خروج 36

36
1سو بصل‌ايل، اهلياب ۽ ٻيا سڀيئي ڪاريگر ماڻهو، جن کي خداوند دانائي ۽ سمجھہ عطا ڪئي هئي، سي مقدس خيمي جي ڪم جي سموري ڪاريگريءَ کي سمجھي خداوند جي حڪم موجب ڪم ڪندا.“
2پوءِ موسيٰ بصل‌ايل، اهلياب ۽ انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏيو جن کي خداوند دانائي عطا ڪئي هئي، يعني انهن سڀني کي جن جي دلين ۾ ڪم ڪرڻ جي ترغيب پيدا ٿي. 3تڏهن هنن اهي سڀيئي نذراني واريون شيون، جيڪي بني اسرائيل مقدس خيمي جي بڻائڻ لاءِ آنديون هيون سي موسيٰ کان ورتيون. ماڻهو انهيءَ کان پوءِ بہ هر روز صبح جو پنهنجي مرضيءَ سان نذرانا آڻيندا رهيا. 4تڏهن اهي ڪاريگر، جن مقدس خيمي جي ٺاهڻ جو ڪم ٿي ڪيو، تن موسيٰ کي اچي چيو تہ 5”جنهن ڪم پوري ڪرڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي، ماڻهو انهيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ شيون آڻي رهيا آهن.“ 6تڏهن موسيٰ حڪم ڏنو تہ خيمي‌گاهہ ۾ پڙهو گھمايو وڃي تہ هاڻي ڪوبہ مرد يا عورت مقدس خيمي جي نذراني جي لاءِ وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ آڻي. تنهن کان پوءِ ماڻهن نذراني آڻڻ کان بس ڪئي. 7هن ڪري جو جيڪي شيون آنديون ويون هيون سي سموري ڪم پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي بلڪ وڌيڪ هيون.
مقدس خيمي جي قنات ۽ پال
(خروج 26‏:1‏-6)
8سو ڪم ڪرڻ وارن مان جيڪي هوشيار ڪاريگر هئا، تن هٿان مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ڏهہ پردا ٺاهيا ويا، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا. انهن تي پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيون ويون. 9هر هڪ پردي جي ڊيگھہ ٻارهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هئي. سڀيئي پردا هڪڙيءَ ئي ماپ جا هئا. 10پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا ۽ ساڳيءَ طرح ٻيا پنج پردا بہ ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا. 11ڊيگھہ واري پاسي کان جتي اهي ٻئي وڏا پردا ڳنڍڻا هئا اتي هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي آسماني رنگ جي ڌاڳن جا سوراخ ٺاهيا ويا. ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا سوراخ ٺاهيا ويا. 12پنجاهہ سوراخ هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي ٺاهيا ويا. ٻنهي پردن جا سوراخ هڪٻئي جي سامهون هئا. 13سون جا پنجاهہ ڪنڍا ٺاهيا ويا. انهن ڪنڍن سان پردا هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا. اهڙيءَ طرح مقدس خيمي جي قنات ۽ پال هيڪاندي ٺهي تيار ٿي ويئي.
مقدس خيمي جو ڍڪ
(خروج 26‏:7‏-14)
14پوءِ مقدس خيمي جي مٿان ڍڪ ٺاهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا ٺاهيا ويا. 15هر هڪ پردي جي ڊيگھہ تيرهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هئي. يارهن ئي پردا هڪڙيءَ ماپ جا هئا. 16پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٽڪرو ٺاهيو ويو ۽ باقي ڇهہ پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٻيو ٽڪرو ٺاهيو ويو. 17انهن ٻنهي وڏن ٽڪرن کي ڊيگھہ واري پاسي کان هڪ هڪ ڪناري تي پنجاهہ پنجاهہ سوراخ ٺاهيا ويا. 18پوءِ پتل جا پنجاهہ ڪنڍا ٺاهيا ويا تہ جيئن ڍڪ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏجي. 19ڍڪ لاءِ هڪڙو غلاف گھٽن جي ڳاڙهين رنڱيل کلن جو ٺاهيو ويو، تنهن جي مٿان لاءِ وري ٻيو غلاف ڊالفن دريائي جانور جي کلن جو ٺاهيو ويو.
مقدس خيمي جا فريم
(خروج 26‏:15‏-30)
20پوءِ خيمي جي واسطي اُڀا ڪري بيهارڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا فريم ٺاهيا ويا. 21هر هڪ فريم جي ڊيگھہ ڏهہ هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 22هر هڪ فريم کي ٻئي فريم سان ڳنڍڻ لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٻہ ٻہ چوڙون ٺاهيون ويون. خيمي جي سڀني فريمن ۾ اهڙيون چوڙون ٺاهيون ويون. 23انهن مان ويهہ فريم خيمي جي ڏاکڻي پاسي کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 24انهن ويهن فريمن جي هيٺان رکڻ لاءِ چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺاهيا ويا، يعني هر فريم جي ٻنهي چوڙن جي هيٺان ٻہ پاوا. 25خيمي جي ٻئي پاسي اتر طرف بہ ويهہ فريم کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 26انهن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺاهيا ويا، هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ پاوا.
27خيمي جي پٺئين پاسي اولهہ طرف ڇهہ فريم کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 28ٻہ فريم خيمي جي پٺئين پاسي جي ڪنڊن ۾ کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 29اهي هيٺان کان چوٽيءَ تائين ٻٽا هئا ۽ هڪڙي ئي ڪڙي ۾ ڳنڍيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڪنڊن ۾ ٻئي هڪجهڙا فريم کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 30سو مقدس خيمي جي پٺئين پاسي لاءِ جملي اٺ فريم هئا، جن جي لاءِ چانديءَ جا سورهن پاوا هئا يعني هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ پاوا.
31مقدس خيمي جي اتر ۽ ڏکڻ وارن فريمن لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا پنج پنج گز ٺاهيا ويا. 32پنج گز خيمي جي اولهہ واري يعني پٺئين پاسي جي فريمن لاءِ ٺاهيا ويا. 33انهن ٽنهي پاسن جي فريمن جي وچ وارو گز اهڙي نموني ٺاهيو ويو جيڪو هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين هو. 34فريمن تي سون جو پٽ چاڙهيو ويو، گزن جي جاين لاءِ سون جا ڪڙا ٺاهيا ويا ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيو ويو.
مقدس ترين جاءِ جو پردو
(خروج 26‏:31‏-33)
35سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا، تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جنهن تي ماهر ڪاريگر جي هٿان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون بہ اُڻيل هيون. 36انهيءَ کي ٽنگڻ لاءِ ٻٻر جا چار ٿنڀا ٺاهيا ويا ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيو ويو. ٿنڀن تي سون جا ڪنڍا لڳايا ويا ۽ چانديءَ کي پلٽي ٿنڀن لاءِ چار پاوا ٺاهيا ويا.
مقدس خيمي جي در وارو پردو
(خروج 26‏:36‏-37)
37خيمي جي در جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو. 38انهيءَ پردي لاءِ پنج ٿنڀا، ڪنڍن سميت ٺاهيا ويا. انهن ٿنڀن جي چوٽين ۽ سيخن تي سون جو پٽ چاڙهيو ويو. انهن ٿنڀن جي لاءِ پتل جا پنج پاوا ٺاهيا ويا.

Seçili Olanlar:

خروج 36: SB

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın