YouVersion Logo
Search Icon

متي 20

20
انگورن جي باغ جا مزدور
1يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري. 2هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين. 3اٽڪل نائين بجي هو ٻيهر بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزدور بہ واندا بيٺا آهن. 4انهن کي چيائين تہ ’اوهين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق هوندو سو آءٌ اوهان کي ڏيندس،‘ 5تڏهن اهي بہ ويا. پوءِ منجھند جو اٽڪل ٻارهين بجي هو وري بازار ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزدور ڪيائين. هو وري اٽڪل ٽي بجي بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزدور موڪليائين. 6آخر ۾ هو پنجين بجي ڌاري وري بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻهن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو واندا بيٺا آهيو؟‘ 7انهن وراڻيو تہ ’انهيءَ ڪري جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن بہ ڪين بيهاريو آهي.‘ تنهن تي هن چين تہ ’چڱو، اوهين بہ وڃي منهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘
8 # لاو 19‏:13، شر 24‏:15 جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘ 9جيڪي ماڻهو چوٿين پهر ڪم تي بيٺا هئا تن مان هر ڪنهن کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 10تنهنڪري جيڪي ماڻهو پهريائين اچي ڪم تي بيٺا هئا انهن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انهن مان بہ هر هڪ کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 11انهن پئسا تہ کنيا پر باغ جي مالڪ خلاف ڪُرڪڻ لڳا تہ 12’اسان سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي، تڏهن بہ تو اسان کي اوتري ئي مزدوري ڏني آهي جيتري رڳو هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘ 13تنهن تي هُن انهن مان هڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آهي. ڇا تو مون سان هڪ چانديءَ جو سڪو مزدوري ڪين ٻولي هئي؟ 14جيڪي تنهنجو حق آهي سو وٺي هليو وڃ. اها منهنجي مرضي آهي تہ هن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. 15ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي ساڙ ٿو ٿئي ڇا؟‘“
16 # مت 19‏:30، مر 10‏:31، لو 13‏:30 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“
ٽيون دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(مرقس 10‏:32‏-34، لوقا 18‏:31‏-34)
17جڏهن يسوع يروشلم ڏانهن وڃي رهيو هو تہ رستي ۾ هن پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ 18”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منش‌پتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا. 19پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ڪري اٿاريو ويندو.“
هڪ ماتا جي وينتي
(مرقس 10‏:35‏-45)
20تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا پنهنجي ٻنهي پٽن سميت يسوع وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري وينتي ڪرڻ لڳي. 21يسوع کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنهن تي هُن چيس تہ ”سوامي! وچن ڪريو تہ جڏهن اوهان جو راڄ اچي تہ منهنجو هڪڙو پٽ اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويهي.“ 22تڏهن يسوع سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ 23تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پتا تيار ڪيون آهن.“
24جڏهن ٻين ڏهن چيلن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25#لو 22‏:25‏-26 تنهن تي يسوع انهن کي سڏي چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ قومن جا سردار ۽ امير ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين ۽ مٿن پورو اختيار رکن ٿا. 26#مت 23‏:11، مر 9‏:35، لو 22‏:26 پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو سيوڪ ٿئي. 27هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو اوهان جو داس ٿئي. 28ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“
ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ
(مرقس 10‏:46‏-52، لوقا 18‏:35‏-43)
29جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ هڪ وڏو ميڙ سندس پويان هلي پيو. 30ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع لنگھي رهيو آهي تڏهن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سوامي، راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“ 31خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سوامي، راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“ 32تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ انهن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڇا ٿا چاهيو جيڪو آءٌ اوهان جي لاءِ ڪريان؟“ 33انهن وراڻيس تہ ”سوامي! اسان جي اکين کي کوليو.“ 34يسوع کي انهن تي ديا اچي ويئي، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا.

Currently Selected:

متي 20: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in