لوقا 20
20
1۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو هن ماڻهن کي هيڪل ۾ ويٺي تعليم ڏني، ۽ انجيل جي منادي پئي ڪيائين؛ تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ، بزرگن سان گڏجي وٽس آيا. 2۽ چيائونس تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان تون اِهي ڪم ٿو ڪرين؟ اُهو ڪير آهي جنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟ 3هن جواب ڏيئي چيو، تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو مون کي ٻُڌايو، 4تہ يوحنا جي بپتسما آسمان کان هئي يا ماڻهن کان؟ 5تڏهن اُهي پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ جي ٿا چئون آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيوَ؟ 6پر جي ٿا چئون ماڻهن کان، تہ ساري خلق اسان کي سنگسار ڪندي؛ ڇالاءِ جو هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا نبي هو. 7تڏهن هنن جواب ڏنو تہ اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪٿان هئي. 8تنهن تي يسوع چين تہ آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.
9پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 10۽ مند تي هڪڙي نوڪر کي آبادگارن وٽ موڪليائين، تہ کانئن ڊاک جي ميوي جو حصو وٺي اچي، پر آبادگارن هن کي مار ڏيئي سکڻي هٿ ڪڍي ڇڏيو. 11تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو، تنهن کي بہ مار ڏيئي ۽ جُٺ ڪري، خالي هٿين ڪڍي ڇڏيائون. 12تڏهن هن ٽيون بہ موڪليو، ۽ اُنهيءَ کي بہ ڦٽي هڪالي ڪڍي ڇڏيائون. 13تڏهن باغ جي مالڪ چيو تہ ڪريان سو ڪريان ڇا؟ هاڻ پنهنجو پيارو پٽ ٿو موڪليان، تہ من انهي جي عزت رکن. 14پر جڏهن آبادگارن اُنهي کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ پهہ پچائڻ لڳا تہ هيءُ وارث آهي؛ اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ ورثو ئي اسان جو ٿئي. 15پوءِ هن کي باغ کان ٻاهر ڪڍي ماري وڌائونس. 16هاڻي باغ جو مالڪ اُنهن کي ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. جڏهن هنن اهو ٻُڌو تڏهن چوڻ لڳا، تہ خدا خير ڪري! 17پر هنن ڏانهن نهاري چيائين تہ هي جيڪي لکيل آهي، سو تڏهن ڇا آهي، تہ ”جنهن پهڻ کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو“؟ 18جيڪو اُنهي پهڻ تي ڪِرندو، سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.
19۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي. 20پوءِ هو هن کي اک ۾ رکندا آيا، ۽ جاسوس موڪليائون تہ ٻاهر سچار بنجي هن کي سندس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين، تہ حاڪم جي قبضي ۽ اختياريءَ ۾ ڏينس. 21۽ اُنهن پڇيس، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون جيڪي چئين ۽ سيکارين ٿو، سو برابر آهي ۽ ڪنهن جي بہ طرفداري نٿو ڪرين، پر خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين: 22اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟ 23پر هن سندن فريب سهي ڪري چيو تہ 24مون کي دينار ڏيکاريو، انهي تي ڪنهن جي شڪل ۽ ڪنهن جا اکر آهن؟ هنن چيو تہ قيصر جا. 25تنهن تي هن چين، تہ تنهنڪري جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي. 26۽ هو ماڻهن جي اڳيان هن کي سندس ڳالهين ۾ جهلي نہ سگهيا، ۽ کين سندس هن جواب تي ڏاڍو عجب لڳو ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
27پوءِ ڪي صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ، 28تن سوال پڇيس، تہ اي اُستاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بنا اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي، تہ انهيءَ لاءِ اولاد پيدا ٿئي. 29هاڻي هڪڙا ست ڀائر هئا، پهريون زال پرڻجي بنا اولاد مري ويو، 30ٻيو بہ ائين، 31۽ ٽيون بہ اُنهي سان پرڻيو، ۽ اهڙيءَ طرح ست ئي بنا اولاد مري ويا. 32آخر زال بہ مري ويئي. 33پوءِ قيامت ۾ اُنهن مان اُها ڪنهن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِ جو ست ئي هن سان پرڻيا هئا. 34يسوع چين تہ هن دنيا جا ٻار پرڻبا ۽ پرڻائبا آهن، 35پر جيڪي انهي لائق آهن تہ ايندڙ جهان ملين، ۽ قيامت ۾ جي اُٿن، سي نڪي پرڻبا نڪي پرڻايا ويندا آهن، 36ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن. 37پر مردا جي ٿا اُٿن، سو تہ موسيٰ پاڻ ٻوٽي واري بيان ۾ ڏيکاري ويو آهي، جنهن مهل هو خداوند کي ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا ڪري ٿو سڏي. 38هاڻي هو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي؛ ڇالاءِ جو سڀيئي هن جي اڳيان جيئرا آهن. 39۽ ڪن فقيهن جواب ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي. 40ڇالاءِ تہ هنن کي همت ئي ڪانہ ٿي، جو کانئس وڌيڪ سوال کڻي پڇن.
41۽ هن چين تہ اُهي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو پٽ آهي؟ 42ڇو جو دائود پاڻ زبور جي ڪتاب ۾ چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو، تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، 43جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان.“ 44سو جڏهن دائود کيس خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟
45۽ سڀني ماڻهن جي ٻُڌندي هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ 46فقيهن کان سنڀالجو جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، ۽ عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون، ۽ مجلسن ۾ خاص جڳهون ملن. 47جي بيوهہ زالن جا گهر ئي هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ ڊگهيون ڊگهيون نمازون ٿا پڙهن: اُنهن کي وڌيڪ سزا ملندي.
Currently Selected:
لوقا 20: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.