YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 2

2
اڌرنگي ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 9‏:1‏-8، لوقا 5‏:17‏-26)
1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي. 2سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن يسوع انهن کي سنديش پئي ڏنو 3تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا. 4جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ يسوع ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو. 5يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ 6اتي ئي ڪي نيم شاستري بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ 7”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ 8يسوع هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ 9ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟ 10پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو يسوع اڌرنگي شخص کي چيو تہ 11”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 12تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“
لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ
(متي 9‏:9‏-13، لوقا 5‏:27‏-32)
13 يسوع وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو سکيا ڏيڻ لڳو. 14پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ #2‏:14 لاويءَ لاويءَ نالي هن شخص جو ٻيو نالو متي هو.لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
15هڪڙي دفعي جڏهن يسوع لاويءَ جي گھر رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن سندس چيلن کان علاوہ ڪيترائي #2‏:15 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي يسوع جي پٺيان ايندا هئا. 16ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ 17يسوع هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
وِرتن بابت سوال
(متي 9‏:14‏-17، لوقا 5‏:33‏-39)
18هڪڙي دفعي جڏهن يوحنا جا چيلا ۽ فريسي وِرت سان هئا تہ ڪي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يوحنا جا چيلا ۽ فريسي تہ وِرت رکن ٿا پر اوهان جا چيلا ڇو نہ ٿا رکن؟“ 19يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي وِرت رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين وِرت رکڻ جي ضرورت ناهي. 20پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ وِرت رکندا.
21ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 22ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“
سبت جي ڏينهن بابت سوال
(متي 12‏:1‏-8، لوقا 6‏:1‏-5)
23 # شر 23‏:25 سبت جي هڪڙي ڏينهن تي يسوع جڏهن پنهنجي چيلن سميت اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو، تہ ڪي چيلا رستي تي هلندي اناج جا سنگ پٽڻ لڳا. 24تنهن تي فريسين يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“ 25‏-26#لاو 24‏:9، 1.سم 21‏:1‏-6يسوع چين تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ ڀيٽا وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“ 27يسوع انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت انسانن لاءِ ٺهيو آهي، انسان سبت جي لاءِ نہ. 28ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“

Currently Selected:

مرقس 2: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in