21
اڻڄاتل خون بابت
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو لاش ٻاهر ڪٿي پيل ملي ۽ اها خبر نہ پوي تہ کيس ڪنهن ماريو آهي، 2تڏهن اوهان جا اڳواڻ ۽ جج ٻاهر نڪري انهيءَ لاش کان وٺي آسپاس وارن شهرن تائين ماپ ڪن. 3پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاش کي سڀني کان ويجھو هجي، تنهن جا اڳواڻ هڪڙي اهڙي گابي چونڊي وٺن، جنهن کان اڃا نہ ڪو ڪم ورتو ويو هجي ۽ نہ وري اڃا تائين پاڃاريءَ ۾ جوٽي ويئي هجي. 4انهيءَ شهر جا اڳواڻ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙي برساتي نهر ۾ وٺي وڃن جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ منجھس اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي. انهيءَ برساتي نهر ۾ هو ان گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين. 5پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن. 6پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاشي کي سڀني کان ويجھو آهي تنهن جا سمورا اڳواڻ، انهيءَ گابيءَ جي مٿان، جنهن جو انهيءَ برساتي نهر ۾ ڪنڌ ڀڳو ويو آهي، پنهنجا پنهنجا هٿ ڌوئن 7۽ شاهدي ڏيندي چون تہ ’نہ اسان جي هٿان اهو خون ٿيو آهي ۽ نہ اسان جي اکين اهو خون ٿيندي ڏٺو آهي. 8سو اي خداوند! تون پنهنجي قوم بني اسرائيل، جنهن کي تو ڇڏايو آهي تنهن جو هي ڪفارو قبول ڪر. بيگناهہ جو خون تون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ.‘ تڏهن ئي انهيءَ خون جي سزا کان کين معافي ملندي. 9تنهنڪري جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ درست آهي، سو ئي ڪري اوهين بيگناهہ خون پاڻ تان ٽاري ڇڏجو.“
جنگي قيدي عورتن بابت
10”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو ۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏئي ۽ اوهين کين قيد ڪري وٺي اچو 11۽ پوءِ انهن قيدين ۾ ڪا سهڻي عورت ڏسي اوهان مان ڪنهن جي دل ساڻس شادي ڪرڻ چاهي، 12تہ اهو انهيءَ کي پنهنجي گھر ۾ وٺي اچي ۽ هن جو مٿو ڪوڙائي ۽ ننهن لهرائي ڇڏي. 13هوءَ پنهنجا قيد وارا ڪپڙا بدلائي سندس گھر ۾ رهي. هوءَ هڪڙي مهيني تائين پنهنجي ماءُ پيءُ جي لاءِ سوڳ ڪري، تنهن کان پوءِ هو ڀلي وٽس وڃي، سندس مڙس ٿئي ۽ هوءَ سندس زال ٿئي. 14پوءِ جيڪڏهن هو انهيءَ مان خوش نہ ٿئي تہ کيس ڇڏي ڏئي تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هلي وڃي. پر هو کيس پئسن تي هرگز نہ وڪڻي، نڪي ساڻس ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪري، ڇاڪاڻ تہ هوءَ ڪڏهن سندس ننگ هئي.“
پهريتي پٽ جي وراثت بابت
15”ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ زالون هجن، جن مان هڪڙي سندس وڻندڙ ۽ ٻي اڻوڻندڙ هجي ۽ انهن ٻنهي مان کيس پٽ هجن. هاڻي جيڪڏهن پهريتو پٽ سندس اڻوڻندڙ زال مان هجيس، 16تہ جڏهن هو پنهنجي ميراث پنهنجي پٽن ۾ ورهائي تڏهن سندس اڻوڻندڙ زال جو پٽ، جيڪو سچ پچ سندس پهريتو پٽ آهي، تنهن جي هوندي پنهنجيءَ وڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار نہ ڏئي. 17پر هو اڻوڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار ڏئي ۽ کيس سموري مال منجھان ٻہ حصا ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هو سندس اولاد پيدا ڪرڻ واري قوت جو پهريون ٻار آهي ۽ پهريتي هئڻ جو حق انهيءَ جو آهي.“
نافرمان پٽ بابت
18”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو پٽ ضدي ۽ فسادي هجي، جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو چيو نہ مڃيندو هجي ۽ جيتوڻيڪ هو کيس تنبيهہ ڪن تہ بہ سندن نہ ٻڌي، 19تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ کيس پڪڙي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهيءَ شهر جي اڳواڻن وٽ وٺي اچن. 20اهي شهر جي اڳواڻن کي چون تہ ’اسان جو هي پٽ ضدي ۽ فسادي آهي، جيڪو اسان جو چيو نہ ٿو مڃي. هي هٿ ڦاڙ ۽ شرابي آهي.‘ 21تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“
ٻيا مختلف قانون
22”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو گناهہ ڪيو هجي جو کيس موت جي سزا ڏيڻ واجب هجي ۽ انهيءَ کي موت جي سزا ڏيئي وڻ تي لٽڪايو ويو هجي، 23#گل 3:13 تہ انهيءَ جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي. پر اوهين انهيءَ کي ساڳئي ئي ڏينهن دفن ڪري ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي سو خداوند جي طرفان لعنتي آهي. سو ائين نہ ٿئي جو جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن کي اوهين ناپاڪ ڪريو.“