22
عيوضي ڏيڻ بابت قانون
1”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي ۽ انهيءَ کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي. 2-4پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي.
5جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏي، پر اهو وڃي ڪنهن جي ٻنيءَ کي ڀيلي ڇڏي، تہ کيس پنهنجي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ جي ڀلي ۾ ڀلي پيداوار مان عيوضو ڀري ڏيڻو پوندو.
6جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻاريل باهہ ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي لڳي، جنهن ڪري ڪنهن جا اناج جا انبار يا سندس اناج جي بيٺل پوک يا سڄو فصل سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي.
7جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي روڪ پئسا يا ڪو ٻيو سامان امانتطور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گھر مان چورائجي وڃن، تہ پوءِ جيڪڏهن چور هٿ اچي تہ اهو چور انهيءَ کان ٻيڻو عيوضو ڀري ڏئي. 8پر جيڪڏهن چور هٿ نہ اچي تہ اهو ماڻهو جنهن وٽ سامان رکيل هو، سو مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي.
9خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو.
10جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور امانتطور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ ڪنهن شاهد جي ڏسڻ کان سواءِ اهو مري وڃي، يا ڌڪجي پوي، يا چورائجي وڃي، 11تہ انهن جي وچ ۾ مون خداوند کي شاهد بڻائي قسم سان فيصلو ڪيو وڃي، تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي. مالڪ اهو قسم قبول ڪندو ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو. 12پر جيڪڏهن جانور هن وٽان چورائجي ويو هجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو. 13جيڪڏهن انهيءَ کي جھنگلي جانورن ماري ڇڏيو هجي، تہ ان جو بچيل حصو شاهديءَ جي لاءِ کڻي اچي، پوءِ انهيءَ جي لاءِ کيس عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.
14جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪو جانور اڌارو وٺي ۽ مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ اهو ڌڪجي پوي يا مري وڃي تہ اهو ماڻهو انهيءَ جو عيوضو ضرور ڀري ڏيندو. 15پر جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اهو جانور ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهيءَ جو نقصان سندس ڀاڙي ۾ اچي ويو.“
اخلاقي ۽ مذهبي قانون
16 #
شر 22:28-29
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي جيڪا مڱيل نہ هجي، ڌُتاري وڃي ساڻس سمهي، تہ هو ضرور انهيءَ لاءِ ڏاج ڏيئي ساڻس شادي ڪري. 17جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين ڇوڪرين جي ڏاج جيترا پئسا کيس ڏئي.
18 #
شر 18:10،11 اوهين ڪنهن بہ جادوگرياڻيءَ کي جيئرو نہ ڇڏجو.
19 #
لاو 18:23، 20:15-16، شر 27:21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.
20 #
شر 17:2-7
جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي.
21 #
خر 23:9، لاو 19:33-34، شر 24:17-18، 27:19 اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. 22اوهين ڪنهن رنزال يا يتيم کي نہ ڏکوئجو. 23جيڪڏهن اوهين انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندا ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ خداوند ضرور سندن پڪار ٻڌندس. 24سو منهنجو قهر جوش ۾ ايندو ۽ آءٌ اوهان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. تڏهن اوهان جون زالون بيواهون ۽ ٻار يتيم ٿي ويندا.
25 #
لاو 25:35-38، شر 15:7-11، 23:19-20 جيڪڏهن اوهين منهنجي قوم مان ڪنهن غريب کي جيڪو اوهان وٽ رهي ٿو، ڪي پئسا اڌارا ڏيو، تہ لهڻيدار وانگر انهيءَ کي ڇڪ نہ ڪجو، نڪي کانئس وياج وٺجو. 26#شر 24:10-13 جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي چادر گروي رکو بہ تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس موٽائي ڏجو، 27ڇاڪاڻ تہ اهو ئي رڳو هن جي بدن جو اوڇڻ آهي. پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ سو جيڪڏهن هن مون کي پڪاريو تہ آءٌ سندس فرياد ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مهربان آهيان.
28 #
رس 23:5
اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو. 29اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو. 30اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو. 31#لاو 17:15 اوهين منهنجي ئي قوم آهيو، تنهنڪري جھنگلي جانورن جو ڦاڙيل گوشت نہ کائجو، بلڪ اهو ڪتن کي اڇلائي ڏجو.“