YouVersion Logo
Search Icon

لوقا ‮تعارف‬

تعارف
لوقا جيڪو حڪيم هو، سو پرڀو يسوع جي پوئلڳن مان پڻ هڪ هو. هن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي لوقا نالي هن ٽئين پوِتر شاستر ۾ پرڀو يسوع کي نہ فقط بني اسرائيل لاءِ وچن ڪيل مڪتي ڏيندڙ، بلڪ سڀني قومن لاءِ پڻ مڪتي ڏيندڙ طور پيش ڪيو ويو آهي. هن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ پرڀو يسوع کي ايشور جي پوِتر آتما ان لاءِ سڏيو هو تہ هو ”غريبن کي خوشخبري“ ڏئي (4‏:18). اهو ئي سبب آهي جو خوشخبريءَ جو هي پوِتر شاستر ماڻهن جي سڀني قسمن جي ضرورتن جي چنتا سان ڀريو پيو آهي. هن پوِتر شاستر ۾ خوشيءَ جي خبر بہ نمايان آهي، خاص ڪري شروعاتي بابن ۾، جيڪي پرڀو يسوع جي اچڻ جو اعلان ڪن ٿا ۽ وري آخر ۾ پڻ، جڏهن پرڀو يسوع مٿي آڪاش ڏانهن کڄي وڃي ٿو. پرڀو يسوع جي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ کان پوءِ وشواسين جي تعداد ۾ واڌاري ۽ ڦهلاءَ جي ڪٿا لوقا جي معرفت ”سنتن جا ڪم“ نالي پوِتر شاستر ۾ ڄاڻايل آهي.
لوقا جي هن پوِتر شاستر ۾ گھڻيون ئي اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي خوشخبريءَ جي ٻين پوِتر شاسترن ۾ نہ ٿيون ملن، جهڙوڪ: پرڀو يسوع جي جنم تي دوتن جو ايشور جي مهما ڪرڻ ۽ ريڍارن جو اچڻ، پرڀو يسوع جو ننڍپڻ ۾ هيڪل ۾ وڃڻ ۽ نيڪ سامريءَ ۽ وڃايل پٽ جا مثال. خوشخبريءَ جي هن سڄي پوِتر شاستر ۾ هنن چئن ڳالهين تي بہ زور ڏنو ويو آهي، جهڙوڪ: پرارٿنا، پوِتر آتما، پرڀو يسوع جو نارين سان سلوڪ ۽ ايشور کان پاپن جي معافي.
سِٽاءُ
منڍ 1‏:1‏-4
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري ۽ پرڀو يسوع جو جنم ۽ پرڀو يسوع جو ننڍپڻ 1‏:5‏–2‏:52
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو پرچار ڪرڻ 3‏:1‏-20
پرڀو يسوع جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش 3‏:21‏–4‏:13
گليل علائقي ۾ پرڀو يسوع جو سيوا وارو ڪم ۽ پرچار ڪرڻ 4‏:14‏–9‏:50
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 9‏:51‏–19‏:27
پرڀو يسوع جو سوليءَ وارو موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 19‏:28‏–23‏:56
پرڀو يسوع جو جيوت ٿي اٿڻ، درشن ڏيڻ ۽ آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ 24‏:1‏-53

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in