Лого на YouVersion
Икона за пребарување

پيدائش 12

12
ابرام کي خدا جو سڏڻ
1 # رس 7‏:2‏-3، عبر 11‏:8 خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس. 2آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس. 3#گل 3‏:8 جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“
4سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي. 5ابرام پنهنجي زال سارائي، لوط، سموري ملڪيت ۽ سڀ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئن، سي پاڻ سان کنيا. اهي سڀ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن ڪنعان ۾ پهتا، 6تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہ‌بلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا. 7#رس 7‏:5، گل 3‏:16 اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي. 8تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي. 9پوءِ اتان هو ڏاکڻي پاسي ڏانهن وڌندو ويو.
ابرام مصر ۾
10ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو. 11جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو تڏهن پنهنجيءَ زال سارائيءَ کي چيائين تہ ”تون هڪ سهڻي عورت آهين. 12سو جڏهن مصري تو کي ڏسندا تہ چوندا ’هيءَ هن جي زال آهي.‘ تڏهن هو مون کي ماري وجھندا ۽ تو کي جيئرو رکندا. 13#پيد 20‏:2، 26‏:7 تنهنڪري تون چئجانءِ تہ ’آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان.‘ پوءِ تنهنجي ڪري هو مون کي جيئرو ڇڏي ڏيندا ۽ مون سان سٺو سلوڪ ڪندا.“
14سو جڏهن ابرام مصر ۾ آيو تڏهن مصرين ڏٺو تہ اها عورت تمام سهڻي آهي. 15بادشاهہ جي ڪن اميرن جڏهن هن کي ڏٺو تہ بادشاهہ وٽ وڃي هن جي تعريف ڪيائون. سو کيس بادشاهہ جي گھر وٺي ويا. 16انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين. 17پر خداوند ابرام جي زال سارائيءَ جي ڪري بادشاهہ ۽ سندس پوري حويليءَ کي سخت بيمارين ۾ ڦاسائي ڇڏيو. 18پوءِ بادشاهہ ابرام کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو مون سان ائين ڇو ڪيو؟ تو مون کي ڇو نہ ٻڌايو تہ هيءَ تنهنجي زال آهي؟ 19تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي، جنهن سبب مون کيس پنهنجي زال ٿي بڻايو. هاڻي تنهنجي زال حاضر آهي، انهيءَ کي وٺي هتان هليو وڃ.“ 20پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو. انهن ابرام کي سندس زال ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو، تنهن سميت ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو.

Селектирано:

پيدائش 12: MSB

Нагласи

Сподели

Копирај

None

Дали сакаш да ги зачуваш Нагласувањата на сите твои уреди? Пријави се или најави се