YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 22

22
1 # خر 23‏:4‏-5 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسو، تہ ڏٺي اڻ‌ڏٺي نہ ڪري ڇڏجو، بلڪ ورائي آڻي انهيءَ کي ڏجو. 2جيڪڏهن اوهان جو اهو هم‌قوم اوهان جي ويجھو نہ رهندو هجي، يا اوهين کيس نہ سڃاڻيندا هجو، تہ پوءِ اوهين انهيءَ جانور کي پنهنجي گھر آڻي بيهارجو. اهو تيستائين اوهان جي گھر ۾ هجي جيستائين اوهان جو اهو هم‌قوم انهيءَ جي ڳولا ڪندو اوهان وٽ اچي. پوءِ اوهين اهو کيس موٽائي ڏجو. 3اوهين پنهنجي قوم واري جو گڏهہ، سندس ڪپڙو يا ڪابہ ٻي گم ٿيل شيءِ، جيڪا اوهان لڌي هجي تنهن بابت ائين ئي ڪجو. اوهين انهيءَ کي ڏٺي اڻ‌ڏٺي نہ ڪري ڇڏجو. 4جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري جو گڏهہ يا ڏاند رستي ۾ ڪريل ڏسو تہ پاسو ڪري هليا نہ وڃجو، بلڪ انهيءَ کي اٿارڻ ۾ سندس مدد ڪجو.
5ڪابہ عورت مرداڻي پوشاڪ نہ پائي، نڪي وري ڪو مرد عورتن وارا ڪپڙا پائي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري تنهن کان خداوند اوهان جو خدا نفرت ٿو ڪري.
6جيڪڏهن اوهين واٽ ويندي اتفاق سان زمين تي يا وڻ تي ڪنهن پکيءَ جو آکيرو ڏسو، جنهن ۾ آنا يا ٻچا هجن ۽ مادي انهن تي ويٺي هجي تہ اوهين ٻچن کي ماديءَ سميت نہ کڻي وڃجو. 7اوهين ٻچا کڻو تہ ڀلي کڻجو پر ماديءَ کي ڇڏي ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهان جي حياتي وڌي.
8جڏهن اوهين ڪو نئون گھر ٺاهيو، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري پلويڙو ٻڌائجو، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي ۽ سندس خون اوهان جي گھر تي اچي پوي.
9 # لاو 19‏:19 اوهين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪو ٻيو فصل نہ پوکجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو پوکيل فصل ۽ انگورن جي پيداوار ٻيئي حرام ٿي وڃن.
10اوهين هر ۾ ڏاند سان گڏ گڏهہ کي نہ جوٽجو.
11اوهين اُن ۽ سڻيءَ جو گڏ اُڻيل ڪپڙو نہ پائجو.
12 # ڳا 15‏:37‏-41 جيڪا چادر اوهين پاڻ کي ويڙهيو ٿا، تنهن جي چئن ئي ڪنڊن تي هڪ هڪ جھالردار ڦندڻ لڳائجو.“
جنسي پاڪيزگيءَ بابت
13”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ساڻس هم‌بستر ٿئي ۽ پوءِ هو ساڻس نفرت ڪري 14۽ انهيءَ تي شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي کيس بدنام ڪري ۽ چوي تہ ’مون هن عورت سان شادي ڪئي پر جڏهن وٽس ويس تہ منجھس ڪنوارپ جون نشانيون نہ ڏٺم.‘ 15تڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ سندس ڪنوارپ جون نشانيون کڻي شهر جي اڳواڻن وٽ شهر جي ٻاهرين در تي نڪري اچن. 16اتي ڇوڪريءَ جو پيءُ اڳواڻن کي چوي تہ ’مون پنهنجي ڌيءَ هن ماڻهوءَ کي پرڻائي ڏني پر هي ساڻس نفرت ٿو ڪري. 17هاڻ هن مٿس شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي اٿس تہ هن منهنجيءَ ڌيءَ ۾ ڪنوارپ جون نشانيون نہ ڏٺيون آهن. پر ڏسو، منهنجي ڌيءَ جي ڪنوارپ جون نشانيون هي آهن.‘ پوءِ هو بستري واري اها چادر شهر جي اڳواڻن جي اڳيان وڇائين. 18تڏهن شهر جا اڳواڻ انهيءَ ماڻهوءَ کي پڪڙي سزا ڏين. 19هو کانئس #22‏:19 چانديءَ جا هڪ سؤ سڪا اٽڪل هڪ ڪلوگرام چاندي.چانديءَ جا هڪ سؤ سڪا ڏنڊ وٺي ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل جي هڪڙي ڪنواري ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي. پوءِ اها ڇوڪري سندس زال ٿي رهي ۽ هو سڄي حياتيءَ تائين کيس طلاق نہ ڏئي. 20پر جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي ۽ ڇوڪريءَ جي ڪنوارپ جو ثبوت نہ مليو هجي، 21تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
22جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن ٻي پرڻيل عورت سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي تہ انهن ٻنهي کي موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي بني اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
23جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري ڪنهن مرد سان مڱيل هجي ۽ شهر اندر ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ کي ڏسي ساڻس سمهي، 24تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بي‌آبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
25پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مڱيل ڇوڪريءَ کي جھنگ ۾ ڏسي زوريءَ سندس عزت لٽي، تہ پوءِ رڳو انهيءَ ماڻهوءَ کي ماريو وڃي جنهن ڇوڪريءَ جي عزت لٽي آهي. 26‏-27مگر ڇوڪريءَ کي اوهين ڪجھہ بہ نہ ڪجو. جيئن تہ انهيءَ ماڻهوءَ ان ڇوڪريءَ کي جھنگ ۾ ڏسي پڪڙيو ۽ ڇوڪريءَ رڙيون بہ ڪيون، پر اتي ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو کيس بچائي، سو انهيءَ گناهہ نہ ڪيو آهي. تنهنڪري اها موت جي لائق نہ آهي. هيءَ ڳالهہ بہ ائين ئي آهي جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حملو ڪري کيس ماري وجھي.
28 # خر 22‏:16‏-17 جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي ڏسي، جيڪا مڱيل نہ هجي ۽ انهيءَ کي پڪڙي ساڻس زوريءَ سمهي ۽ اهي ٻئي پڪڙجي پون، 29تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو ڇوڪريءَ جي پيءُ کي #22‏:29 چانديءَ جا پنجاهہ سڪا اٽڪل ڇهہ سؤ گرام چاندي.چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ڀري ڏئي. جيئن تہ هن ڇوڪريءَ کي بي‌آبرو ڪيو آهي، سو هوءَ سندس زال ٿي رهي ۽ سڄي حياتيءَ تائين هو انهيءَ کي طلاق نہ ڏئي.
30 # لاو 18‏:8، 20‏:11، شر 27‏:20 ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پيءُ جي ڪنهن بہ زال کي پاڻ سان رهائي ساڻس هم‌بستري نہ ڪري، نڪي پنهنجي پيءُ جو ننگ اگھاڙي.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in