20
جنگ بابت احڪام
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو. 2جڏهن جنگ شروع ٿيڻ واري هجي، تڏهن ڪاهن اڳيان اچي بيهي ۽ ماڻهن سان مخاطب ٿئي. 3هو کين چوي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، سو اوهين دل نہ لاهجو. اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو ۽ نہ وري انهن کي ڏسي دهلجي وڃجو. 4خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان گڏ ٿو هلي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري اوهان کي فتح بخشي.‘
5پوءِ عملدار ماڻهن کي مخاطب ٿي چون تہ ’اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئون گھر جوڙايو هجي ۽ خيرات ڪري انهيءَ ۾ اڃا رهڻ شروع نہ ڪيو هجائين تہ اهو پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ گھر ۾ رهڻ شروع ڪري. 6جنهن ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو هجي ۽ انهيءَ جو ميوو اڃا نہ کاڌو هجائين تہ اهو بہ پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ جو ميوو کائي. 7جنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن عورت سان مڱڻو ٿيو هجي ۽ انهيءَ کي شادي ڪري وٺي نہ آيو هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ سان شادي ڪري.‘ 8عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون تہ ’جيڪو ماڻهو ڊڄڻو ۽ بيهمت هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس بني اسرائيل جا ڀائر بہ انهيءَ وانگر بيهمت ٿي پون.‘ 9پوءِ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو انهن جي لشڪر جي مٿان ڪي سالار مقرر ڪن.
10جڏهن اوهين ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي ويجھو پهچو، تڏهن پهريائين شهر وارن ڏانهن صلح جو پيغام موڪلجو. 11جيڪڏهن هو صلح منظور ڪن ۽ اوهان جي لاءِ دروازا کولي ڇڏين تہ اتي جا سڀ رهاڪو اوهان جي بيگر وهندا ۽ اوهان جا غلام ٿي رهندا. 12پر جيڪڏهن هو اوهان سان صلح نہ ڪن، بلڪ جنگ شروع ڪن، تہ پوءِ اوهين انهيءَ شهر جو گھيرو ڪجو. 13پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اهو اوهان جي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن اوهين اتي جي سڀني مردن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو. 14پر عورتون، ٻار، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر جو لُٽ وارو مال هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکجو. اوهان جي دشمنن جي لُٽ جو مال جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي، سو اوهين ڀلي پنهنجي ڪتب آڻجو. 15انهن سڀني شهرن سان اوهين ائين ئي ڪجو، جيڪي اوهان کان گھڻو پري آهن ۽ جن جو ويجھين ڪنعاني قومن سان واسطو نہ آهي.
16پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو. 17بلڪ اوهين انهن کي يعني حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏجو، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. 18انهيءَ لاءِ تہ متان اهي ڪراهت جهڙا ڪم، جيڪي هنن پنهنجي معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ سيکارين ۽ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.
19جڏهن اوهين ڪنهن شهر کي جنگ ڪري فتح ڪرڻ لاءِ گھڻي وقت تائين ان جو گھيرو ڪيو ويٺا هجو، تڏهن اوهين ڪهاڙيءَ سان انهيءَ جا وڻ وڍي نہ ڇڏجو، ڇو تہ انهن جو ميوو اوهان جي کائڻ جي ڪم ايندو. تنهنڪري انهن کي نہ وڍجو، ڇاڪاڻ تہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو ڪين آهن جو اوهين انهن کي گھيرو ڪريو. 20رڳو اهي وڻ، جيڪي اوهين سمجھو ٿا تہ کائڻ جي ڪم جا نہ آهن، سي اوهين وڍي برباد ڪري منجھائن انهيءَ شهر جي سامهون حملي واسطي ديوار تائين پهچڻ لاءِ چاڙهي ٺاهجو، جيڪو شهر اوهان سان جنگ ٿو ڪري، ايستائين جو اهو هٿ اچي.“