YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 10

10
پطرس ۽ ڪُرنيليس
1 قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو. 2هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو. 3هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“ 4هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس. 5هاڻي تون ڪي ماڻهو يافا شهر ڏانهن موڪل، جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچن جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. 6هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.“ 7اهو چئي دوت وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ڌرمچاري سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو. 8هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين.
9ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ چڙهيو. 10هن کي بک لڳي ۽ چاهيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ سو جڏهن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ هن کي درشن ڏنو ويو. 11هن ڏٺو تہ آڪاش کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي. 12ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي هئا. 13تڏهن هڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.“ 14پر پطرس چيو تہ ”اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا #10‏:14 اپوِتر هي لفظ پوِتر جو ضد آهي، جنهن کي ٻين ترجمن ۾ ”ناپاڪ“ يا ”پليت“ ۽ ڪن حوالن ۾ ”حرام“ پڻ لکيو ويو آهي.اپوِتر شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“ 15وري آواز آيس تہ ”جنهن کي ايشور پوِتر ڪيو آهي، تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.“ 16ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اها شيءِ هڪدم وري آڪاش ڏانهن کڄي ويئي.
17پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا. 18هنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آهي، سو هن گھر ۾ رهيل آهي ڇا؟“ 19پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ درشن جو مطلب ڇا آهي تہ پوِتر آتما کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن. 20سو اُٿ ۽ هيٺ لهي وڃ. انهن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇو تہ مون ئي انهن کي موڪليو آهي.“ 21تنهن تي پطرس هيٺ لهي ويو ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ ”آءٌ اهو آهيان، جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو. اوهين ڪيئن آيا آهيو؟“ 22انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ ايشور ڀڳت ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي ايشور جي هڪڙي پوِتر دوت چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“ 23پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين.
ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي وشواسي بہ هن سان گڏ هليا. 24ٽئين ڏينهن تي هو قيصريہ ۾ پهتو، جتي ڪُرنيليس پنهنجي مٽن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن سميت هنن جو انتظار ڪري رهيو هو. 25جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سيس نوايائين. 26پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“ 27پطرس ڪُرنيليس سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. 28پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي ڌرم ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر ايشور مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اپوِتر يا گھٽ نہ سمجھان. 29اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“
30ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو. 31هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن. 32سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘ 33تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي ڪرپا آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ ايشور جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ پرميشور اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“
پطرس جو اُپديش
34 # نيم 10‏:17 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري، 35بلڪ جيڪو ايشور جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.
36ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي. 37اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يوحنا جي بپتسما واري پرچار کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي. 38اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو. 39اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو. 40پر ايشور ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيوت ڪري ظاهر ڪيو. 41#لو 24‏:41‏-43ايشور سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيوت ٿي اٿيو. 42يسوع مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي ايشور مئل ۽ جيوت ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي. 43انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“
غير قومن کي پوِتر آتما جو ملڻ
44پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پوِتر آتما پرگھٽ ٿي، جيڪي اُپديش ٻڌي رهيا هئا. 45‏-46مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ 47”هنن ماڻهن کي اسان وانگر ئي پوِتر آتما ملي آهي. هاڻي انهن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“ 48سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 10: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for سنتن جا ڪم 10