YouVersion Logo
Search Icon

خروج 21

21
غلامن بابت قانون
(شريعت جو دور 15‏:12‏-18)
1خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”جيڪي قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌائيندين سي هي آهن. 2#لاو 25‏:39‏-46 جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو. 3جيڪڏهن اوهان جو غلام ٿيڻ وقت هو پرڻيل نہ هو، تہ آزاد ٿيڻ وقت هو اڪيلو ئي ويندو. پر جيڪڏهن هو تنهنجو غلام ٿيڻ وقت پرڻيل هو تہ آزاد ٿيڻ وقت سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي. 4جيڪڏهن هن جي مالڪ کيس شادي ڪرائي هجي ۽ انهيءَ عورت مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون هجن، تہ هن جي زال ۽ ٻار سندس مالڪ جا آهن. هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو. 5پر جيڪڏهن اهو غلام صاف طرح چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي مالڪ، پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي ٻارن کي پيار ٿو ڪريان ۽ آءٌ آزاد ٿيڻ نہ ٿو گھران،‘ 6تڏهن هن جو مالڪ مون خدا کي شاهد بڻائي انهيءَ غلام کي در تي يا در جي چانئٺ تي آڻي بيهاريندو ۽ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو. پوءِ هو سڄي حياتيءَ لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.
7جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو تہ هوءَ مرد ٻانهن وانگر آزاد نہ ٿيندي. 8جيڪڏهن هن جي مالڪ ساڻس مڱڻو ڪيو هجي پر هاڻي کيس اها نہ ٿي وڻي، تہ پوءِ هو انهيءَ ٻانهيءَ کي سندس ئي خاندان ۾ وڪڻي ڇڏي. مالڪ کي اهو اختيار ڪونهي تہ هو کيس ڌارين ماڻهن ۾ وڪڻي، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ سان دوکو ڪيو آهي. 9جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻانهي خريد ڪري انهيءَ سان پنهنجي پٽ جو مڱڻو ٿو ڪري تہ پوءِ هو انهيءَ سان پنهنجي ڌيئرن جهڙو سلوڪ ڪري. 10جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻي زال ٿو پرڻجي، تہ هو پهرينءَ زال جي کاڌي، ڪپڙي ۽ زال جي حق ادا ڪرڻ ۾ ڪابہ گھٽتائي نہ ڪري. 11پر جيڪڏهن هو پهرينءَ زال جا اهي ٽيئي حق پورا نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو انهيءَ کي پئسن وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏي.“
خون بابت قانون
12 # لاو 24‏:17 ”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري وڃي، تہ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي. 13#ڳا 35‏:10‏-34، شر 19‏:1‏-13، يش 20‏:1‏-9 پر جيڪڏهن هن جو مارڻ جو ارادو نہ هو، مگر انهيءَ واقعي ۾ مون خدا جي مرضي ائين هئي، تہ پوءِ آءٌ هڪڙي جڳهہ مقرر ڪندس، جتي هو وڃي پناهہ وٺي. 14پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي‌واڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربان‌گاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.
15جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.
16 # شر 24‏:7 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.
17 # لاو 20‏:9، مت 15‏:4، مر 7‏:10 جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.
18جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ جھيڙو ڪن ۽ هڪڙو ٻئي کي پٿر يا ٺونشو هڻي ۽ هو مري نہ وڃي پر بستري داخل ٿئي، 19پوءِ جيڪڏهن اهو وري اُٿي ۽ پنهنجيءَ لٺ تي ٻاهر گھمي ڦري، تہ جنهن ڌڪ هنيو هجي تنهن کي ڇڏي ڏجي. پر هو ڌڪيءَ جو رڳو ٿيل نقصان ڀري ڏئي ۽ سندس پوريءَ طرح علاج ڪرائي.
20جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي لٺ سان اهڙو ماري جو هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گھرجي. 21پر جي مار کان پوءِ بہ غلام ڏينهن ٻہ جيئرو هجي، تہ مالڪ کي ٻي سزا نہ ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ غلام جو مرڻ سندس ئي ملڪيت جو نقصان آهي.
22جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ۽ ڪنهن پيٽ واريءَ عورت کي اهڙو ڌڪ هڻن جو کيس وقت کان اڳ ٻار پيدا ٿئي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئي، تہ ڌڪ هڻندڙ کي ايترو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوندو جيترو انهيءَ عورت جو مڙس مٿس رکي ۽ جج منظوري ڏين. 23پر جيڪڏهن ڌڪ مان ڪو ٻيو نقصان رسي تہ ان جو عيوضو هن ريت ٿئي، يعني ڌڪ هڻندڙ ساهہ جي عيوض ساهہ ڏئي. 24#لاو 24‏:19‏-20، شر 19‏:21، مت 5‏:38 هو اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ ۽ پير جي عيوض پير ڏئي. 25هن کي ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ جي سزا ملي.
26جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي هن جي اک ڪڍي وجھي، تہ هو سندس اک جي عيوض ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏي. 27جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي هن جو ڏند ڀڃي وجھي، تہ هو سندس ڏند جي عيوض ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏي.“
مالڪن جي ذميواري
28”جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن مرد يا عورت کي سڱ هڻي ماري وجھي، تہ انهيءَ ڏاند کي ضرور سنگسار ڪيو وڃي ۽ ان جو گوشت نہ کاڌو وڃي. پر ڏاند جو مالڪ بي‌گناهہ آهي. 29پر جيڪڏهن انهيءَ ڏاند کي اڳي سڱن هڻڻ جي عادت هجي ۽ ان بابت سندس مالڪ کي ٻڌايو بہ ويو هجي، تڏهن بہ هن کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي ۽ پوءِ جي اهو ڪنهن مرد يا عورت کي ماري وجھي، تہ انهيءَ ڏاند کي ضرور سنگسار ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جو مالڪ بہ ماريو وڃي. 30جيڪڏهن هن تي خون جو عيوضو رکڻ ۾ اچي، تہ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جيڪي مٿس رکيو وڃي سو هو ڀري ڏئي. 31جيڪڏهن ڏاند ڪنهن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي سڱ هڻي ماريو هجي، تڏهن بہ ساڳئي ئي حڪم موجب ڏاند ۽ مالڪ سان سلوڪ ڪيو وڃي. 32جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن جي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي ماري وجھي، تہ ڏاند جو مالڪ ٻانهي جي مالڪ کي #21‏:32 چانديءَ جا ٽيهہ سڪا اٽڪل ٽي سؤ گرام چاندي.چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڀري ڏئي ۽ ڏاند کي سنگسار ڪيو وڃي.
33جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڏ کولي يا نئين کڏ کوٽي ۽ انهيءَ کي ڍڪي نہ ڇڏي ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي، 34تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ ان جو نقصان ڀري ڏئي. هو جانور جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي ۽ مئل جانور پاڻ کڻي.
35جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڏاند ٻئي جي ڏاند کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ هو جيئرو ڏاند وڪڻن ۽ انهيءَ جي رقم ٻئي پاڻ ۾ ورهائي کڻن. هو انهيءَ مئل ڏاند کي بہ ائين ورهائين. 36پر جيڪڏهن اها خبر پئجي وڃي تہ انهيءَ ڏاند کي اڳي بہ سڱن هڻڻ جي عادت هئي ۽ سندس مالڪ ان کي ٻڌي نہ ڇڏيو هو، تہ پوءِ هو ضرور ان ڏاند جي عيوضي ۾ جيئرو ڏاند ڀري ڏئي. مئل ڏاند هو پاڻ کڻي.“

Currently Selected:

خروج 21: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in