YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 32

32
1”اي زمين ۽ آسمانؤ! ڪن ڏيو جو آءٌ ڳالهايان ٿو،
اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
2جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي،
تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي.
هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي،
تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.
3آءٌ خداوند جي نالي جي تعريف پيو ڪندس،
اوهين بہ اي بني اسرائيل!
اسان جي عظيم خدا جي تعظيم ڪريو.
4اهو ئي اسان جو محافظ آهي،
سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي،
هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن،
هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي،
اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.
5پر اوهان سدائين ساڻس بڇڙي هلت ڪئي آهي،
سو انهيءَ بي‌وفائيءَ جي ڪري
اوهين سندس قوم هئڻ لائق ناهيو،
هائو، اوهين پورو نسل گمراهہ ۽ ڏنگا آهيو.
6اي بي‌عقل نادانؤ! پنهنجي ڌڻيءَ کي اهو ئي عيوض ڏيندءُ ڇا؟
ڇا هو اوهان جو ابو ۽ خالق نہ آهي،
جنهن اوهان کي هڪ قوم بڻائي قائم ڪيو آهي؟
7اوهين ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ اڳين پيڙهين تي غور ڪريو،
پوءِ پنهنجي والدين کان پڇو تہ هو اوهان کي سمجھائين،
هائو، پنهنجي بزرگن کان پڇو،
جيڪي اوهان کي ماضيءَ جو احوال ڏين.
8 # رس 17‏:26 جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو،
تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين.
هائو، هر معبود جي قوم کي
پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.
9جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي،
هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.
10خداوند هنن کي اهڙي رڻ‌پٽ ۾ لڌو هو،
جيڪو سڃو سکڻو ۽ خوفائتو هو.
تڏهن هن هر طرح سان سندن سار سنڀار لڌي،
۽ اک جي ماڻڪيءَ جيان سندن حفاظت ڪيائين.
11جيئن ڪو عقاب پنهنجي آکيري کي چوري ٿو،
۽ پوءِ ٻچن جي مٿان لامارا ڏئي ٿو،
بلڪ پنهنجا پر پکيڙي انهن تي کڻي کين بچائي ٿو،
12تيئن خداوند ئي هو جنهن پنهنجي قوم جي رهبري ڪئي،
ساڻس ٻيئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود جي مدد شامل نہ هئي.
13ملڪ جا مٿاهان علائقا بہ هن سندن قبضي ۾ ڏنا،
۽ زرخيز ٻنين جو ڦل کارايائين.
هن ٽڪر منجھان ماکي ڪڍي کين چوسائي،
۽ چقمقي جبل منجھان زيتون جو تيل مهيا ڪري ڏنائين.
14هن کين ڳئن جو مکڻ
توڙي رڍن ٻڪرين جو جھجھو کير پيئاريو،
۽ ٿلها متارا ڍور ڍڳا توڙي ٻڪر گھٽا پڻ کارايائين.
هن ڪڻڪ جي عمدي ميدي ۽ خالص مئي سان کين ڍءُ ڪرايو.
15پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا،
تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا.
پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون،
۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.
16هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري خداوند کي غيرت ڏياري،
هائو، ڪراهت وارين شين سان هنن کيس بيحد غصو ڏياريو.
17 # 1.ڪر 10‏:20 هنن ڀوتن لاءِ قربانيون ڪيون جيڪي حقيقي معبود ڪين هئا،
هائو، اهڙن ديوتائن لاءِ جن کان هو واقف ئي نہ هئا.
اهي اهڙا نوان نوان ديوتا هئا جيڪي هاڻ اچي ظاهر ٿيا هئا،
جن جي سندن ابن ڏاڏن بہ ڪڏهن تعظيم نہ ڪئي هئي.
18هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو،
هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.
19اهو ڏسندي خداوند کين رد ڪري ڇڏيو،
ڇاڪاڻ تہ جيڪي سندس پٽ ۽ ڌيئر ليکيا ٿي ويا،
تن ئي کيس ڏاڍو ڪاوڙايو هو.
20سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن،
تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس،
۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.
21 # 1.ڪر 10‏:22، رو 10‏:19 ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي.
هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي.
سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس،
هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.
22منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي،
جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي.
اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي،
۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
23آءٌ انهن تي هر طرح جي آفتن جا انبار لڳائي ڇڏيندس،
هائو، آءٌ پنهنجو هر هڪ تير انهن تي کپائي ڇڏيندس.
24اهي بکن کان ڳرندا ويندا ۽ تپ ۽ وبا سان ڀسم ٿيندا.
آءٌ انهن تي جھنگلي جانورن جا ڏند بڇي ڇڏيندس،
۽ ڌرتيءَ تي سرندڙ جيتن جو زهر ڏانهن موڪلي ڏيندس.
25ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا،
۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا،
ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها.
اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.
26مون سوچيو هو تہ آءٌ کين اهڙو تہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيان،
جو بني بشر مان سندن نالو نشان ئي مٽجي وڃي.
27پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ
متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن،
جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي،
هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘
28اي بني اسرائيل قوم! تون تہ مت کان بلڪل خالي آهين،
تو ۾ تہ ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.
29ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها،
۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.
30 خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها،
هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها،
تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها،
۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟
31اها ڳالهہ خود اسان جا دشمن بہ ڄاڻين ٿا تہ
سندن محافظ اسان جي طاقتور محافظ جهڙا ناهن.
32اسان جا دشمن سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا بڇڙا آهن،
هائو، اهي انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهن،
جنهن مان ڪؤڙا ۽ زهريلا انگور پيدا ٿيندا هجن.
33هائو، اهي اهڙيءَ مئي جيان آهن،
جهڙو نانگن، بلڪ ڪاريهر نانگ جو قاتل زهر هجي.
34ڇا دشمنن جو اهو انجام خدا وٽ محفوظ ناهي؟
هائو، اهو مُهر سان بند خدا وٽ ذخيرو ٿيل آهي.
35 # رو 12‏:19، عبر 10‏:30 هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي،
جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو.
هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا،
۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.
36 # زب 135‏:14 بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ
سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي،
ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان
ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو،
تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري
سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.
37پوءِ خداوند چوندو تہ
’اي منهنجي قوم! ڪٿي آهن اهي معبود،
جن کي اوهان پنهنجا محافظ سمجھي مٿن ڀروسو ٿي ڪيو؟
38هائو، اهي جن سدائين اوهان جي قربانين جو
سڻڀو مال پئي کاڌو ۽ اوتڻ وارين قربانين جي مئي ٿي پيتائون.
هاڻ ڀل تہ اهي اُٿي اچن ۽ اوهان جي مدد اچي ڪن،
ڀل اُهي اچي اوهان جو بچاءُ بڻجن.
39هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان،
مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي،
آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو،
اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.
40آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان،
هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ
41جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس،
۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس،
تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس،
۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.
42آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس،
پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو.
آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس،
اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘
43 # رو 15‏:10، مڪا 19‏:2 سو اي غير قومون! اوهين خدا جي قوم کي ساراهيو،
ڇوجو هو پنهنجي انهن ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندو.
هائو، جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو سزا ڏيندو،
۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ڪفارو ڏيندو.“
44اهڙيءَ طرح موسيٰ نون جي پٽ يشوع سان گڏجي اچي هي گيت منڍ کان پڇاڙيءَ تائين ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو.
45جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ٻڌائي چڪو، 46تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن. 47اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهن، بلڪ اهي اوهان جي زندگي آهن. مٿن عمل ڪرڻ جي ڪري اوهين انهيءَ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين رهندا، جنهن تي اوهين قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو.“
موسيٰ جي وفات جي جاءِ
48 # ڳا 27‏:12‏-14، شر 3‏:23‏-27 انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 49”تون هن عباريم جابلو علائقي تي چڙهي نبو جبل تي وڃ، جيڪو موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون آهي. اتان تون ڪنعان جو ملڪ ڏس، جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان. 50جنهن جبل تي تون چڙهڻ وارو آهين تنهن تي تون وفات ڪندين ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، جهڙيءَ طرح تنهنجو ڀاءُ هارون هور جبل تي مري ويو ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو. 51انهيءَ جو سبب هي آهي جو اوهان ٻنهي بني اسرائيل جي موجودگيءَ ۾، صين جي بيابان ۾ ۽ قادش جي مريباہ واري چشمي وٽ منهنجي خيانت ڪئي هئي. اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي قائم نہ رکي. 52تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪرڻ وارو آهيان سو تون پري کان پنهنجي سامهون ڏسندين، پر انهيءَ ۾ داخل ڪين ٿيندين.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in