لوقا 11
11
1۽ هيئن ٿيو تہ هن هڪڙي هنڌ ويٺي دعا گهري، ۽ جڏهن گهري چڪو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي اچي چيس، تہ اي خداوند، جيئن يوحنا پنهنجن شاگردن کي سيکاريو هو، تيئن تون بہ اسان کي دعا گهرڻ سيکار. 2هن کين چيو، تہ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن هيئن چئو تہ اي بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، تنهنجي بادشاهي اچي. 3اسان جي ڏهاڙيءَ جي ماني هر روز اسان کي ڏي. 4۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ.
5۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهان منجهان اُهو ڪير آهي جنهن جو ڪو دوست هجي، سو آڌيءَ رات وٽس اچي چوي، تہ اي دوست، مون کي ٽي مانيون اُڌاريون ڏي؛ 6ڇالاءِ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي، ۽ مون وٽ ڪي بہ ڪينهي جو کڻي سندس اڳيان رکان؛ 7۽ اُهو اندران وراڻي ڏيئي چوي، تہ مون کي هلاک نہ ڪر: هاڻي در پوريو پيو آهي، ۽ منهنجا ٻار مون سان گڏ هنڌ تي سُتا پيا آهن، سو آئون اُٿي توکي ڏيئي نٿو سگهان. 8آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيتوڻيڪ هو دوستيءَ جي ناتي ڪري اُٿي هن کي نہ بہ ڏئي، تڏهن بہ هن جي گهڻي ليلائڻ ڪري اُٿندو، ۽ جيتريون هن کي کپنديون هونديون، اوتريون ڏيندس. 9۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ گهُرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، کڙڪايو تہ پَٽجيوَ. 10ڇالاءِ تہ جيڪو ڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو، تنهن کان لڀجي ٿو ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو، تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو. 11۽ اوهان منجهان اُهو ڪهڙو پيءُ آهي، جو پٽس اچي ماني گهُريس، تہ کيس پهڻ ڏئي؟ يا مڇي گهُريس، تہ مڇيءَ جي بدران سپ ڏئيس؟ 12يا بيدو گهُريس، تہ وڇون ڏئيس؟ 13پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.
14۽ پاڻ هڪڙي گونگي ڀوت کي ٿي ڪڍيائين، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀوت نڪري ويو، تڏهن اُهو گونگو ڳالهائڻ لڳو، ۽ ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پيا. 15پر اُنهن مان ڪن چيو تہ هيءُ ڀوتن جي سردار بعل زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي. 16۽ ٻين کيس آزمائڻ لاءِ چيو، تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار. 17پر هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ جنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، سا برباد ٿيو وڃي، ۽ جنهن گهر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي، سو گهر ڦٽيو پوي. 18۽ جي شيطان بہ پنهنجي برخلاف ٿئي تہ سندس بادشاهت ڪيئن بيهي سگهندي؟ ڇوتہ اوهين منهنجي نالي چئو ٿا تہ هي بعل زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي. 19سو جي آئون بعل زبول جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ ڀلا اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا اُنهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا. 20پر جيڪڏهن آئون خدا جي قدرت سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ تڏهن خدا جي بادشاهت اوهان وٽ اچي سهڙي آهي. 21جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو هٿيار پنوهار ٻَڌي پنهنجيءَ حويليءَ جي سنڀال ٿو ڪري، تڏهن ان جو مال متاع سلامت ٿو رهي؛ 22پر جي کانئس ڪو زور وارو مٿس چڙهي ڪري اچي ٿو غالب پويس، تہ پوءِ جن هٿيارن تي سندس زور هو، سي سڀ کسيو ٿو وٺيس، ۽ سندس مال لُٽي ورهائي ٿو ڇڏي. 23جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي برخلاف آهي؛ ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي گڏ نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي. 24۽ جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي، تڏهن اُهو برن پٽن ۾ آرام ڳوليندو ٿو وتي، ۽ جڏهن آرام نٿو مليس، تڏهن چوي ٿو تہ آئون موٽي پنهنجي گهر ويندس، جتان نڪتو آهيان. 25۽ جڏهن اچي ٿو تہ گهر کي ٻُهاريل ۽ سينگاريل ٿو ڏسي. 26تڏهن هو وڃي پاڻ کان بہ خراب ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي؛ ۽ اُهي اندر گهڙي اُتي رهن ٿا: ۽ انهي ماڻهوءَ جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿيو پوي.
27هن اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ڇا ٿيو جو ميڙاڪي مان هڪڙي زال وڏي سڏ چيس تہ مبارڪ آهي اُهو پيٽ، جنهن ۾ تون هئين، ۽ اُهي ٿڻ، جن کي تو ڌاتو. 28تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.
29۽ جڏهن خلق وٽس پئي مڙي، تڏهن چوڻ لڳو تہ هن زماني جا ماڻهو بڇڙا آهن، اُهي نشاني ٿا گهرن، ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني ڪانہ ڏني ويندي. 30ڇوتہ جيئن نينواهہ جي ماڻهن لاءِ يوناہ نشان ٿيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ بہ ابن آدم نشاني ٿيندو. 31ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندي، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ کان سليمان جي سياڻپ ٻُڌڻ لاءِ آئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي. 32نينواهہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندا، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندا، ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.
33ڪوبہ شخص ڏيئو ٻاري بهري ۾ يا ٽوئي هيٺ نہ، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي. 34بدن جو ڏيئو آهي تنهنجي اک: سو جي تنهنجي اک برابر هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن بہ روشنيءَ سان ڀريل هوندو، پر جي بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو بدن بہ اونداهيءَ سان ڀريل هوندو. 35تنهنڪري سنڀال، تہ تو ۾ جا روشني آهي سا اونداهي تہ ڪينهي؟ 36تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل آهي، ۽ ڪنهن بہ ڀاڱي ۾ اونداهي نہ آهي، تہ ساڳيو جيئن ڏيئو پنهنجي تجليءَ سان توکي سوجهرو ٿو ڏئي، تيئن تنهنجو سڄو ئي بدن روشنيءَ سان ڀريل رهندو. 37هاڻي اڃا ائين پئي چيائين، تہ هڪڙي فريسي اچي منٿ ڪيس تہ مون وٽ هلي ماني کاءُ. ۽ هو اندر وڃي ماني کائڻ ويٺو. 38۽ جڏهن فريسيءَ ڏٺو تہ کائڻ کان اڳي پهريائين هٿ ڪين ڌوتائين، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس. 39تڏهن خداوند چيس، تہ اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر ڦرلٽ ۽ برائي سان ڀريو پيو آهي. 40اي نادانو، جنهن ٻاهر ٺاهيو، اندر بہ اُنهي ئي ڪين ٺاهيو ڇا؟ 41پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.
42پر افسوس اوهان تي آهي، فريسيو! ڇاڪاڻ تہ ڦودني ۽ سداب ۽ سڀ ڪنهن ڀاڄيءَ مان ڏهون حصو ڏيو ٿا، پر انصاف ۽ خدا جو پيار ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر واجب هو تہ هي بہ ڪريو ها ۽ اُهو بہ نہ ڇڏي ڏيو ها. 43اي فريسيو، افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪريو، ۽ اوهان کي وڻي ٿو تہ بازارن ۾ ماڻهو اسان کي سلام ڪن. 44افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين اُنهن قبرن وانگر آهيو جي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿيون اچن، جن تي ماڻهو هلن ٿا، پر انهن جي خبر ڪانہ ٿي رهين.
45تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم وراڻي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، هي جيڪي تون چئين ٿو تنهن ۾ اسان کي بہ طعنو ٿو هڻين. 46هن چيو، تہ اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهين ماڻهن تي اهڙا بار ٿا رکو جي کڄڻ مشڪل آهن، پر پاڻ انهن کي هڪڙي آڱر بہ نٿا لايو. 47افسوس اوهان تي! جو اوهين نبين جون قبرون ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو. 48سو اوهين شاهد آهيو، ۽ جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن ڪيو، سو اوهان کي پسند آهي: ڇالاءِ تہ هنن کين مارايو، ۽ اوهين سندن قبرون پيا ٺاهيو. 49انهي لاءِ خدا جي دانائيءَ فرمايو آهي، تہ آئون نبين ۽ رسولن کي اُنهن وٽ موڪليندس، جن مان اُهي ڪن کي ماري وجهندا، ۽ ڪن کي ستائيندا؛ 50انهي لاءِ تہ سڀني نبين جو خون، جو دنيا جي شروعات کان وٺي وهايو ويو آهي، تنهن جو هن زماني جي ماڻهن کان حساب وٺجي: 51يعني هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جو خون توڻي، جو قربانگاهہ ۽ پاڪ جاءِ جي وچ ۾ مارجي ويو: هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن زماني جي ماڻهن کان انهي جو حساب وٺبو. 52اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهان علم جي ڪنجي کسي ورتي: اوهين پاڻ تہ اندر ڪين گهڙيا، ۽ جيڪي اندر گهڙيا ٿي، تن کي بہ اوهان روڪيو.
53۽ جڏهن هو اُتان نڪتو، تڏهن فقيهہ ۽ فريسي ورائي ويس، ۽ ڇيڙڻ لڳس تہ گهڻيون ڳالهيون ڪري. 54۽ وجهہ پئي ڳوليائون تہ زبان مان ڪي ڪڍي تہ ڦاسايونس.
Đang chọn:
لوقا 11: SB62
Tô màu
Chia sẻ
Sao chép
Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: