پيدائش 9

9
نوح سان خدا جو عهد
1 # پيد 1‏:28 خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي. 2سڀ جانور، پکي، سرندڙ جيت ۽ مڇيون اوهان جي رعب ۽ ڊپ ۾ رهندا. اهي سڀيئي مون اوهان جي هٿ وس ڪيا آهن. 3اوهين اهي سڀ ساهوارا ڀاڄيءَ وانگر کائي سگھو ٿا. مون اهي سڀ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن. 4#لاو 7‏:26‏-27، 17‏:10‏-14، 19‏:26، شر 12‏:16‏،23، 15‏:23 پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي. 5جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ وٺندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو. 6#پيد 1‏:26، خر 20‏:13 جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي. 7#پيد 1‏:28 گھڻا ٻار پيدا ڪريو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.“
8خدا نوح ۽ سندس پٽن کي چيو تہ 9”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان جي اولاد سان، 10سڀني ساهوارن، سڀني پکين ۽ سڀني جانورن، جيڪي ٻيڙي مان توهان سان گڏ لٿا آهن، تن سان عهد ٿو ڪريان. 11اوهان سان منهنجو عهد هي آهي تہ ڪڏهن بہ وري ٻوڏ جي ڪري سڀ ساهوارا برباد نہ ٿيندا ۽ نہ وري ڪڏهن ٻوڏ جي ڪري سڄي ڌرتي تباهہ ٿيندي. 12اهو هميشہ تائين هلندڙ عهد جيڪو آءٌ اوهان سان ۽ سڀني ساهوارن سان ڪريان ٿو تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ 13آءٌ پنهنجي انڊلٺ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها دنيا سان منهنجي عهد جي نشاني ٿيندي. 14جڏهن بہ آءٌ آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ اها انڊلٺ ڪڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي، 15تڏهن آءٌ اوهان سان ۽ سڀني جانورن سان پنهنجو ڪيل اهو عهد ياد ڪندس تہ ڪڏهن بہ وري ساهوارا ٻوڏ جي ڪري برباد نہ ٿيندا. 16جڏهن انڊلٺ ڪڪرن مان نڪرندي تہ آءٌ اها ڏسي اهو عهد ياد ڪندس جيڪو مون ۽ اوهان ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي. 17اها انهيءَ عهد جي نشاني آهي جيڪو مون ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن سان ڪيو آهي.“
نوح ۽ سندس پٽ
18 نوح جا پٽ جيڪي ٻيڙي مان نڪتا سي سِم، حام ۽ يافت هئا. حام ڪنعان جو پيءُ هو. 19نوح جي انهن ئي ٽن پٽن مان سڄي ڌرتي انسانن سان آباد ٿي ويئي.
20 نوح پوک ڪندڙ اهو پهريون شخص هو جنهن انگورن جو هڪڙو باغ لڳايو. 21انگوري مئي پيئڻ کان پوءِ مٿس نشو چڙهي ويو ۽ هو پنهنجي تنبوءَ ۾ اگھاڙو ٿي پئجي رهيو. 22ڪنعان جي پيءُ حام جڏهن پنهنجي پيءُ کي اگھاڙو ڏٺو تہ ٻاهر وڃي پنهنجي ٻنهي ڀائرن کي ٻڌايائين. 23تنهن تي سِم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ تنبوءَ ۾ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگھڙ ڍڪيائون. انهن پنهنجا منهن ابتا ڪيا انهيءَ لاءِ تہ پيءُ جي اوگھڙ نہ ڏسن. 24جڏهن نوح تان نشو لٿو تڏهن جيڪي سندس ننڍي پٽ ساڻس ڪيو هو سو کيس معلوم ٿيو. 25تنهن تي هن حام جي پٽ ڪنعان تي لعنت ڪندي چيو تہ
”ڪنعان تي لعنت هجي،
شال هو پنهنجي سؤٽن جي غلامن جو بہ غلام ٿئي.
26 خداوند، سِم جو خدا سڳورو آهي،
شال ڪنعان سِم جي اولاد جو غلام ٿئي.
27شال خدا #9‏:27 يافت هي نالو عبراني ٻوليءَ جي انهيءَ لفظ سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڌائي.“يافت جو اولاد وڌائي
۽ اهي سِم جي اولاد سان گڏ رهن،
شال ڪنعان يافت جي اولاد جو غلام پڻ ٿئي.“
28ٻوڏ کان پوءِ نوح ٽي سؤ پنجاهہ سال جيئرو رهيو. 29هن نو سؤ پنجاهہ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

Märk

Dela

Kopiera

None

Vill du ha dina höjdpunkter sparade på alla dina enheter? Registrera dig eller logga in