يوحنا 11
11
1هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو. 2مريم اُها هئي، جنهن خداوند کي عطر مکي سندس پير پنهنجي وارن سان اُگهيا هئا، تنهن جو ڀاءُ لعزر بيمار پيو هو. 3تڏهن ڀينرن کيس چوائي موڪليو، تہ اي خداوند، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين سو بيمار آهي. 4پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي. 5هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو. 6سو جڏهن ٻُڌائين تہ هو بيمار آهي، تڏهن جتي هو، اتي ٻہ ڏينهن رهي پيو. 7تنهن کانپوءِ شاگردن کي چيائين، تہ هلو تہ وري يهوديہ ۾ هلون. 8تڏهن شاگردن چيس تہ اي اُستاد، اڃا تازو يهودين توکي سنگسار ڪرڻ جي ٿي ڪئي، ۽ تون وري ٿو اوڏانهن هلين؟ 9يسوع جواب ڏنو تہ ڏينهن ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڪينهن؟ جيڪڏهن ڪو روشنيءَ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو ئي ڪين، ڇالاءِ جو هو دنيا جو سوجهرو ٿو ڏسي. 10پر جيڪڏهن ڪو اوندهہ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو، ڇالاءِ جو منجهس سوجهرو ڪونهي. 11اهي ڳالهيون ڪري رهيو، تنهن کان پوءِ هنن کي چيائين تہ اسان جو دوست لعزر سمهي رهيو آهي؛ پر آئون هلان ٿو تہ هلي ننڊ مان جاڳايانس. 12تڏهن شاگردن چيس تہ اي خداوند، جي سمهي رهيو آهي تہ بچي پوندو. 13هاڻي يسوع هن جي موت بابت ڳالهہ ڪئي هئي، مگر هنن سمجهيو تہ ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14تڏهن يسوع صاف صاف چين تہ لعزر مري ويو آهي؛ 15۽ آئون اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هوس، انهي لاءِ تہ اوهين ايمان آڻيو، پر هلو تہ وٽس هلون. 16تڏهن توما، جنهن کي جاڙو بہ چوندا هئا، تنهن پنهنجن سنگتين کي چيو تہ هلو تہ پاڻ بہ هلي ساڻس گڏ مرون.
17پوءِ جڏهن يسوع آيو، تڏهن خبر مليس تہ هن کي قبر ۾ رکئي چار ڏينهن ٿيا آهن. 18هاڻي بيت عنياہ جو ڳوٺ يروشلم جي ويجهو اٽڪل ڪوهہ پنڌ تي هو؛ 19۽ گهڻيئي يهودي مارٿا ۽ مريم وٽ سندن ڀاءُ جي لاءِ عذرخواهي ڪرڻ آيا هئا. 20پوءِ مارٿا جڏهن ٻُڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ نڪتي: پر مريم اڃا گهر ۾ ئي ويٺي هئي. 21تڏهن مارٿا يسوع کي چيو، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها، تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها. 22۽ هاڻي بہ آئون ڄاڻان ٿي تہ تون خدا کان جيڪي بہ گهُرندين، سو خدا توکي ڏيندو. 23يسوع چيس، تہ تنهنجو ڀاءُ جي اُٿندو. 24مارٿا چيس تہ مون کي خبر آهي، تہ هو پوئين ڏينهن قيامت ۾ جي اُٿندو. 25يسوع چيس، تہ قيامت ۽ زندگي آئون آهيان: جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو جي مري وڃي، تہ بہ جيئندو. 26۽ جيڪو جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي، سو ڪڏهن بہ ڪين مرندو، توکي اهو ايمان آهي؟ 27هن چيو تہ هائو، اي خداوند، منهنجو ايمان آهي تہ مسيح، خدا جو فرزند، جو جهان ۾ اچڻ وارو آهي، سو تون آهين. 28۽ ائين چئي هوءَ ويئي هلي ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين، تہ اُستاد آيو آهي ۽ توکي ٿو ڪوٺي. 29اها ڳالهہ ٻُڌڻ شرط هوءَ يڪدم اُٿي کڙي ٿي، ۽ وٽس ويئي. 30(هاڻي يسوع ڳوٺ ۾ ڪونہ آيو هو پر اڃا اُتي ئي هو، جتي مارٿا کيس وڃي گڏي هئي). 31تڏهن يهودي جي ساڻس گهر ۾ هئا، ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو اُٿي ٻاهر ويندو ڏٺو، تڏهن هو بہ پٺيانئس ويا، جو ڀانيائون تہ قبر تي روئڻ ٿي وڃي. 32پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها. 33پوءِ يسوع ڏٺو تہ هوءَ روئي پيئي، ۽ يهودي جي ساڻس گڏ آيا آهن سي بہ پيا روئن، تڏهن دل ۾ رنج ٿيس، ۽ ارمان ڪيائين، 34۽ چيائين، تہ اوهان هن کي ڪٿي رکيو آهي؟ هنن چيس، تہ اي خداوند، هلي ڏس. 35يسوع روئي ڏنو. 36تڏهن يهودي چوڻ لڳا تہ ڏسو، تہ هن سان ڪهڙي نہ دل هيس! 37پر اُنهن مان ڪن چيو تہ جنهن انڌي جون اکيون سڄيون ڪيون، سو ايترو ڪين ڪري سگهي ها جو هيءُ ماڻهو اصل مري ئي نہ ها. 38پوءِ يسوع کي وري بہ دل ۾ رنج ٿيو، ۽ قبر تي آيو. اُها هڪڙي غار هئي، ۽ ان جي آڏو هڪ پهڻ ڏنل هو. 39يسوع چيو تہ پهڻ کي هٽايو. اُهو جو گذري ويو هو، تنهن جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو، تہ اي خداوند، هو تہ اڳيئي بانس ڪري ويو هوندو، ڇالاءِ تہ چار ڏينهن ٿي ويا اٿس. 40يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟ 41تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي. 42۽ مون کي خبر هئي تہ تون هميشہ منهنجي ٻُڌندو آهين، پر خلق جا چوڌاري بيٺي آهي، تنهن جي سبب ائين چيم تہ هنن کي ايمان اچي تہ تو مون کي موڪليو آهي. 43ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ. 44پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.
45تڏهن يهودي، جي مريم وٽ آيا هئا، تن مان گهڻن، جيڪي هن ڪيو هو سو ڏسي، مٿس ايمان آندو. 46پر اُنهن مان ڪي فريسين وٽ هليا ويا، ۽ جيڪي يسوع ڪيو هو، سو وڃي کين ٻڌايائون. 47تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري. 48جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا. 49پر اُنهن مان هڪڙو ڄڻو قائفا نالي، جو اُنهي سال سردار ڪاهن هو، تنهن چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي، 50۽ اوهين سمجهو ئي ڪين ٿا تہ اوهان جي لاءِ چڱي ڳالهہ هيءَ ٿيندي تہ هڪڙو ڄڻو اُمت لاءِ مري، ۽ نہ سڄي قوم برباد ٿئي. 51هاڻي اهو جو هن چيو سو پاڻو نہ چيائين: پر هو جو انهي ورهيہ جو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري نبوت جي طور چيائين تہ يسوع کي هن قوم لاءِ مرڻ گهرجي؛ 52۽ نہ فقط هن قوم لاءِ، پر انهي لاءِ، تہ خدا جا ٻار جي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن، تن کي گڏي آڻي هڪ ڪري. 53پوءِ انهي ڏينهن کان وٺي هنن کيس قتل ڪرڻ جي صلاح مشورت ڪئي.
54تنهنڪري يسوع انهيءَ کانپوءِ يهودين منجهہ کُليو کُلايو ڪين گهُمندو هو، پر اُتان رڻ پٽ جي ڀر واري ملڪ ۾، افرائيم نالي شهر ڏانهن هليو ويو؛ ۽ اتي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو. 55هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا. 56پوءِ يسوع کي ڳولڻ لڳا ۽ هيڪل ۾ بيهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڇا ٿا ڀانئيو، هو عيد تي ڪين ايندو؟ 57هاڻي سردار ڪاهنن ۽ فريسين حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، تہ جيڪڏهن ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ ڪٿي آهي تہ اچي ٻُڌائي، تہ هن کي پڪڙيون.
Đang chọn:
يوحنا 11: SB62
Tô màu
Chia sẻ
Sao chép
Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.