YouVersion Logo
Search Icon

خروج 24

24
عهد جي تصديق
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو. 2پوءِ تون اڪيلو ئي منهنجي ويجھو اچ، پر ٻيا ويجھو نہ اچن. تو سان گڏ قوم جو ڪوبہ ماڻهو مٿي چڙهي نہ اچي.“
3تڏهن موسيٰ ماڻهن وٽ اچي کين خداوند جون سموريون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ٻڌايا. سڀني ماڻهن هم‌آواز ٿي جواب ڏنو تہ ”جيڪي بہ ڳالهيون خداوند فرمايون آهن، سي سڀ اسين مڃينداسين.“ 4پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين. 5هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون. 6موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو ۽ ٻيو اڌ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو. 7پوءِ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو. انهن چيو تہ ”جيڪي بہ خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.“ 8#مت 26‏:28، مر 14‏:24، لو 22‏:20، 1.ڪر 11‏:25، عبر 9‏:19‏-20، 10‏:29 تڏهن موسيٰ اهو ٿالهن وارو رت کڻي ماڻهن تي ڇٽڪاريو ۽ چيائين تہ ”ياد رکو، هي انهيءَ عهد جو رت آهي جيڪو خداوند هنن سڀني ڳالهين مطابق اوهان سان ٻڌو آهي.“ 9پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا. 10انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان. 11خدا بني اسرائيل جي اڳواڻن کي نقصان ڪين پهچايو. هنن خدا کي ڏٺو ۽ کاڌائون پيتائون.
موسيٰ سينا جبل تي
12پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ ۽ تيستائين هتي رهہ جيستائين آءٌ تو کي پٿر جون تختيون نہ ڏيان. انهن تختين تي اها شريعت ۽ اُهي حڪم لکيا اٿم جيڪي ماڻهن جي هدايت لاءِ آهن.“ 13تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ 14اڳواڻن کي چيو تہ ”جيستائين اسين موٽي اچون تيستائين اوهين هتي اسان جو انتظار ڪجو. هارون ۽ حور اوهان سان گڏ آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي بہ ڪو معاملو هجي تہ اهو هنن وٽ کڻي وڃي.“
15پوءِ موسيٰ جبل تي چڙهي ويو ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو. 16خداوند جو جلال سينا جبل تي اچي لٿو ۽ ڪڪر انهيءَ کي ڇهن ڏينهن تائين ڍڪي رکيو. آخر ستين ڏينهن خداوند ڪڪر جي اندران موسيٰ کي سڏيو. 17بني اسرائيل کي جبل جي چوٽيءَ تي خداوند جي جلال جو نظارو، ساڙيندڙ باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيو. 18#شر 9‏:9 تڏهن موسيٰ ڪڪر جي اندر گھڙي، جبل تي چڙهي ويو. هو جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو.

Currently Selected:

خروج 24: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in