YouVersion Logo
Search Icon

متي 12

12
سبت جي ڏينهن بابت سوال
(مرقس 2‏:23‏-28، لوقا 6‏:1‏-5)
1 # شر 23‏:25 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ يسوع #12‏:1 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص ڀڳتيءَ جو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ ڏينهن تي ڪوبہ ڪم ڪار ڪرڻ منع هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي چيلن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. 2تڏهن فريسين اهو ڏسي يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“ 3#1.سم 21‏:1‏-6 تنهن تي يسوع چين تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟ 4#لاو 24‏:9 هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين ڀيٽا وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا. 5#ڳا 28‏:9‏-10 ڇا اوهان نيم شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ هيڪل ۾ توڙي جو ڪاهن سبت جي ڏينهن جي پرهيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوهي نہ ٿا ليکجن؟ 6پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي. 7#مت 9‏:13، هوس 6‏:6 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها. 8ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“
سڪل هٿ وارو ماڻهو
(مرقس 3‏:1‏-6، لوقا 6‏:6‏-11)
9تنهن کان پوءِ يسوع اتان روانو ٿي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ هليو ويو. 10اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“ 11#لو 14‏:5 تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي رڍ سبت جي ڏينهن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اهو ان کي جھلي ٻاهر نہ ڪڍندو؟ 12جڏهن تہ انسان رڍ کان گھڻو وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري سبت جي ڏينهن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آهي.“ 13پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس. 14تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي.
ايشور جو مخصوص ڪيل داس
15جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو 16۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”مون بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ 17اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿيو تہ
18 # يس 42‏:1‏-4 ”ڏسو، هي منهنجو داس آهي،
جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي.
هي منهنجو پيارو آهي،
۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.
آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس،
۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.
19هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو،
نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
20هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو،
۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو.
ائين ئي هو ثابت قدم رهندو،
ايستائين جو انصاف جي سوڀ نہ ڪرائي.
21هن ۾ ئي سڀني قومن جون اميدون هونديون.“
يسوع مسيح ۽ بعل‌زبول
(مرقس 3‏:20‏-30، لوقا 11‏:14‏-23)
22پوءِ يسوع وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. يسوع ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. 23هي ڏسي سڄي خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا هي اهو تہ نہ آهي جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان اچڻ وارو آهي؟“ 24#مت 9‏:34، 10‏:25 جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار #12‏:24 بعل‌زبول يعني شيطان (ڏسو متي 10‏:25 پڻ).بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“ 25يسوع انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي. 26سو جيڪڏهن شيطان ئي شيطان کي ڪڍندو تہ ڇا سندس راڄ ۾ ڏڦيڙ نہ پوندو؟ هائو، پوءِ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪري سگھندو؟ 27جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. 28پر جيڪڏهن آءٌ ايشور جي آتما جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو راڄ اوهان وٽ اچي پهتو آهي.
29ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻلوان ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان ٻلوان ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.
30 # مر 9‏:40 جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي. 31تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ پاپ يا ايشور جي نندا جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اها هرگز نہ بخشي ويندي. 32#لو 12‏:10 جيڪڏهن ڪو منش‌پتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن #12‏:32 انتم زماني... ايندڙ نئين زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”انتم زمانو“ ۽ ”ايندڙ نئون زمانو.“انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“
جهڙو وڻ تهڙو ميوو
(لوقا 6‏:43‏-45)
33 # مت 7‏:20 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي. 34#مت 3‏:7، 23‏:33، 15‏:18، لو 3‏:7 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، #12‏:34 دل ديڳڙو زبان ڏوئي هن سنڌي چوڻي جو مطلب آيت جي اصلي مواد سان ملندڙ جلندڙ آهي.دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي. 35هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.
36آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. 37اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بي‌ڏوهي قرار ڏياريندا.“
ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر
(مرقس 8‏:11‏-12، لوقا 11‏:29‏-32)
38 # مت 16‏:1، لو 11‏:16 پوءِ ڪن نيم شاسترين ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي گرو! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“ 39#مت 16‏:4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. 40#يون 1‏:17 جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن منش‌پتر بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو. 41#يون 3‏:5 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي. 42#1.با 10‏:1‏-13، 2.توا 9‏:1‏-12 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي.“
ڀوتن جو موٽڻ
(لوقا 11‏:24‏-26)
43يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏهن اهو ويران هنڌن ۾ ڪا جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو، جتي هو آرام ڪري سگھي، پر کيس آرام نہ ٿو ملي. 44پوءِ هو چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ سو جڏهن هو موٽي اچي ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آهي، 45تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“
يسوع مسيح جي ماتا ۽ ڀائر ڪير؟
(مرقس 3‏:31‏-35، لوقا 8‏:19‏-21)
46يسوع ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماتا ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون. 47تنهن تي ماڻهن مان هڪڙي يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اوهان جي ماتا ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين.“ 48يسوع کيس وراڻيو تہ ”ڪير آهي منهنجي ماتا ۽ ڪير آهن منهنجا ڀائر؟“ 49پوءِ هن پنهنجي چيلن ڏانهن اشارو ڪري چيو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن. 50هائو، جيڪو بہ منهنجي آڪاش واري پتا جي مرضيءَ تي هلي ٿو، سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“

Currently Selected:

متي 12: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in