1
لوقا 15:8
Sindhi Bible
پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.
So sánh
Khám phá لوقا 8:15
2
لوقا 14:8
۽ جيڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي ۽ هلندي هلندي حياتيءَ جي فڪرن، ۽ دولت، ۽ عيش عشرتن ۾ ڦاسيو پون، ۽ سندن ڦل پچي ئي ڪين.
Khám phá لوقا 8:14
3
لوقا 13:8
۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.
Khám phá لوقا 8:13
4
لوقا 25:8
۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟
Khám phá لوقا 8:25
5
لوقا 12:8
جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.
Khám phá لوقا 8:12
6
لوقا 17:8
ڇالاءِ جو ڪي بہ لڪل نہ آهي جو پڌرو نہ ٿيندو، ۽ ڪي بہ ڳجهو نہ آهي، جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ ظاهر نہ ٿيندو.
Khám phá لوقا 8:17
7
لوقا 47:8-48
۽ جڏهن زال ڏٺو تہ آئون لڪي نہ سگهيس، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي، ۽ اچي کيس پيرين پئي، ۽ سڀني جي روبرو ٻڌايائين تہ ڪهڙي سبب مون توکي هٿ لاتو، ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون يڪدم چڱي ڀلي ٿي پيس. ۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.
Khám phá لوقا 8:47-48
8
لوقا 24:8
تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.
Khám phá لوقا 8:24
Trang chủ
Kinh Thánh
Kế hoạch
Video