9
سائول ۾ تبديلي
(سنتن جا ڪم 22:6-16، 26:12-18)
1هوڏانهن سائول اڃا تائين پرڀو يسوع جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو 2۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“
3سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آڪاش مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي. 4تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“ 5هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. 6هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“ 7جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو. 8تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو. 9اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.
10دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“ 11پرڀوءَ وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو پرارٿنا ڪري رهيو آهي 12۽ درشن ۾ ڏٺو اٿس تہ حننياہ نالي هڪ ماڻهوءَ اچي سندس مٿان پنهنجا هٿ رکيا آهن تہ جيئن هو وري ڏسڻ جهڙو ٿئي.“ 13پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن. 14هو هتي بہ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ سردار ڪاهنن جي اختياريءَ سان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪي تنهنجو نالو وٺن ٿا.“ 15پرڀو يسوع هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي سيوا واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، راجائن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري. 16آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“
17سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“ 18تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي 19۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي.
سائول جو دمشق ۾ پرچار ڪرڻ
سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين وشواسين سان گڏ رهيو. 20هو جلد ئي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي يسوع بابت پرچار ڪرڻ لڳو تہ هو ايشور جو پٽ آهي. 21جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ يسوع جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“ 22پر سائول جو پرچار ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.
23 #
2.ڪر 11:32-33
گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي. 24پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين، 25تڏهن سندس چيلن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت تان لڙڪائي هيٺ لاهي ڇڏيو.
سائول يروشلم ۾
26پوءِ سائول يروشلم ۾ اچي پهتو ۽ اتي جي وشواسين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ هو بہ ڪو وشواسي آهي. 27تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن پرڀو يسوع کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن پرڀوءَ ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ يسوع جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان پرچار ڪيو. 28پوءِ سائول خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ پرڀو يسوع جي نالي تي دليريءَ سان پرچار پيو ڪندو هو. 29هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا. 30جڏهن وشواسين کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.
31انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ وشواسي منڊليءَ کي شانتي ملي. اها پرميشور جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان وڌندي ويئي.
پطرس لُدہ ڳوٺ ۽ يافا شهر ۾
32پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو #9:32 مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل يعني پرڀو يسوع مسيح تي وشواسي رکندڙ.مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا. 33اتي هن اينياس نالي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو هو. 34پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! يسوع مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو. 35لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن پرڀو يسوع تي وشواس آندو.
36 يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو #9:36 طبيٿا يعني دورڪاس ”طبيٿا“ ارامي ٻوليءَ جو لفظ ۽ ”دورڪاس“ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جن جي معنيٰ ”هرڻي“ آهي.طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي. 37انهن ڏينهن ۾ هوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. هن جي لاش کي اشنان ڏيئي ماڙيءَ تي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون. 38جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي وشواسين کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي وينتي ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“ 39تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي وڌوائون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا. 40پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي. 41پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين. 42هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي پرڀو يسوع تي وشواس آندو. 43پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو.