YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 23

23
بني اسرائيل قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد هجڻ جا شرط
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ جا مرداڻا خاص عضوا چٿيل يا وڍيل هجن، سو خداوند جي قوم ۾ #23‏:1 حق حقوق رکندڙ فرد بني اسرائيل قوم ۾ بالغ مرد ئي حق حقوق رکندڙ فرد ليکيا ويندا هئا. جيتوڻيڪ انهن جي حق حقوق جي بنيادي ڳالهہ سندن قوم جي مذهبي سڃاڻپ سان واسطو رکي ٿي تہ هو خداوند جا آهن، تنهن هوندي بہ کين سياسي، سماجي ۽ فوجي حق پڻ حاصل هئا. اهي سڀيئي حق حقوق باقي ٻين يعني عورتن، ٻارن، نامردن يا منجھن رهندڙ ڌارين کي حاصل نہ هئا.حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي.
2ڪوبہ غير شرعي طور ڄاول خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي، بلڪ ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ سندس نسل مان ڪو اهڙو فرد ٿي نہ ٿو سگھي.
3 # نحم 13‏:1‏-2 اوهان وٽ رهندڙ امونين يا موآبين مان سندن ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ ڪو خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي. 4#ڳا 22‏:1‏-6 انهيءَ سبب جو جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان سان ملڻ لاءِ ڪين آيا، بلڪ اٽلندو هو بعور جي پٽ بلعام کي #23‏:4 ارام جي ندين واري علائقي فرات ۽ دجلہ ندين جو وچ وارو علائقو يعني موجودہ عراق.ارام جي ندين واري علائقي جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ جيئن اهو اوهان تي لعنت وجھي. 5#ڳا 23‏:7‏–24‏:9 پر خداوند اوهان جي خدا بلعام جي نہ ٻڌي، بلڪ اوهان جي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيائين، ڇوجو خداوند اوهان جي خدا کي اوهان سان محبت هئي. 6اوهين هميشہ هميشہ لاءِ ڪڏهن بہ انهن جي سلامتي يا خيريت نہ چاهجو.
7پر اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ادوميءَ کان نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جو عزيز آهي. اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن مصريءَ کان بہ نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سندس ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهيا هئا. 8انهن جي ٽين پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار پيدا ٿين، سي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھن ٿا.“
جنگ وقت خيمي‌گاهہ کي پاڪ رکڻ
9”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ خيما کوڙي رهيا پيا هجو، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن پليتيءَ کان بچائجو. 10جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جو رات جو خواب جي سببان ناپاڪ ٿي پيو هجي، تہ اهو خيمي‌گاهہ کان ٻاهر نڪري وڃي ۽ خيمي‌گاهہ ۾ نہ اچي. 11پر جڏهن سانجھي ٿئي تہ هو وهنجي ۽ سج لهڻ کان پوءِ ڀلي خيمي‌گاهہ جي اندر اچي.
12اوهين پاخاني ڪرڻ لاءِ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هڪڙي جاءِ مقرر ڪري ڇڏجو. 13اوهين پاڻ سان پنهنجي هٿيارن ۾ هڪڙو رنبو بہ رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اوهين ٻاهر پاخاني ڪرڻ لاءِ وڃو، تڏهن انهيءَ سان زمين کي کوٽيو ۽ اٿڻ وقت گند کي ڍڪي ڇڏيو. 14جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي بچائڻ ۽ اوهان جي دشمنن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ اوهان جي خيمي‌گاهہ ۾ پيو گھمي ٿو، تنهنڪري اوهين پنهنجي خيمي‌گاهہ کي پاڪ رکجو، متان هو اوهان ۾ گندگي ڏسي اوهان کان منهن ڦيرائي هليو وڃي.“
مختلف قانون
15”جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي اوهان وٽ اچي پناهہ وٺي تہ انهيءَ کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪجو، 16بلڪ هو ڀلي اوهان وٽ، اوهان جي وچ ۾، اوهان جي شهرن مان ڪنهن ۾ بہ، جتي وڻيس اتي رهي. اوهين انهيءَ تي ظلم نہ ڪجو.
17 # لاو 19‏:29 بني اسرائيل جي ڌيئرن يا پٽن مان ڪوبہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪندي ڪسبياڻيءَ يا لونڊي وارو ڪم نہ ڪري. 18اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.
19 # خر 22‏:25، لاو 25‏:36‏-37، شر 15‏:7‏-11 اوهين بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي وياج تي قرض نہ ڏجو. کانئس پئسن، کاڌي جي شين يا ڪنهن بہ ٻيءَ شيءِ تي وياج نہ وٺجو. 20ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي اوهين ڀلي وياج تي قرض ڏيو. پر بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ڪابہ شيءِ وياج تي اڌاري نہ ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني ڪمن ۾ اوهان کي برڪت عطا ڪري، جن ۾ اوهين هٿ وجھو.
21 # ڳا 30‏:1‏-16، مت 5‏:33 جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا. 22پر جيڪڏهن اوهان باس نہ باسي هجي تہ پوءِ اوهان تي ڪو گناهہ ڪونهي. 23جيڪي اوهان جي زبان مان نڪري سو اوهين ضرور پورو ڪريو ۽ جهڙي باس اوهان خداوند پنهنجي خدا وٽ رضا خوشيءَ سان واعدو ڪري باسي هجي تنهن موجب اها پوري ڪجو.
24جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي انگورن جي باغ ۾ وڃو، تہ جيترا انگور اوهان کي وڻن اوترا کائي پيٽ ڀريو، پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪجھہ بہ کڻي نہ وڃجو.
25جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي اناج جي بيٺل پوک ۾ وڃو، تہ اوهين هٿ سان ڀلي سنگ پٽيو، پر انهيءَ ۾ ڏاٽو نہ گھمائجو.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in