Biểu trưng YouVersion
Biểu tượng Tìm kiếm

لوقا 12

12
1انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو. 2پر ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانهي جا ڍڪيل آهي ۽ پڌري نہ ٿيندي، ۽ ڳجهي آهي ۽ کولي نہ ويندي. 3تنهنڪري جيڪي اوهان اونداهيءَ ۾ ڳالهايو آهي، سو سوجهري ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندو، ۽ جيڪي ڳالهيون اوهان اندر ڪوٺين ۾ ڪن سن ۾ ڪيون آهن، تن جو کڏن تي هوڪو پوندو. 4۽ آئون اوهان پنهنجن دوستن کي چوان ٿو، تہ جيڪي بدن کي قتل ٿا ڪن، ۽ تنهن کانپوءِ ڪي بہ ڪري نٿا سگهن، تن کان متان ڊنا آهيو. 5پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو. 6ٽڪي جون پنج جهرڪيون ڪين ٿيون وڪامن ڇا؟ تہ بہ اُنهن مان هڪڙي بہ خدا کي نٿي وسري. 7بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن. متان ڊنا آهيو: اوهان جو ملهہ تہ گهڻين جهرڪين کان مٿي آهي. 8۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول ڪندو، تنهن کي ابن آدم بہ خدا جي ملائڪن اڳيان قبوليندو. 9پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو انڪار ڪندو، تنهن جو خدا جي ملائڪن جي اڳيان انڪار ڪيو ويندو. 10۽ جيڪو بہ ماڻهو ابن آدم جي برخلاف ڪا ڳالهہ چوندو، تنهن کي اُها معاف ڪئي ويندي، پر جيڪو بہ ماڻهو پاڪ روح جي بابت ڪفر بڪندو، تنهن کي اُهو معاف نہ ٿيندو. 11۽ جڏهن اُهي اوهان کي عبادتخانن، ۽ حاڪمن، ۽ اختياريءَ وارن اڳيان کڙو ڪن، تڏهن متان فڪر ڪيو اٿوَ، تہ ڪيئن يا ڪهڙي وراڻي ڏيون، يا ڇا چئون: 12ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي چوڻ کپي سو پاڪ روح اُنهي ئي گهڙيءَ اوهان کي سيکاريندو.
13۽ اُنهي گوڙ مان هڪڙي کيس چيو، تہ اي اُستاد، منهنجي ڀاءُ کي چئو تہ ورثي مان منهنجو حصو مون کي ورهائي ڏي. 14پر هن چيس، تہ اي ادا، مون کي اوهان جي مٿان منصف يا امين ڪنهن ٺهرايو آهي؟ 15۽ هن چين تہ سنڀالجو، ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائيندا رهجو، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو مدار سندس ججهي مال متاع تي نہ آهي. 16۽ هڪڙو مثال ڏيئي چيائين، تہ ڪنهن شاهوڪار جي ٻني ڏاڍي ڀلي ٿي: 17سو دل ۾ خيال پچائي چوڻ لڳو، تہ هاڻي ڇا ڪريان، جو اُها جاءِ ڪانهيم جتي کڻي پنهنجو فصل ڪٺو ڪري رکان؟ 18تڏهن چوڻ لڳو تہ هيئن ٿو ڪريان، جو ڀانڊا ڊهرائي ٻيا وڏا ٿو جوڙايان، ۽ اُتي پنهنجو سمورو اَن ۽ مال متاع گڏ ڪري ٿو رکان. 19۽ پنهنجي جيءَ کي چوندس تہ ٻيلي، تو وٽ ججهو ئي مال پيو آهي جو گهڻيئي سال هلندو؛ هاڻي سکي ٿيءُ، کاءُ پيءُ، ۽ موجون ماڻ. 20پر خدا چيس، تہ اي نادان، اڄ ئي رات جو تنهنجي جان توکان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي ميڙي رکيو اٿيئي، سو ڪنهن جو ٿيندو؟ 21تهڙيءَ ريت اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي لاءِ خزانو ميڙي ٿو رکي، پر خدا جي اڳيان شاهوڪار نہ آهي.
22۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ انهي لاءِ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ پنهنجي جان لاءِ فڪر نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين، نڪي پنهنجي بُت لاءِ تہ ڇا پهرينداسين. 23ڇالاءِ جو جان کاڌي کان، ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ آهي. 24ڪانوَن کي جاچي ڏسو، تہ نڪي پوکين نڪي لُڻن، انهن کي نہ ڪوٺي آهي نہ ڀانڊو، تڏهن بہ خدا اُنهن کي کارائي ٿو: پوءِ اوهين پکين کان ڪيترو نہ وڌيڪ آهيو! 25اوهان مان ڪير فڪر ڪري پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي ٿو سگهي؟ 26پوءِ جڏهن اوهان کان ههڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نٿي سگهي، تڏهن ٻين شين لاءِ فڪر ڇو ٿا ڪريو؟ 27سوسن جا گل تہ جاچي ڏسو تہ ڪيئن ٿا اُڀرن؛ اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين، تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري جلال هوندي بہ، اُنهن مان هڪڙي جهڙو بہ پهريل نہ هو. 28پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ، جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلائبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي تہ پاڻ اُنهن کان گهڻو وڌيڪ ڪين پهرائيندو ڇا؟ 29۽ اها تلاش نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين ۽ ڇا پيئنداسين؟ نڪي دل هڻو. 30ڇوتہ دنيا جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ آهن. پر اوهان جي پيءُ کي خبر آهي تہ اوهان کي اُنهن شين جي گهُرج آهي. 31پر اوهين خدا جي بادشاهت جي ڳولا ڪريو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. 32اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري. 33جيڪي اٿوَ سو وڪڻي خيرات ڪريو؛ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جي پراڻيون نہ ٿين؛ يعني اهڙو مال آسمان ۾ ڪَٺو ڪري رکو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجهو اچي، نہ ڪينئون خراب ڪري. 34ڇالاءِ تہ جتي تنهنجو مال هوندو، دل بہ تنهنجي اُتي ئي هوندي.
35پنهنجي ڪمر ڪشيل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻرندا رکو؛ 36۽ اوهين پاڻ اُنهن ماڻهن وانگر ٿجو، جي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون پائي ويٺا هجن، تہ جڏهن شاديءَ جي مجلس تان موٽي اچي کڙڪائي، تہ اُمالڪ سندس لاءِ در کولين. 37مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو. 38۽ جيڪڏهن هو رات جي ٻئي پهر اچي، ۽ اُنهن کي سجاڳ ڏسي، تہ مبارڪ آهن اُهي نوڪر. 39پر هي ڄاڻي ڇڏيو، تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي سُڌ هجي ها تہ چور ڪهڙيءَ گهڙيءَ ايندو، تہ هوند جاڳي ويهي ها، ۽ گهر کي کاٽ لڳڻ ئي ڪين ڏئي ها. 40تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇالاءِ تہ جا گهڙي اوهان جي خيال ۾ بہ نہ هوندي، تنهن ۾ ئي ابن آدم اچي سهڙندو.
41۽ پطرس چيو، تہ اي خداوند، هي مثال تون اسان کي ٿو چئين يا سڀني کي؟ 42تنهن تي خداوند چيو، تہ ايماندار ۽ سياڻو خدمتگار ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن مٿان رکي وڃي، تہ اُنهن کي مهل سر رسد رسائي؟ 43مبارڪ آهي اُهو نوڪر، جنهن کي سندس ڌڻي اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي. 44آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هو کيس پنهنجي ساريءَ ملڪيت جي مٿان ڪري رکندو. 45پر جيڪڏهن اُهو نوڪر پنهنجي دل ۾ چوي، تہ منهنجي مالڪ اچڻ ۾ دير ڪئي آهي، ۽ نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ ڪُٽڻ لڳي، ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ الوٽ ٿيڻ لڳي؛ 46تہ اُنهي نوڪر جو مالڪ اُنهي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ پوندي، ۽ هو اُنهي کي خوب چهبڪن سان ماريندو ۽ کيس ڪڍي کڻي بي ايمانن ۾ شامل ڪندو. 47۽ اُهو نوڪر جنهن کي پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ جي خبر هئي، ۽ تياري نہ ڪيائين، نڪي هن جي مرضيءَ موجب هليو، تنهن کي خوب مار ملندي. 48پر جنهن کي خبر ڪانہ هئي، ۽ ڦٽڪن جي سزا جوڳو ڪم ڪيائين، تنهن کي ٿوري مار ملندي. ۽ جنهن کي گهڻو مليل آهي تنهن کان گهڻو طلب ڪيو ويندو؛ ۽ جنهن کي ججهو سونپيو هوندائون، انهي کان گهُرندا بہ وڌيڪ.
49آئون زمين تي باهہ لڳائڻ آيو آهيان؛ ۽ جي اڳيئي لڳل هجي ها تہ ڪهڙو نہ چڱو؟ 50پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان! 51اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ آئون زمين تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان؟ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ، پر جدائي ڪرائڻ آيو آهيان. 52ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ هڪڙي گهر جي پنجن ماڻهن مان ٽي ٻن کان وڇڙيل هوندا، ۽ ٻہ ٽن کان. 53۽ پيءُ پٽ کان، ۽ پٽ پيءُ کان وڇڙندو؛ ماءُ ڌيءَ کان ۽ ڌيءَ ماءُ کان، سس ننهن کان ۽ ننهن سس کان.
54۽ خلق کي بہ چيائين، تہ جڏهن اوهين اُلهندي ۾ ڪڪر مٿي ايندو ٿا ڏسو، تڏهن اُنهي دم چئو ٿا تہ مينهن آيو، ۽ ائين ٿئي ٿو. 55۽ جڏهن ڏکڻ لڳندو ٿا ڏسو، تڏهن چئو ٿا تہ ڏاڍي لُڪ لڳندي، ۽ ائين ٿئي ٿو. 56اي رياڪارو، اوهان کي زمين ۽ آسمان جي صورت سڃاڻڻ اچي ٿي، پر زماني کي سهي ڪري نٿا سگهو؟ 57۽ جيڪي حق آهي تنهن جو اوهين پاڻ ڇو انصاف نٿا ڪريو؟ 58۽ جڏهن تون پنهنجي مدعيءَ سان حاڪم وٽ پيو وڃين، تڏهن رستي تي ئي کانئس پلئُہ آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، تہ متان هو توکي منصف وٽ وٺي وڃي، ۽ منصف توکي حولدار جي حوالي ڪري، ۽ حولدار قيدخاني ۾ وجهيئي. 59آئون توکي چوان ٿو، تہ تون جيسين دمڙي دمڙيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نہ نڪرندين.

Đang chọn:

لوقا 12: SB62

Tô màu

Chia sẻ

Sao chép

None

Bạn muốn lưu những tô màu trên tất cả các thiết bị của mình? Đăng ký hoặc đăng nhập