خروج ‮تعارف‬

تعارف
”خروج“ لفظ جو مطلب آهي ”روانگي.“ اهو لفظ بني اسرائيل جي تواريخ ۾ هڪ اهم واقعي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. اهو واقعو خدا جو بني اسرائيل کي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي مصر ملڪ مان روانو ڪرڻ آهي.
هن مقدس ڪتاب ۾ چار اهم ڳالهيون بيان ڪيل آهن: 1. بني اسرائيل جو غلاميءَ مان آزاد ٿيڻ. 2. انهن جو سينا جبل ڏانهن سفر ڪرڻ. 3. خدا جو بني اسرائيل سان سينا جبل تي عهد ٻڌڻ، جنهن عهد کين زندگي گذارڻ لاءِ اخلاقي، معاشرتي ۽ مذهبي قانون ڏنا. 4. بني اسرائيل جي پهرين عبادت‌گاهہ يعني مقدس خيمي جي تعمير ۽ آرائش ۽ مقدس خيمي جي خدمتگار ڪاهنن ۽ خدا جي عبادت متعلق قاعدن ۽ قانون جو بيان. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”مقدس خيمو“ ۽ ”ڪاهن.“
سڀني ڳالهين کان بالاتر، هي ڪتاب اهو بيان ڪري ٿو تہ خدا غلام بڻايل بني اسرائيل کي آزادي ڏياري، کين هڪ قوم بڻايو ۽ کين مستقبل متعلق اميد ڏياري.
هن ڪتاب ۾ مرڪزي انساني شخصيت حضرت موسيٰ جي آهي، جنهن کي خدا انهيءَ لاءِ چونڊيو تہ سندس وسيلي پنهنجي قوم کي مصر مان ڪڍي ۽ انهيءَ جي ئي وسيلي کين پنهنجي شريعت عطا ڪري. هن ڪتاب جون گھڻي ڀاڱي مشهور آيتون اهي آهن جن ۾ شريعت جا ڏهہ حڪم لکيل آهن. اهي آيتون باب 20 ۾ آهن.
سِٽاءُ
بني اسرائيل جو مصر مان آزاد ٿيڻ 1‏:1‏–15‏:21
1. مصر ۾ غلامي 1‏:1‏-22
2. حضرت موسيٰ جو ڄمڻ ۽ سندس ننڍپڻ 2‏:1‏–4‏:31
3. حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون جو مصر جي بادشاهہ سان مهاڏو اٽڪائڻ 5‏:1‏–11‏:10
4. پهرين عيد فصح ۽ مصر مان روانگي 12‏:1‏–15‏:21
ڳاڙهي سمنڊ کان سينا جبل تائين سفر 15‏:22‏–18‏:27
شريعت ۽ عهد 19‏:1‏–24‏:18
مقدس خيمو ۽ عبادت لاءِ نصيحتون 25‏:1‏–40‏:38

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın