YouVersion Logo
Search Icon

متي 19

19
طلاق خلاف چتاءُ
(مرقس 10‏:1‏-12)
1جڏهن يسوع اهي سمجھاڻيون ڏيئي چڪو تہ هو گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ علائقي جي انهيءَ حصي ۾ آيو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف هو. 2هن جي پٺيان ماڻهن جا جيڪي وڏا ميڙ پئي آيا تن مان بيمارن کي هن اتي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.
3اتي ڪي فريسي يسوع کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي پتنيءَ کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 4#پيد 1‏:27، 5‏:2 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اوهان پوِتر شاستر نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ ايشور انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو 5#پيد 2‏:24 ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.‘ 6هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“ 7#شر 24‏:1‏-4، مت 5‏:31 تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ نيم ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي پتنيءَ کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“ 8يسوع وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي آگيا ڏني تہ اوهين پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو. 9#مت 5‏:32، 1.ڪر 7‏:10‏-11 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“
10تنهن تي سندس چيلن کيس چيو تہ ”جيڪڏهن پتي پتنيءَ جو اهو حال آهي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آهي.“ 11يسوع وراڻيو تہ ”سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري نہ سگھندا. رڳو اهي قبول ڪندا جن کي ايشور کان اهڙي شڪتي مليل هوندي، 12ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آڪاش جي راڄ جي لاءِ پنهنجي شرير واري خواهش کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“
ننڍڙن ٻارن جي اهميت
(مرقس 10‏:13‏-16، لوقا 18‏:15‏-17)
13پوءِ ڪي ماڻهو يسوع وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن يسوع پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين آسيس ڪري، پر چيلن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو. 14يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“ 15يسوع انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو.
ايشور جو راڄ ۽ شاهوڪار ماڻهو
(مرقس 10‏:17‏-31، لوقا 18‏:18‏-30)
16هڪ دفعي هڪ ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي گرو! آءٌ ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان جو امر جيون ملي؟“ 17يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“ 18#خر 20‏:13‏-16، شر 5‏:17‏-20 هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ يسوع وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ 19#خر 20‏:12، شر 5‏:16، لاو 19‏:18 ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ 20تنهن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ عمل ڪندو آيو آهيان. باقي ٻيا ڪهڙا ڪم رهيل آهن؟“ 21يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22جوان مرد جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ غمگين ٿي پيو ۽ هليو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.
23تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 24آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 25جڏهن چيلن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 26يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“
27تنهن تي پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون. سو اسان کي ڇا ملندو؟“ 28#مت 25‏:31، لو 22‏:30 يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا. 29جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ امر جيون بہ ملندس. 30#مت 20‏:16، لو 13‏:30 پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“

Currently Selected:

متي 19: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in