33
موسيٰ جي دعا
1خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي. 2هن چيو تہ
”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو،
هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو،
۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو.
ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا،
سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.
3خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي،
۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن.
اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.
4خداوند جيڪا شريعت سينا جبل تي منهنجي معرفت کين ڏني،
سا اسان بني يعقوب جي لاءِ هڪڙي ميراث آهي.
5جڏهن بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ ۽ هر قبيلو اتي گڏ ٿيو،
تڏهن خداوند اچي پنهنجي پيارن جو بادشاهہ بڻيو.“
6موسيٰ روبن قبيلي لاءِ دعا گھرندي چيو تہ
”شال روبن قبيلو قائم رهي ۽ برباد نہ ٿئي،
توڙي جو هن جا پنهنجا ماڻهو ٿورا هجن.“
7يهوداہ قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ
”اي خداوند! تون بني يهوداہ جو فرياد ٻڌ،
هنن کي آڻي پنهنجي قوم جي ٻين قبيلن سان متحد ڪر.
تون ئي کين توفيق بخش ۽ دشمنن خلاف سندن مددگار ٿيءُ.“
8 #
خر 17:7، 28:30، ڳا 20:13 لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ
”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو #33:8 اُوريم ۽ ٿُميم ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“اُوريم ۽ ٿُميم آهي،
# 33:8 مساہ عبراني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”آزمائيندي.“ مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان
اهي سچا نڪتا هئا،
هائو، جڏهن #33:8 مريباہ عبراني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”جھڳڙو.“مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.
9هنن رڳو تنهنجي ئي ڳالهين تي عمل ڪيو،
۽ تنهنجي عهد کي قائم رکيائون.
ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيائون تہ
’اسين هنن جو سانگو نہ ٿا ڪريون،‘
هنن پنهنجي ٻارن کي بہ نہ سڃاتو،
نڪي پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي ئي پنهنجو ڪيائون.
10هو بني اسرائيل کي تنهنجي شريعت جا حڪم سيکارين ٿا.
هو تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙين ٿا،
۽ ساڙڻ واريون قربانيون
تنهنجي قربانگاهہ تي پيش ڪندا رهن ٿا.
11اي خداوند! تون هنن جي سگھہ ۽ قوت ۾ برڪت وجھہ،
۽ هنن جي هٿن جي پورهئي کي تون قبول فرماءِ.
جيڪي هنن جي خلاف کڙا ٿين تن جي تون چيلهہ ڀڃي ڇڏ،
تانتہ ساڻن دشمني رکندڙ وري اُٿي نہ سگھن.“
12بنيامين قبيلي بابت هن چيو تہ
”بني بنيامين خداوند جا پيارا آهن،
جيڪي وٽس سلامتيءَ سان رهن ٿا.
جيئن تہ خداوند انهن منجھہ رهي ٿو،
سو هو ڏينهن رات سندن حفاظت ڪندو رهي ٿو.“
13 # 33:13 يوسف جي ٻنهي قبيلن يوسف جي ٻن پٽن افرائيم ۽ منسيءَ مان سندن نالن پٺيان بني اسرائيل ۾ ٻہ قبيلا ٿيا. يوسف جي ٻنهي قبيلن لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ
”شال هنن جي ديس تي خداوند جي برڪت هجي،
هائو، خدا مٿان آسمان مان جھجھي برسات،
۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪري.
14شال خداوند جي برڪت سان سندن ديس
هر موسم جي عمدن ميون سان آسودو هجي.
15شال انهن جا قديم جبل ۽ سدا قائم رهندڙ ٽڪر،
جھجھن فصلن سان ڍڪيل رهن.
16 #
خر 3:2
شال سندن ديس عمدين عمدين شين سان ڀرپور هجي،
هائو، تنهن جي ئي برڪت سان
جنهن ٻرندڙ ٻوڙي مان ٿي ڳالهايو.
شال خداوند جي خيرخواهيءَ جي برڪت
بني يوسف تي نازل ٿئي،
هائو، اهو ئي يوسف جيڪو پنهنجي ڀائرن جو سردار هو.
17جيئن جوان ڍڳو يا جھنگلي سانَهہ تمام طاقتور ٿين ٿا،
تيئن بني يوسف جي طاقت ئي سندن شان آهي.
جهڙيءَ طرح جھنگلي سانُهہ پنهنجي سڱن سان حملو ڪري ٿو،
تهڙيءَ ئي طرح افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن جا لکين ماڻهو
سڀني قومن کي ڌِڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين پهچائيندا.“
18زبولون ۽ اِسڪار قبيلن لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ
”شال بني زبولون پنهنجي ٻيڙين ۾ واپار ڪندي خوش رهن،
جڏهن تہ بني اِسڪار پنهنجي خيمن ۾ گذاريندي خوش رهن.
19اُهي سمنڊ منجھان دولت حاصل ڪندا،
هائو، سمنڊ جي ڪناري تان هو اهو مال ميڙي گڏ ڪندا.
سو هو ٻين قبيلن کي پاڻ سان گڏجي خوشيون ملهائڻ لاءِ
دعوت ڏيندا ۽ اچي خدا آڏو قربانيون پيش ڪندا.“
20جد قبيلي بابت هن چيو تہ
”شال خدا سڳورو هجي، جيڪو بني جد جو علائقو وڌائي ٿو،
جتي هو اهڙي شينهن جيان گھات ۾ ويٺا آهن،
جيڪو پنهنجي شڪار جي ٻانهن بلڪ مٿو بہ ڦاڙيو ٿو ڇڏي.
21هنن پنهنجي لاءِ خاص علائقو چونڊي کنيو آهي،
ڇاڪاڻ تہ اڳواڻي ڪندڙن لاءِ اهو مقرر ڪيل هو.
هو قوم جي اڳواڻن سان گڏجي آيا،
۽ خداوند جي شريعت تي
۽ بني اسرائيل لاءِ سندس فيصلن تي عمل ڪيائون.“
22دان قبيلي بابت هن چيو تہ
”بني دان جيڪي بسن علائقي جا رهاڪو آهن،
سي اتان نڪري دشمنن تي جوان شينهن جيان حملو ڪن ٿا.“
23نفتالي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ
”بني نفتالي تنهنجي مهربانيءَ سان ڍاول آهن،
هائو، اهي تو خداوند جي برڪت سان ڀريل آهن.
شال سندن ميراث وارو علائقو وڌي
گليل ڍنڍ جي ڏاکڻي ڇيڙي تائين پهچي.“
24آشر قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ
”شال بني آشر سڀني قبيلن کان وڌيڪ سڀاڳا ٿين،
شال اهي پنهنجي همقوم ڀائرن وٽ گھڻو مقبول ٿين،
شال وٽن ايترو تہ زيتون جو تيل هجي،
جو هو رستي سان هلندي پنهنجا پير ان ۾ ٻوڙي هلن.
25شال سندن شهرن جي درن ۾ لوهہ ۽ پتل جا گز لڳل هجن،
تانتہ اهي هميشہ هميشہ تائين محفوظ رهن.“
26پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ
”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي،
جيڪو عرش کان ڪڪرن تي
حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.
27اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِپناهہ آهي،
سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن.
خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘
سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،
28سو اي يعقوب جو اولاد!
اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا،
جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي،
۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.
29اي بني اسرائيل! اوهين ڪيڏا نہ سڀاڳا آهيو!
اوهان جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي،
جنهن کي خداوند پاڻ بچايو هجي.
اهو ئي ڍال جيان اوهان جي حفاظت ٿو ڪري،
۽ اهو ئي اوهان جي حشمت واري تلوار آهي.
سو اوهان جا دشمن اوهان وٽ اچي پيش پوندا،
۽ اوهين ٽڪرن تي ٺهيل
سندن پوڄا گھرن کي لتاڙي ناس ڪندا.“