YouVersion Logo
Search Icon

متي 13

13
ٻج ڇٽڻ جو مثال
(مرقس 4‏:1‏-9، لوقا 8‏:4‏-8)
1انهيءَ ساڳئي ڏينهن يسوع گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي سکيا ڏيڻ لاءِ ويٺو. 2#لو 5‏:1‏-3 سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي. 3هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو. 4ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا. 5ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اتي گھڻي مٽي ڪانہ هئي، سو سلا جلدي اڀريا. پر پوري مٽي نہ هئڻ ڪري 6جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ انهن کي پاڙ نہ هئي تنهنڪري اهي سڪي ويا. 7ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. پر جڏهن ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون. 8پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ داڻا بہ ڦر هو.“ 9يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
مثالن ۾ سکيا ڏيڻ جو مقصد
(مرقس 4‏:10‏-12، لوقا 8‏:9‏-10)
10پوءِ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اوهان انهن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالهايو؟“ 11يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، 12#مت 25‏:29، مر 4‏:25، لو 8‏:18، 19‏:26 ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي. 13آءٌ انهن سان مثالن ۾ انهيءَ ڪري ڳالهايان ٿو جو اهي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي. 14#يس 6‏:9‏-10 اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت ايشور جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ
’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين،
اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“
15انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي.
اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن،
۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن،
انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن،
پنهنجن ڪنن سان ٻڌن،
۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين،
۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘
16 # لو 10‏:23‏-24 پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا. 17آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ ٻين نيڪن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٻڌو ٿا سو هو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
(مرقس 4‏:13‏-20، لوقا 8‏:11‏-15)
18 ”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ جي مثال جو مطلب سمجھو. 19اهي جيڪي آڪاش جي راڄ جو سنديش ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي. 20ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. 21پر اهو سنديش انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا. 22ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي. 23سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، ان کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ.“
ڪانڊيرن جو مثال
24يسوع ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو. 25پر هڪڙيءَ رات جڏهن سڀ ماڻهو ستا پيا هئا تہ هن جو هڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي هليو ويو. 26جڏهن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاهر ٿي پيا. 27ان ماڻهوءَ جا نوڪر وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوهان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو هو پر هي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘ 28تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ’اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي.‘ پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘ 29هن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي. 30ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“
سرنهن جي داڻي ۽ خمير جا مثال
(مرقس 4‏:30‏-32، لوقا 13‏:18‏-19)
31يسوع انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جو راڄ سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو. 32جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“
33يسوع انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جو راڄ خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن ناريءَ کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
يسوع مسيح جو مثال ڪم آڻڻ
(مرقس 4‏:33‏-34)
34يسوع ميڙن کي هي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائيندو هو ۽ مثالن کان سواءِ انهن کي ڪا ڳالهہ نہ ٻڌائيندو هو، 35#زب 78‏:2 انهيءَ لاءِ تہ جيئن سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس
۽ اهي ڳالهيون چوندس،
جيڪي سنسار جي شروعات کان وٺي
ڳجھيون رکيون ويون آهن.“
ڪانڊيرن جي مثال جي سمجھاڻي
36پوءِ يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر هليو ويو. سندس چيلا وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آهي؟“ 37تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جنهن سٺو ٻج پوکيو اهو منش‌پتر آهي 38۽ ٻني هي سنسار آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آڪاش جي راڄ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا. 39دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن دوت. 40تنهنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيا ويندا آهن تيئن قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. 41منش‌پتر پنهنجي دوتن کي موڪليندو ۽ اهي سندس راڄ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي ڀَٽڪائين ٿا ۽ نيم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا. 42اهي دوت کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا. 43پوءِ سچار پنهنجي پتا جي راڄ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
لڪل خزاني ۽ موتيءَ جا مثال
44”آڪاش جو راڄ انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.
45آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ موتين جو هڪڙو سوداگر عمدن موتين جي ڳولا ۾ رهي ٿو. 46جڏهن هو ڪو تمام عمدو موتي لهي ٿو تہ وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اهو موتي خريد ڪري ٿو.“
ڄار جو مثال
47”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ ڪي مهاڻا پنهنجو ڄار ڍنڍ ۾ اڇلائين ٿا، جنهن ۾ هر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي. 48جڏهن اهو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مهاڻا ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪناري تي ويهي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آهي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا. 49ساڳيءَ طرح قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. دوتَ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا 50۽ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اهي روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“
نيون ۽ پراڻيون شيون
51پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان هي سڀ ڳالهيون سمجھيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو.“ 52تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ نيم شاستري آڪاش جي راڄ جو چيلو ٿئي ٿو، سو پنهنجي ڄاڻ مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“
يسوع مسيح کي ناصرت وارن جو قبول نہ ڪرڻ
(مرقس 6‏:1‏-6، لوقا 4‏:16‏-30)
53جڏهن يسوع اهي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو 54۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ چمتڪار ڪرڻ جي اهڙي شڪتي ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟ 55ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماتا جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟ 56ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟ هن هي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“ 57#يو 4‏:44 سو انهن يسوع کي قبول نہ ڪيو. يسوع کين چيو تہ ”هر سنت پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“ 58هن اتي گھڻا چمتڪار نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس وشواس ئي ڪونہ هو.

Currently Selected:

متي 13: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in