YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 16

16
يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
(متي 28‏:1‏-8، لوقا 24‏:1‏-12، يوحنا 20‏:1‏-10)
1سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن. 2پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اُڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون. 3‏-4جيئن تہ قبر جي منهن تي رکيل پٿر تمام وڏو هو، سو رستي تي اهي پاڻ ۾ چونديون ٿي آيون تہ ”اسان لاءِ قبر جي منهن تان پٿر ڪير هٽائيندو؟“ پر جڏهن اتي اچي پهتيون تہ ڇا ڏسن تہ اهو پٿر تہ اڳي ئي رڙهيو پيو آهي. 5جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون. 6تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون. 7#مت 26‏:32، مر 14‏:28 پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت يسوع جي ٻين چيلن کي چئو تہ ’يسوع اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“ 8تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.#16‏:8 ڪن قديم مسودن ۾ آيت 8 هن ڪتاب جي آخري آيت آهي ۽ 9‏-20 آيتون نہ آهن.
مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏيڻ
(متي 28‏:9‏-10، يوحنا 20‏:11‏-18)
9يسوع آچر ڏينهن صبح جو سوير جيوت ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏنو، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا. 10تڏهن هن وڃي يسوع جي ساٿين کي اها ڳالهہ ٻڌائي، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا. 11جڏهن هنن ٻڌو تہ يسوع جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ مريم پاڻ ان کي ڏٺو آهي، تڏهن بہ اهي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.
ٻن چيلن کي درشن ڏيڻ
(لوقا 24‏:13‏-35)
12انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻئي روپ ۾ چيلن مان ٻن ڄڻن کي درشن ڏنو، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا. 13تڏهن اهي اتان ئي يروشلم ڏانهن موٽي آيا ۽ اها ڳالهہ ٻين چيلن کي بہ اچي ٻڌايائون. پر انهن جي ڳالهہ تي بہ هنن اعتبار نہ ڪيو.
يارهن چيلن کي درشن ڏيڻ
(متي 28‏:16‏-20، لوقا 24‏:36‏-49، يوحنا 20‏:19‏-23، سنتن جا ڪم 1‏:6‏-8)
14آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو. 15#سن 1‏:8 پوءِ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين سڄي سنسار ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريو. 16جيڪو بہ انهيءَ تي وشواس آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو مڪتي حاصل ڪندو، پر جيڪو وشواس نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو. 17جيڪي وشواس آڻيندا، تن ۾ شڪتيءَ جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا. 18جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“
يسوع مسيح جو آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ
(لوقا 24‏:50‏-53، سنتن جا ڪم 1‏:9‏-11)
19 # سن 1‏:9‏-11 انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ پرڀو يسوع آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 20پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

Currently Selected:

مرقس 16: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in