تنهنڪري نڪي مون پاڻ کي لائق سمجهيو تہ تو وٽ اچان؛ پر تون کڻي واتان ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي پوندو. ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ سپاهي منهنجي حڪم ۾ آهن، ۽ هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو؛ ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ، تہ اچي ٿو؛ ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر، تہ ڪري ٿو. يسوع اهو ٻُڌي هن تي عجب کاڌو، ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ مون هيڏو ايمان اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.