YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 3

3
سڪل هٿ وارو ماڻهو
(متي 12‏:9‏-14، لوقا 6‏:6‏-11)
1يسوع جڏهن ٻيهر ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ داخل ٿيو تہ اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو ڏٺائين. 2ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ٿو. 3تڏهن يسوع سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ 4پوءِ هن ماڻهن کان پڇيو تہ ”موسيٰ جي نيم موجب سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي، جيون بچائڻ جائز آهي يا مارڻ؟“ پر هنن ڪجھہ بہ نہ ڪڇيو. 5يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. 6تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ يسوع جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي.
ڍنڍ تي ميڙ
7‏-8يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ يسوع عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري. 9#مر 4‏:1، لو 5‏:1‏-3 جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“ 10جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا. 11ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن يسوع کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين.“ 12پر يسوع انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“
خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪرڻ
(متي 10‏:1‏-4، لوقا 6‏:12‏-16)
13پوءِ يسوع هڪڙي پهاڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ جن چيلن کي چاهيائين تن کي پاڻ وٽ سڏيائين، جيڪي وٽس هليا آيا. 14هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي پرچار ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس 15۽ اوهان کي ماڻهن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“ 16يسوع جيڪي ٻارهن ڄڻا چونڊيا سي هي هئا: شمعون، جنهن کي #3‏:16 پطرس پطرس يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ٽڪر“ آهي (ڏسو متي 16‏:18 پڻ).پطرس نالو بہ ڏنائين، 17زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين، 18اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون #3‏:18 قوم‌پرست يهودي قوم جو هڪ ٽولو جيڪو پنهنجي قوم جي مٿان رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو، تنهن کي ”قوم‌پرست“ سڏيو ويندو هو.قوم‌پرست 19۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس.
يسوع مسيح ۽ بعل‌زبول
(متي 12‏:22‏-32، لوقا 11‏:14‏-23)
20پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي. 21هوڏانهن جڏهن يسوع جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.
22 # مت 9‏:34، 10‏:25 ڪي نيم شاستري جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”يسوع ۾ ڀوتن جو سردار #3‏:22 بعل‌زبول يعني شيطان (ڏسو متي 10‏:25 پڻ).بعل‌زبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“ 23تنهن تي يسوع انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ 24”جيڪڏهن ڪنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اهو جٽاءُ ڪري نہ سگھندو 25۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو. 26سو جيڪڏهن شيطان پاڻ ئي پنهنجي خلاف ٿي بيهي ۽ منجھس ڏڦيڙ پيدا ٿي پوي تہ هو ڪيئن بيهي سگھندو؟ هو تہ تباهہ ٿي ويندو.
27ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي تيستائين سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور شخص کي ٻڌي سوگھو نہ ڪري. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھي ٿو.
28آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جن ماڻهن جيڪي بہ پاپ ڪيا هوندا يا ايشور جي نندا جون ڳالهيون بڪيون هوندائون، تن سڀني کي معافي ملي سگھي ٿي، 29#لو 12‏:10 سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيو ويندو. اٽلندو اهي هميشہ واري پاپ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.“ 30يسوع اهو انهيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”هن ۾ ڀوت آهي.“
يسوع مسيح جي ماتا ۽ ڀائر ڪير؟
(متي 12‏:46‏-50، لوقا 8‏:19‏-21)
31ايتري ۾ يسوع جي ماتا ۽ ڀائر اچي پهتا ۽ ٻاهر بيهي يسوع کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائون. 32جيڪو ميڙ يسوع جي چوگرد ويٺو هو تنهن مان ڪن ماڻهن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوهان جي ماتا ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا اوهان کي سڏين ٿا.“ 33هن پڇيو تہ ”منهنجي ماتا ۽ ڀائر ڪير آهن؟“ 34پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، 35ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ايشور جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“

Currently Selected:

مرقس 3: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in