YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 21

21
1پوءِ جڏهن هن مٿي نهاريو، تہ ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي خزاني ۾ پنهنجا نذرانا پيا وجهن. 2۽ هڪ غريب بيوهہ زال کي ان ۾ ٻہ دمڙيون وجهندو ڏٺائين. 3تنهن تي هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن سڀني کان هن غريب بيوهہ زال وڌيڪ وڌو آهي. 4ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهُرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان ڏنو اٿن: پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ پنهنجي سموري ڪمائي کڻي وڌي.
5۽ ڪي هيڪل جي بابت چوڻ لڳا تہ ڪهڙن نہ عمدن پهڻن ۽ نذران جي شين سان سينگاريل آهي، تنهن تي هن چيو تہ 6اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن هي شيون جي اوهين ڏسو ٿا، تن مان پهڻ، پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو. 7تڏهن هنن پڇيس تہ اي اُستاد، اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جڏهن اُهي ٿيڻ تي هونديون تڏهن انهي وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟ 8هن چيو تہ سنڀالجو، متان گمراهہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو گهڻا منهنجي نالي اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان ۽ وقت ويجهو آيو آهي: پر اوهين متان انهن جي پٺيان وڃو. 9۽ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ، ڇو جو پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.
10پوءِ چيائين تہ قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، 11۽ ڏاڍا زلزلا ٿيندا، ۽ هنڌ هنڌ ڏڪار ۽ وبائون پونديون؛ آسمان مان هيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاهر ٿيندا. 12پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا. 13انهي جو نتيجو اوهان لاءِ شاهدي ڏيڻ جو موقعو ٿيندو. 14تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ ٺهرائي ڇڏيو، تہ اسين اڳ ۾ ئي فڪر نہ ڪنداسين تہ ڪهڙو جواب ڏيون؛ 15ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي. 16پر اوهان جا پيئر، مائر، ڀائر، مٽ مائٽ، ۽ سڄڻ بہ اوهان کي جهلائيندا؛ بلڪ اوهان مان ڪن کي مارائي ڇڏيندا؛ 17۽ منهنجي نالي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان نفرت ڪندا. 18پر اوهان جي مٿي جو هڪ وار بہ ونگو نہ ٿيندو. 19اوهين پنهنجي صبر سان پنهنجي جان بچائيندا.
20پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي. 21پوءِ جيڪي يهوديہ ۾ هجن سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن، ۽ جيڪي شهر جي وچ ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن، ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گهڙن. 22ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين. 23افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي اُنهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا! ڇالاءِ تہ زمين تي وڏي آفت ايندي، ۽ هن اُمت تي غضب اچي پوندو. 24۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي. 25۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون. 26جيڪي آفتون زمين تي اچي نازل ٿينديون، تن جي اُلڪي ۾ ڊپ کان ماڻهن جو ساهہ ئي سُڪي ويندو، ڇالاءِ جو آسمان جون طاقتون ڏڪي وينديون. 27تڏهن اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ شان شوڪت سان ڪڪر ۾ ايندو ڏسندا. 28پر جڏهن اُهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن، تڏهن سنوان ٿي ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇالاءِ جو اوهان جو ڇوٽڪارو ويجهو آيو آهي.
29۽ هن هڪڙو مثال ڏيئي چين، تہ انجير جو وڻ ۽ ٻيا سڀيئي وڻ ڏسو؛ 30هاڻي جڏهن اُهي مورجن ٿا، تڏهن اوهين ڏسي سهي ٿا ڪريو، تہ اونهارو ويجهو آيو آهي. 31تهڙيءَ طرح جڏهن اوهين هي ڳالهيون ٿينديون ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي. 32آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين سڀيئي ڳالهيون پوريون ڪين ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي. 33آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪين ٽرندو.
34مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي: 35ڇالاءِ جو اُهو ساريءَ دنيا جي سڀني رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو. 36پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.
37۽ هو روز ڏينهن جو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو، ۽ رات جو ٻاهر نڪري زيتون جي ٽڪر تي وڃي ٽڪندو هو. 38۽ سڀيئي ماڻهو صبح جو سوير هيڪل ۾ سندس ڳالهيون ٻڌڻ ايندا هئا.

Currently Selected:

لوقا 21: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in