Лого на YouVersion
Икона за пребарување

پيدائش 23

23
سارہ جي وفات
1سارہ ڪل هڪ سؤ ستاويهہ سال جيئري رهي. 2هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو. 3#پيد 10‏:15 پوءِ ابراهيم ميت وٽان اُٿي حِتي قوم وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ 4#عبر 11‏:9‏،13، رس 7‏:16 ”آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان. مون کي قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪرو وڪرو ڪري ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو اتي دفن ڪريان.“ 5انهن جواب ڏنو تہ 6”سائين! اسان جي ڳالهہ ٻڌو. اسين اوهان کي هڪ وڏو سردار سمجھندا آهيون. اسان جي قبرستان ۾ جيڪا بہ جاءِ اوهان کي وڻي اتي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو. اسان مان ڪوبہ اوهان کي انهيءَ جاءِ کان منع نہ ڪندو.“
7تڏهن ابراهيم اُٿي اتان جي ماڻهن جو ٿورو مڃيو. 8کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو هتي دفن ڪريان تہ مهرباني ڪري صُحر جي پٽ عِفرون کي چئو تہ 9هو مڪفيلاہ جي غار، جيڪا سندس ملڪيت آهي ۽ سندس ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آهي، تنهن جي پوري قيمت وٺي اها مون کي ڏئي تہ جيئن اوهان جي وچ ۾ هڪڙو قبرستان منهنجي ملڪيت هجي.“ 10صُحر جو پٽ عِفرون اتي پنهنجي ماڻهن سان شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. هن انهن سڀني جي روبرو جواب ڏنو تہ 11”منهنجا سائين! ائين نہ ٿيندو، بلڪ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اها ٻني ۽ جيڪا غار منجھس آهي سي ٻئي آءٌ اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو. اهي آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم جي روبرو ڏيان ٿو، اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“
12 ابراهيم هڪ دفعو وري انهن ماڻهن جو ٿورو مڃيو. 13پوءِ انهن ماڻهن جي روبرو عِفرون کي چيائين تہ ”آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ. آءٌ ٻنيءَ جي قيمت ڏيندس. اها مون کان وٺ تہ پوءِ آءٌ پنهنجو مُڙدو دفن ڪريان.“ 14عِفرون ورندي ڏيئي چيس تہ 15”منهنجا سائين! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، زمين جي قيمت چانديءَ جي #23‏:15 چار سؤ سڪن جي تور برابر يعني اٽڪل ساڍا چار ڪلوگرام.چار سؤ سڪن جي تور برابر آهي، سي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڇا آهن؟ اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“ 16ابراهيم عِفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ اوتري چاندي توري کيس ڏنائين، يعني چانديءَ جي چار سؤ سڪن برابر، جيڪي واپارين ۾ چالو هئا.
17اهڙيءَ طرح عِفرون جي اها ٻني جيڪا مڪفيلاہ ۾ ممريءَ جي اوڀر طرف هئي سا ابراهيم جي ٿي. غار جيڪا منجھس هئي ۽ اهي سمورا وڻ جيڪي انهيءَ جي حد اندر هئا سي شامل هئا. 18اها ملڪيت حِتي قوم جي روبرو ابراهيم کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي. 19پوءِ ابراهيم پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلاہ واري ٻنيءَ جي غار ۾ دفن ڪيو. اها غار ڪنعان ملڪ جي ممري شهر جي اوڀر ۾ حبرون جي ڀرسان آهي. 20سو اها ٻني ۽ اها غار جيڪا حِتي قوم جي ملڪيت هئي سا قبرستان لاءِ ابراهيم جي ملڪيت ٿي.

Селектирано:

پيدائش 23: MSB

Нагласи

Сподели

Копирај

None

Дали сакаш да ги зачуваш Нагласувањата на сите твои уреди? Пријави се или најави се