لاوي سرشتو 7

7
قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني
1”قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، جيڪا مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي تنهن جو قاعدو هن ريت آهي. 2قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ تي چئني طرفن کان ڇٽڪاريو وڃي. 3ڪاهن انهيءَ جي سموري چرٻي پيش ڪري، يعني دنب ۽ اها چرٻي جنهن سان آنڊا ۽ اوجھري ڍڪيل هوندا آهن، 4ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت ڪڍي وٺي. 5ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي. اهڙيءَ طرح قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني پيش ڪئي وڃي. 6ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائين. پر اها مخصوص جاءِ تي ئي کائجي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ ئي مخصوص آهي.
7پاڪ ٿيڻ واسطي ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين جو قاعدو هڪڙو ئي آهي، جو هي آهي تہ جيڪو ڪاهن انهيءَ قربانيءَ سان ڪفارو ادا ڪري ٿو تنهن کي ئي انهيءَ جو گوشت ملي. 8جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ٿو، قرباني ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي کل ڪاهن جي ٿيندي. 9سڀڪا اناج جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تئي تي پڪل هوندي يا وري تئيءَ ۾ تريل هوندي، سا انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو اها قرباني پيش ڪندو. 10ٻي سڀڪا اناج جي قرباني جيڪا پڪل ناهي پوءِ اها تيل سان گڏيل هجي توڙي خشڪ، سا هارون جي سڄي اولاد جي ٿيندي ۽ سڀني کي هڪ جيترو حصو ملندو.“
سلامتيءَ جي قرباني
11”جڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي. 12جيڪڏهن هو اها قرباني شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري تہ جانور ذبح ڪرڻ سان گڏ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميري مانيون، تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون ۽ تيل ۾ ڳوهي پچايل ڍوڍا پيش ڪري. 13انهيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ هو خميري مانيءَ جا ڍوڍا بہ پيش ڪري. 14اهو ماڻهو هر ڪنهن منجھان هڪڙي هڪڙي ماني کڻي هڪ خاص قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، اها انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو. 15شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهيءَ ڏينهن ئي کاڌو وڃي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي. انهيءَ مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچايو وڃي.
16جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي. 17ليڪن قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو ساڙيو وڃي. 18جيڪڏهن انهيءَ گوشت مان ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ کائبو تہ اها قرباني قبول نہ پوندي، نڪي انهيءَ جو اجورو قرباني ڏيڻ واري کي ملندو، ڇو تہ اهو گوشت حرام آهي ۽ جيڪو انهيءَ مان کائيندو تنهن جو گناهہ انهيءَ جي مٿان پوندو.
19جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي سو هرگز نہ کائجي، بلڪ اهو ساڙي ڇڏجي. باقي جيڪو ٻيو گوشت آهي سو هر ڪو ماڻهو پاڪائيءَ سان ڀلي کائي. 20جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو. 21جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“
چرٻي ۽ رت کائڻ جي منع
22 خداوند موسيٰ کي 23بني اسرائيل لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين وهڙي، رڍن يا ٻڪرين جي چرٻي نہ کائجو. 24جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي تہ انهيءَ جي چرٻي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو پر کائجو اصل نہ. 25جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي چرٻي کائيندو، جو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور پيش ڪيو ويو هجي، تنهن کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو. 26#پيد 9‏:4، لاو 17‏:10‏-14، 19‏:26، شر 12‏:16‏،23، 15‏:23 ان کان سواءِ اوهين جتي بہ رهو تتي ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو پيئجو، پوءِ اهو پکيءَ جو هجي توڙي جانور جو. 27سو جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو پيئندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“
ڪاهنن جو حصو
28 خداوند موسيٰ کي 29بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري، تہ اهو پنهنجي قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ خاص حصو آڻي. 30اهو هو پاڻ پنهنجي هٿن سان مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور آڻي. هو چرٻي سيني سميت کڻي اچي تہ سينو هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. 31ڪاهن اها چرٻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو. 32ساڄي ران، خاص نذراني طور انهيءَ ڪاهن کي ڏني وڃي، 33جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري. 34انهيءَ سبب جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان سينو هٿن تي بلند ڪري قربانيءَ طور ۽ ران خاص نذراني طور هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل تي هنن جو حق رهندو.“
35اهو آهي خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان هارون ۽ سندس پٽن جو حصو، جيڪو انهيءَ ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو جنهن ڏينهن کين ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ويو هو. 36انهيءَ ڏينهن خداوند کين مسح ڪرائي مخصوص ڪيو ۽ هنن بابت اهو حڪم ڏنائين تہ ”بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هميشہ جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين تائين هنن جو حق رهندو.“
37سو ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، مخصوصيت جي قرباني ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جا قاعدا اهي آهن. 38انهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهيءَ ڏينهن حڪم ڏنو هو جنهن ڏينهن موسيٰ سينا جي بيابان ۾ بني اسرائيل کي چيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ پنهنجيون قربانيون پيش ڪن.

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın