YouVersion Logo
Search Icon

متي 18

18
وڏو ڪير؟
(مرقس 9‏:33‏-37، لوقا 9‏:46‏-48)
1 # لو 22‏:24 انهيءَ مهل چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ 2تنهن تي يسوع هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري 3#مر 10‏:15، لو 18‏:17 چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا. 4ڏسو، آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري 5۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“
ڀَٽڪائڻ واري لاءِ سزا
(مرقس 9‏:42‏-48، لوقا 17‏:1‏-2)
6يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي وشواس آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائيندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي. 7حيف آهي هن سنسار تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿيون. ماڻهو ڀَٽڪي تہ ضرور ويندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو ڀَٽڪي وڃي ٿو.
8 # مت 5‏:30 جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي ڀَٽڪائي تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي امر جيون ۾ داخل ٿئين. 9#مت 5‏:29 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي امر جيون ۾ ‏داخل ٿئين.“
وڃايل رڍ جو مثال
(لوقا 15‏:3‏-7)
10‏-11 # لو 19‏:10 ”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.#18‏:10‏-11 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”منش‌پتر تہ ڀَٽڪيلن کي بچائڻ لاءِ آيو آهي“ (ڏسو لوقا 19‏:10).
12ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟ 13پوءِ جڏهن هو اها رڍ لهي ٿو تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اُهي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن تن کان وڌيڪ هو انهيءَ هڪ لاءِ خوشي ڪندو. 14ساڳيءَ طرح اوهان جو آڪاش وارو پتا نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ ڀَٽڪي وڃي.“
ڏوهہ ڪندڙ وشواسي ڀاءُ ڀيڻ بابت هدايت
15 # لو 17‏:3 ”جيڪڏهن اوهان جو ڪو وشواسي ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ وشواسيءَ کي موٽائي آندو. 16#شر 19‏:15 پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي نيم ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘ 17جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ منڊليءَ کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن منڊليءَ کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير وشواسين ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“
يسوع مسيح جو چيلن کي اختياري ڏيڻ
18 # مت 16‏:19، يو 20‏:23 ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندا، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي. 19سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ پرارٿنا ڪندا تہ منهنجو آڪاش وارو پتا اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو، 20ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“
بڇڙي نوڪر جو مثال
21 # لو 17‏:3‏-4 تڏهن پطرس يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن منهنجو ڪو هم‌وشواسي منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“ 22#پيد 4‏:24 يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ بخشي ڇڏڻ لاءِ رڳو ست دفعا نہ ٿو چوان، بلڪ ستر دفعا ست ست. 23ڏسو، آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 24جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين #18‏:24 چانديءَ جا سڪا انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).چانديءَ جا سڪا قرض هئا. 25پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس پتنيءَ ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘ 26تنهن تي نوڪر پنهنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ’مون کي مهلت ڏيو. آءٌ اوهان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘ 27هن جي مالڪ کي مٿس ديا اچي ويئي سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.
28پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘ 29هن جو ساٿي پيرن تي ڪري کيس ليلائي چوڻ لڳو تہ ’مون کي مهلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘ 30پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري. 31جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون. 32تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون. 33ڇا تو کي بہ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساٿي نوڪر تي ديا ڪرڻ نہ کپندي هئي جيئن مون تو تي ڪئي؟‘ 34سو مالڪ مٿس ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين هو سمورو قرض واپس نہ ڪري.“ 35پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آڪاش وارو پتا بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“

Currently Selected:

متي 18: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in