عيسيٰ مسيح جي پيدائش ھن ريت ٿي جو جڏھن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل ھو پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي ھئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آھي. ھن جو مڱيندو ھڪ نيڪ ماڻھو ھو، تنھنڪري ھن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“