ڳاڻاٽو 33

33
سفر جون منزلون
1جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي اڳواڻيءَ ۾ قبيلن موجب مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تڏهن سفر دوران 2موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جي منزلن جون هي جايون لکي ڇڏيون. 3بني اسرائيل پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ يعني عيد فصح کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو رعمسيس شهر مان روانا ٿيا. هو اتان سڀني مصرين جي اکين جي اڳيان وڏي دليريءَ سان نڪري هليا. 4انهيءَ وقت مصري پنهنجا سڀ پهريتا ٻار دفن ڪري رهيا هئا، جن کي خداوند ماريو هو. خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني.
5سو بني اسرائيل رعمسيس مان روانا ٿيا ۽ سُڪات ۾ اچي منزل ڪيائون. 6وري هو اتان روانا ٿيا ۽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون، جيڪو بيابان جي حد وٽ آهي. 7پوءِ هو اتان روانا ٿي پٺتي في‌هخيروت ڏانهن موٽيا، جو بعل‌صفون جي اوڀر طرف آهي ۽ مجدال وٽ اچي منزل ڪيائون. 8تڏهن هو اتان في‌هخيروت مان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان لنگھي بيابان ۾ آيا. هنن ايتام جي بيابان ۾ ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري مارہ ۾ اچي منزل ڪئي. 9وري هو اتان روانا ٿيا ۽ ايليم ۾ منزل ڪيائون، جتي پاڻيءَ جا ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا. 10پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڀرسان اچي منزل ڪيائون. 11تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون. 12وري هو اتان روانا ٿيا ۽ دفقاہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 13هو اتان روانا ٿيا ۽ آلوش ۾ اچي منزل ڪيائون. 14هو اتان روانا ٿيا ۽ رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو. 15تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون. 16وري هو اتان روانا ٿيا ۽ قبروت‌هتاواہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 17پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون. 18تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ رتمہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 19وري هو اتان روانا ٿيا ۽ رمون‌فارص ۾ اچي منزل ڪيائون. 20هو اتان روانا ٿيا ۽ لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 21پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ريسہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 22تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ قهيلاٿاہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 23وري هو اتان روانا ٿيا ۽ شافر جبل وٽ اچي منزل ڪيائون. 24هو اتان روانا ٿيا ۽ حراداہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 25پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ مقهيلوت ۾ اچي منزل ڪيائون. 26تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ تحت ۾ اچي منزل ڪيائون. 27وري هو اتان روانا ٿيا ۽ تارح ۾ اچي منزل ڪيائون. 28هو اتان روانا ٿيا ۽ متقاہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 29پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حشموناہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 30تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ موسيروت ۾ اچي منزل ڪيائون. 31وري هو اتان روانا ٿيا ۽ بني يعقان ۾ اچي منزل ڪيائون. 32هو اتان روانا ٿيا ۽ حورهجدجاد ۾ اچي منزل ڪيائون. 33پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ياطباٿاہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 34تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ عبروناہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 35وري هو اتان روانا ٿيا ۽ عصيون‌جابر ۾ اچي منزل ڪيائون. 36پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ قادش، جيڪو صين جي بيابان ۾ آهي، تنهن ۾ اچي منزل ڪيائون. 37هو اتان قادش مان روانا ٿيا ۽ ادوم ملڪ جي سرحد تي هور جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.
38 # ڳا 20‏:22‏-28، شر 10‏:6، 32‏:50 اتي هارون ڪاهن خداوند جي حڪم موجب هور جبل تي چڙهي ويو ۽ بني اسرائيل جي مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي هن اتي وفات ڪئي. 39هور جبل تي وفات ڪرڻ وقت سندس عمر هڪ سؤ ٽيويهہ سال هئي.
40 # ڳا 21‏:1 عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڏکڻ ڪنعان ۾ رهندو هو تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو.
41بني اسرائيل اتان هور جبل وٽان روانا ٿيا ۽ صلموناہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 42وري هو اتان روانا ٿيا ۽ فونون ۾ اچي منزل ڪيائون. 43پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ اوبوت ۾ اچي منزل ڪيائون. 44هو اتان روانا ٿيا ۽ موآب جي سرحد تي عباريم جي کنڊرات ۾ اچي منزل ڪيائون. 45پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ديبون‌گد ۾ اچي منزل ڪيائون. 46تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ علمون‌دبلاٿايم ۾ اچي منزل ڪيائون. 47هو اتان روانا ٿيا ۽ نبو جبل جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي منزل ڪيائون. 48پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ اردن درياءَ جي ڀرسان موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون. 49اتي موآب جي ميدان ۾ هنن اردن درياءَ سان گڏوگڏ بيت‌يشيموٿ کان وٺي ابيل‌سطيم تائين تنبو کوڙيا.
اردن درياءُ پار ڪرڻ کان اڳ هدايتون
50 خداوند اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي حڪم ڏنو تہ 51”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، 52تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍجو. انهن جون تراشيل توڙي پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو ۽ انهن جا ٽڪرن تي ٺهيل پوڄا گھر ڊاهي ڇڏجو. 53اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهيءَ ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ مون اهو ملڪ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏنو آهي. 54#ڳا 26‏:54‏-56 اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو. 55پر جيڪڏهن اوهين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي ڀڄائي نہ ڪڍندا تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر ۽ اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊن وانگر چڀندا ۽ اهي انهيءَ ملڪ ۾ اوهان کي ستائيندا جتي اوهين رهندا. 56سو جيڪڏهن اوهان انهن کي ڀڄائي نہ ڪڍيو تہ پوءِ آءٌ اوهان سان اهو ڪجھہ ڪندس جيڪي مون هنن سان ڪرڻ ٿي گھريو.“

Seçili Olanlar:

ڳاڻاٽو 33: SB

Vurgu

Kopyala

Karşılaştır

Paylaş

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın