YouVersion Logo
Search Icon

متي 11

11
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا قاصد
(لوقا 7‏:18‏-35)
1جڏهن يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي سکيا ڏئي ۽ پرچار ڪري.
2هاڻي جڏهن يوحنا جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي چيلا يسوع ڏانهن موڪليا. 3هنن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 4تنهن تي يسوع جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ 5#يس 35‏:5‏-6، 61‏:1 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 6سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“
7جڏهن اهي هليا ويا تہ يسوع ميڙ کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟ 8پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي راجائن جي محلن ۾ هوندا آهن. 9پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي. 10#ملا 3‏:1 بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ
’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
11آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آڪاش جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي. 12#لو 16‏:16 يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي پرچار کان وٺي هن وقت تائين آڪاش جي راڄ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. 13اها ڳالهہ موسيٰ جي شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاسترن ۾ يوحنا جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ويئي هئي. 14#ملا 4‏:5، مت 17‏:10‏-13، مر 9‏:11‏-13 جيڪڏهن اوهين وشواس ڪريو تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ، جيڪو اچڻ وارو هو سو هي يوحنا ئي اٿوَ. 15جنهن کي بہ ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
16هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان؟ اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ
17’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون،
پر اوهين نچيا ئي ڪين.
اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا،
پر اوهين رنا ئي ڪين.‘
18ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا وِرت جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ 19پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“
بي‌وشواس ماڻهن تي مصيبت
(لوقا 10‏:13‏-15)
20جن شهرن ۾ يسوع تمام گھڻا چمتڪار ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ 21#يس 23‏:1‏-18، حز 26‏:1‏–28‏:26، يوا 3‏:4‏-8، عا 1‏:9‏-10، زڪ 9‏:2‏-4 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها. 22آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 23#يس 14‏:13‏-15، پيد 19‏:24‏-28 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها. 24#مت 10‏:15، لو 10‏:12 تہ پوءِ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“
ايشور جا ٿورا مڃڻ
(لوقا 10‏:21‏-22)
25انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. 26هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“
27 # يو 1‏:18، 3‏:35، 10‏:15 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.
ڌرمي فرضن جي ادائگيءَ واري بار کان آرام
28اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس. 29#ير 6‏:16 منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو، 30ڇاڪاڻ تہ منهنجي پاڃاري ڪرپا واري آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“

Currently Selected:

متي 11: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in