لوقا 9:4-12
لوقا 9:4-12 SB62
تنهن کانپوءِ هو يروشلم ۾ وٺي ويس، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس، تہ جي تون خدا جو فرزند آهين، تہ هتان پاڻ کي کڻي هيٺ ڪيراءِ: ڇوتہ لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجن ملائڪن کي حڪم ڏيندو تہ تنهنجي سنڀال ڪن: ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي ٺوڪر کائي.“ تڏهن يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ چيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا جي آزمائش نہ وٺج.“