YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 15

15
يسوع مسيح پلاطس جي اڳيان
(متي 27‏:1‏-2‏،11‏-14، لوقا 23‏:1‏-5، يوحنا 18‏:28‏-38)
1صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو. 2پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ 3اتي سردار ڪاهنَ يسوع تي گھڻيون ئي تهمتون هڻندا رهيا. 4تنهنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ بہ نہ چوندين؟ ڏس، هنن تو تي ڪيتريون تهمتون مڙهيون آهن.“ 5پر يسوع وري بہ هڪ لفظ نہ ڳالهايو. تنهن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.
يسوع مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم
(متي 27‏:15‏-26، لوقا 23‏:13‏-25، يوحنا 18‏:39‏–19‏:16)
6پلاطس هر فصح جي تهوار جي موقعي تي هڪ قيدي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعايا چوندي هئس. 7انهن ڏينهن ۾ برابا نالي هڪ ماڻهو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ هو جن هڪڙي فساد ۾ خون ڪيا هئا. 8جڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان رعايت گھريائون، 9تڏهن هن انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين چاهيو ٿا تہ آءٌ اوهان جي خاطر يهودين جي راجا کي آزاد ڪريان؟“ 10اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“ 11پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو يسوع جي بدران برابا کي آزاد ڪري. 12پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”پر جنهن کي اوهين يهودين جو راجا ٿا سڏيو، تنهن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“ 13تنهن تي انهن رڙيون ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ 14تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“
15جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ يسوع کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“
سپاهين جو يسوع مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ
(متي 27‏:27‏-31، يوحنا 19‏:2‏-3)
16سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون. 17انهن يسوع کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس. 18پوءِ چوڻ لڳس تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ 19ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سيس نوائيندا رهيا. 20جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ
(متي 27‏:32‏-44، لوقا 23‏:26‏-43، يوحنا 19‏:17‏-27)
21 # رو 16‏:13 رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پتا هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا. 22پوءِ اُهي يسوع کي يروشلم کان گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“ 23هنن يسوع کي اهڙي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ مُرَ نالي نشيدار شيءِ گڏيل هئي، پر هن اُها نہ پيتي. 24#زب 22‏:18 پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون. 25اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس سوليءَ تي چاڙهيو. 26انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“ 27‏-28#يس 53‏:12 انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو سوليءَ تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.#15‏:27‏-28 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”اهڙيءَ طرح پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ’هو پاپين ۾ ليکيو ويندو‘“ (ڏسو لوقا 22‏:37).
29 # زب 22‏:7، 109‏:25، مر 14‏:58، يو 2‏:19 جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري يسوع کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو. 30هاڻي پاڻ کي بچائي سوليءَ تان هيٺ تہ لهي ڏيکار.“ 31ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ ۽ نيم شاستري يسوع تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي چون پيا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي. 32هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو راجا، ڪيئن ٿو سوليءَ تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس وشواس آڻيون.“ يسوع سان گڏ جيڪي ماڻهو سوليءَ تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.
يسوع مسيح جو مِرتيو
(متي 27‏:45‏-56، لوقا 23‏:44‏-49، يوحنا 19‏:28‏-30)
33منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي. 34#زب 22‏:1 ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ #15‏:34 ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ هي ايشور کي سڏڻ جا لفظ ”الوهي! الوهي!“ عبراني ۽ ”لما شبقتني“ ارامي ٻوليءَ مان ورتل آهن.”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ 35جيڪي ماڻهو اُتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“ 36#زب 69‏:21 انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي سوليءَ تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
37پوءِ يسوع وڏي رڙ ڪندي دم ڏنو. 38#خر 26‏:31‏-33 تڏهن هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. 39فوجي صوبيدار جيڪو سوليءَ جي اڳيان بيٺو هو تنهن يسوع کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ پچ تہ هي ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“
40 # لو 8‏:2‏-3 اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون. 41جڏهن يسوع گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي سيوا ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي ناريون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون.
يسوع مسيح جو ڪفن دفن
(متي 27‏:57‏-61، لوقا 23‏:50‏-56، يوحنا 19‏:38‏-42)
42شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين #15‏:42 تياريءَ جي ڏينهن هن مان مراد سبت يا ڪنهن تهوار جي ڏينهن کان اڳ وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن يهودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا هئا، ڇو تہ ٻئي ڏينهن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ دور ۾ ٻئي ڏينهن جي شروعات سج لهڻ کان ئي ٿيندي هئي.تياريءَ جي ڏينهن جي هئي. 43تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي پئنچائت جو هڪ مانوارو ڪارڪن هو ۽ پاڻ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين. 44پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ يسوع ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا يسوع ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“ 45جڏهن صوبيدار کيس اهڙي خاطري ڏياري، تڏهن پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏني. 46پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ يسوع جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين. 47مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماتا مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.

Currently Selected:

مرقس 15: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in