لوقا 21

21
رن‌زال جو چندو ڏيڻ
(مرقس 12‏:41‏-44)
1عيسيٰ جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا چندا وجھي رهيا آهن. 2هن هڪ غريب رن‌زال کي بہ ان پيتيءَ ۾ ٻہ ننڍڙا سڪا وجھندي ڏٺو. 3تنهن تي هن چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن غريب رن‌زال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو آهي. 4جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن رن‌زال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“
هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
(متي 24‏:1‏-2، مرقس 13‏:1‏-2)
5ڪي شاگرد هيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”هي ڪيڏن نہ سهڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيو تہ 6”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
تڪليفون ۽ تباهيون
(متي 24‏:3‏-14، مرقس 13‏:3‏-13)
7پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي استاد! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان خبر پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“ 8عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ. 9بلڪ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏهن گھٻرائجو نہ، ڇو تہ اهي ڳالهيون پهريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.“
10عيسيٰ انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙهندي، بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، 11وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آسمان ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون.
12پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، عبادت‌خانن جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو. 13انهيءَ مان اوهان کي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو. 14#لو 12‏:11‏-12 تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ پڪو ارادو ڪريو تہ اوهين پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا، 15ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو. 16اوهان جا ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو. 17هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا. 18پر اوهين بلڪل محفوظ آهيو. 19سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“
يروشلم جي تباهيءَ بابت ٻڌائڻ
(متي 24‏:15‏-21، مرقس 13‏:14‏-19)
20”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. 21پوءِ جيڪي هن شهر ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گھڙن، بلڪ يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 22#هوس 9‏:7 اهي خدا جي غضب جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پاڪ ڪلام جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين. 23افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو. 24انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“
ابنِ آدم جو موٽي اچڻ
(متي 24‏:29‏-31، مرقس 13‏:24‏-27)
25 # يس 13‏:10، حز 32‏:7، يوا 2‏:31، مڪا 6‏:12‏-13 ”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو. 26جيئن تہ آسماني طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي نازل ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون. 27#دان 7‏:13، مڪا 1‏:7 تڏهن هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا. 28جڏهن اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن تہ اٿي کڙا ٿجو ۽ مٿي نهارجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ڇڏائجڻ اوهان جي ويجھو هوندو.“
وقت کي سڃاڻڻ
(متي 24‏:32‏-35، مرقس 13‏:28‏-31)
29عيسيٰ شاگردن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ بلڪ سڀني وڻن تي غور ڪريو. 30جيئن ئي انهن ۾ پن اچن ٿا تہ اوهين پاڻ ئي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونهارو آيو ڪي آيو. 31ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھي وٺجو تہ خدا جي بادشاهي اچڻ واري آهي.
32آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ #21‏:32 هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون هيڪل جي برباديءَ بابت عيسيٰ مسيح جي ڪيل اڳڪٿي، جيڪا متي 24‏:2 ۾ بيان ٿيل آهي، سا رومي حڪومت جي هٿان 70 عيسويءَ ۾ پوري ٿي.هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. 33زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
پاڻ کي سنڀاليو
34”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي. 35هائو، اهو ڦندي وانگر سڄي ڌرتيءَ جي رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو. 36انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“
37 # لو 19‏:47 عيسيٰ ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو. 38صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو.

Šiuo metu pasirinkta:

لوقا 21: MSB

Paryškinti

Dalintis

Kopijuoti

None

Norite, kad paryškinimai būtų įrašyti visuose jūsų įrenginiuose? Prisijunkite arba registruokitės