو، 29جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“ 30تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو. 31اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس ايمان آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ معجزا ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“
عيسيٰ مسيح کي پڪڙڻ لاءِ پهريدار موڪلڻ
32عيسيٰ بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين. 33تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي. 34اوهين مون کي ڳوليندا پر لهي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ جتي آءٌ هوندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا.“ 35تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي تعليم ڏيندو؟ 36ڀلا انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي جو هو چوي ٿو تہ ’اوهين مون کي ڳوليندا، پر لهي نہ سگھندا‘ يا وري ’اوهين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ هوندس‘؟“
زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون
37 # لاو 23‏:36 پوءِ تنبن واري عيد جو آخري ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي عيسيٰ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي. 38#حز 47‏:1، زڪ 14‏:8 هائو، جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“ 39هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ #7‏:39 عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو هن مان مراد ٻہ ڳالهيون آهن، يعني مسيح جو صليب تي چاڙهيو وڃڻ ۽ عرش عظيم تي پيءُ وٽ کيس سربلند ڪيو وڃڻ.عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.
ماڻهن ۾ ڦوٽ
40ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي #7‏:40 اهو نبي ڏسو 1‏:21 ۾ ڏنل سمجھاڻي.اهو نبي آهي، جيڪو اچڻو آهي.“ 41ڪن وري چيو تہ ”هو مسيح آهي.“ پر ڪي چوڻ لڳا تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ 42#2.سم 7‏:12، ميڪ 5‏:2 ڇا پاڪ ڪلام نہ ٿو چوي تہ مسيح دائود جي نسل مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“ 43سو ماڻهن ۾ عيسيٰ جي ڪري ڦوٽ پئجي ويئي. 44انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو.
يهودي اڳواڻن جو عيسيٰ کي نہ قبولڻ
45جڏهن پهريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوهين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“ 46پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“ 47تنهن تي فريسين کين چيو تہ ”اوهين بہ گمراهہ ٿي ويا آهيو ڇا؟ 48ڇا يهودي اڳواڻن ۽ اسان فريسين مان ڪنهن بہ مٿس ايمان آندو آهي؟ 49پر هي عوام جنهن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آهي، سو تہ خدا جو پٽيل آهي.“
50 # يو 3‏:1‏-2 تڏهن نيڪديمس، جيڪو يهودي اڳواڻن مان هڪڙو هو ۽ اڳي عيسيٰ سان ملڻ آيو هو، تنهن چين تہ 51شريعت موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“ 52انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پاڪ ڪلام پڙهي ڏس تہ تو کي خبر پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيندو.“
53پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.

Šiuo metu pasirinkta:

يوحنا 7: MSB

Paryškinti

Dalintis

Kopijuoti

None

Norite, kad paryškinimai būtų įrašyti visuose jūsų įrenginiuose? Prisijunkite arba registruokitės